رسائی کے لنکس

خالصتان جي سوچ رکندڙ امرت پال سنگهه کي پوليس ڪيئن ٻڌو؟


امرت پال سنگهه امرتسر ۾ ’گولڊن ٽيمپل’ مان ٻاهر ايندي (فائيل فوٽو)
امرت پال سنگهه امرتسر ۾ ’گولڊن ٽيمپل’ مان ٻاهر ايندي (فائيل فوٽو)

ڀارتي پنجاب ۾ الڳ سک رياست ’خالصتان’ قائم ڪرڻ جي حامي تنظيم، ’وارث پنجاب دي’ جي سرواڻ ۽ عليحدگي پسند اڳواڻ امرت پال سنگهه کي آچر ڏينهن صبح جو موگا ضلعي جي هڪ گردواري منجهان گرفتار ڪيو ويو. پوليس کي 18 مارچ کان امرت پال سنگهه جي تلاش هئي.

انسپيڪٽر جنرل پوليس، سک چين سنگهه گل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امرت پال سنگهه کي موگا جي ضلعي ۾ روڊي نالي ڳوٺ مان صبح ستين بجي گرفتار ڪيو ويو.

سڪ چين سنگهه چيو آهي ته اهڙا اطلاع مليا هيا ته هو روڊي ڳوٺ جي گردواري ۾ لڪل آهي. امرت پال سنگهه کي انٽيلي جينس ۽ امرتسر جي ڳوٺاڻي پوليس جي مدد سان ٻڌو ويو.

هن چيو ته پوليس گردواري کي گهيري ۾ ورتو، پر ان جو ادب ڪندي پوليس ان ۾ اندر داخل نه ٿي. ان وقت امر پال کي پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه هئي.

ان موقعي تي ڪجهه تصويرون ميڊيا تي آيون آهن جن ۾ کيس روايتي مذهبي سفيد لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

هڪ ٻي وڊيو جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل آهي ان ۾ کيس روڊي جي گردواري ۾ مبينه طور تي خطاب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو هٿيار ڦٽا ڪندو.

پنهنجي خطاب ۾ امرت پال سنگهه چيو ته جرنيل سنگ ڀنڊاران والا (خالصتان جو حامي قتل ٿيل اڳواڻ) هتي پيدا ٿيو هو. انهيءَ هنڌ ئي سندس دستاربندي ٿي هئي. هو حياتيءَ جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. گزريل مهيني دوران جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو سڀني جي سامهون آهي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ مهينو اڳ سکن سان ڊوهه ڪيو. جيڪڏهن رڳو سندس گرفتاريءَ جو معاملو هجي ها ته شايد مارچ ۾ ئي کيس گرفتار ڪيو وڃي ها. هو پوليس جو ساٿ ڏئي ها. الله جي عدالت ۾ هو ڏوهي ناهي پر دنيا جي عدالت ۾ هو ڏوهي قرار ڏنو ٿو وڃي.

امرت پال سنگهه چيو ته هڪ مهينڳ کان پوءِ هن فيصلو ڪيو آهي ته هو هن زمين جي لاءِ ئي ويڙهي رهيو آهي. هو ان ئي سرزمين جي لاءِ وڙهندو رهندو ۽ ان کي ڪڏهن به نه ڇڏي هليو نه ويندو.

هوڏانهن ’اڪال تخت’ جي اڳوڻي جٿي دار، جسبير سنگهه روڊي دعوا ڪئي ته امرت پال سنگهه ’سرينڊر’ ڪيو آهي. ان وقت هو اتي موجود هيو.

جسبير سنگهه روڊي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امرت پال سنگهه گرفتاريءَ کان اڳ ماڻهن کي خطاب ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ گردواري مان ٻاهر آيو.

خيال رهي ته امرت پال سنگهه سکن جي لاءِ هڪ الڳ رياست، خالصتان جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

ان تي قتل جي رٿابندي ڪرڻ، قتل ڪرڻ، قانون جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ امن و امان کي نقصان پهچائڻ جا الزام آهن. هن ۽ سندس سوين حامين فيبروريءَ ۾ اجناله پوليس ٿاڻي ۾ بند پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ جي لاءِ ٿاڻي تي هلان ڪئي هئي. حملي ڪرڻ وارن جي اڪثريت هٿيارن سان ليس هيا.

امرت پال سنگهه کي قومي سلامتي ايڪٽ (اين ايس اي) هيٺ گرفتار ڪري آسام جي رياست جي ڊبروڳڙهه جيل موڪليو ويو آهي، جتي هن کان پڇا ڳاڇا ٿيندي. ڊبرو ڳڙهه ۾ امرت پال جي اٺن ساٿين کي به قيد ڪيو ويو آهي. انهن تي به ’اين ايس اي’ جا الزام مڙهيا ويا آهن.

ان قانون هيٺ ڪنهن کي به بنا ڪنهن الزام جي هڪ سال تائين قيد ڪري سگهجي ٿو.

پوليس مطابق، امرت سنگهه جا گرفتار ٿيل سمورا ساٿي ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن. اهي پنجاب جي هڪ عليحدگي پسند ديپ سڌوءَ جا حامي آهن، جنهن ’وارث پنجاب دي’ نالي تنظيم بڻائي هئي.

سال 2022 جي فيبروريءَ ۾ روڊ جي هڪ حادثي ۾ هو مري ويو هو. ان کان پوءِ دبئيءَ مان اچي امرت پال سنگهه تنظيم جي اڳواڻي سنڀالي آهي.

XS
SM
MD
LG