ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ سومر ڏينهن ڪرناٽڪ رياست جي بنگلور شهر ۾ ايئر شو جي چوڏهين ايڊيشن جو افتتاح ڪيو، جيڪو پنجن ڏينهن تائين جاري رهندو. افتتاحي تقريب ۾ 32 ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ 29 ملڪ جا ايئر چيف شريڪ ٿيا آهن.
شو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم موديءَ چيو ته ايئرو انڊيا 2023 منعقد ڪرڻ جي ڪري ڀارت جي صلاحيت ۾ واڌ آئي آهي ۽ ان ۾ 100 ملڪن جي موجودگي دنيا جي طرفان ڀارت تي ڀروسي جو اظهار آهي.
هن چيو ته هن شو ۾ 800 ادارن ۽ ’اسٽارٽ اپس’ جا اسٽال موجود آهن جي ۾ دنيا جون ڪيتريون ئي مشهور ڪمپنيون شامل آهن.
ماضيءَ ڏانهن اشارو ڪندي نريندر موديءَ چيو ته ايئر شو ڪڏهن رڳو هڪ ايئر شو هوندو هيو ۽ ان ۾ دفاع متعلق سامان وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ٻاهريان ادارا ڀارت ايندا هيا. سندس بقول، هاڻي هي صرف هڪ شو ناهي بلڪه ڀارت جي طاقت آهي.
وزير اعظم موديءَ چيو ته ڀارت دنيا جي 75 ملڪن کي دفاعي سامان برآمد ڪري رهيو آهي ۽ اميد ڏيکاري ته ڀارتي دفاعي برآمدات ايندڙ ٻن سالن ۾ پنج ارب ڊالر تائين وڌي وينديون.
خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، ڀارت جي هڪ پاسي چين ته ٻئي پاسي پاڪستان آهي ۽ ٻئي جوهري هٿيارن جا حامل ملڪ آهن. اهڙي وقت آمريڪا، روس ۽ چين کان پوءِ ڀارت وٽ دنيا جي چوٿين وڏي ايئر فورس آهي. ليڪن ان جي فضا ۾ سوويت يونين جي زماني جا جهاز آهن.
ڀارت پنهنجي فضائيه کي جديد ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ چين جي طاقت ۾ مسلسل اضافي جي سبب ان کي مقابلي جي لاءِ نون لڙاڪا جهازن جي به ضرورت آهي.
هن ايئر شو ۾ اهو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڀارت جي ايئر لائين ’ايئر انڊيا’ يورپي ڪمپني ’ايئر بس’ ۽ آمريڪا جي ڪمپني ’بوئنگ’ کان 500 جهاز خريد ڪرڻ جا معاهدا ڪري سگهي ٿي ۽ انهن معاهدن تي لڳ ڀڳ 100 ارب ڊالر خرچ ايندو.
ان کان علاوه ڪمرشل ڪمپني ’انڊيا گو’ جي حوالي سان به چيو ٿو وڃي ته اها به ڪو وڏو معاهدو ڪري سگهي ٿي.
مبصرين جي مطابق، ڀارت جون فضائي ڪمپنيون ايندڙ سالن جي دوران 1500 کان 1700 جهازن جي خريداري ڪري سگهن ٿيون.
(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)