رسائی کے لنکس

ٻين ملڪن تي حملي جي رٿابنديءَ جي لاءِ داعش افغانستان کي مرڪز بڻائي رهي آهي، رپورٽ


افغانستان ۾ داعش (فائيل فوٽو)
افغانستان ۾ داعش (فائيل فوٽو)

افغانستان منجهان غير ملڪي فوجن جي واپسيءَ جي لڳ ڀڳ ٻن سالن کان پوءِ هاڻي سامهون ايندڙ ڳجهن آمريڪي دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته شدت پسند تنظيم، داعش ٻاهرين ملڪن تي حملي جي رٿابنديءَ جي لاءِ افغانستان کي مرڪز ۽ رابطي ڪاريءَ جو ڳڙهه بڻائي رهي آهي.

آمريڪي اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ جي هڪ رپورٽ جي مطابق، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ڊس ڪورڊ’ تي آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي، پينٽاگان جي پڌري ٿيڻ وارن ڳجهن دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ داعش يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن تي حملن جي منصوبه بندي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ان جي خواهش آهي ته آمريڪي تي حملا ڪيا وڃن.

اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ جي ان رپورٽ ۾ آمريڪي انتظاميا جو ڪو موقف سامهون نه آيو آهي ته غير قانوني طور پڌرا ڪيل دستاويز ڪيتري حد تائين پريشانيءَ جو موجب بڻجي سگهن ٿا.

انهن دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي ادارن وٽ موجود ڳجهن اطلاعن موجب داعش مختلف ملڪن جي سفارت خانن تي حملن، مسيحي عبادت گاهن کي نشانو بنائڻ، ڪاروباري مرڪزن ۾ ڌماڪا ڪرڻ ۽ قطر ۾ ٿيڻ واري ’فيفا ورلڊ ڪپ’ ۾ تخريب ڪاري ڪرڻ گهري پئي.

رپورٽ جي مطابق، پينٽاگان وٽ پوئين ڊسمبر تائين موجود معلومات جي مطابق، داعش جا اڳواڻ افغانستان ۾ ويهي حملن جون لڳ ڀڳ نون رٿائون تيار ڪري چڪا هيا، جڏهن ته فيبروري تائين 15 حملن جي رٿابنديءَ جون رپورٽون مليون هيون.

واضح رهي ته بائيڊن انتظاميا انهن دستاويزن جي تصديق نه ڪري سگهي آهي. ليڪن انتظاميا جو موقف آهي ته اها دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ جي لاءَ گهربل قدم کڻي رهي آهي.

واضح رهي ته داعش 2023 ۾ ٺهڻ وارو هڪ انتهاپسند گروپ آهي جنهن شام ۽ عراق ۾ هڪ وڏي رقبي تي قبضو ڪري پنهنجي خلافت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ليڪن 2019 ۾ آمريڪا جي هڪ ڪاروائيءَ ۾ ان جو سربراه ۽ خليفو ابوبڪر البغدادي مارجي ويو هو.

پوين سالن دوران ڪيترن ئي ملڪن ۾ داعش رتو ڇاڻ وارا حملا ڪيا، ليڪن ان جي اڳواڻ جي موت کان پوءِ انهن جي حملن جي صلاحيت ۾ ڪمي آئي آهي. ليڪن هاڻي به ان کي خطرناڪ خيال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته افغانستان ۾ طالبان جي برسراقتدار اچڻ کان پوءِ هن ڪابل سميت ڪيترن هنڌن تي حملا ڪيا آهن.

طالبان دعوا ڪئي آهي ته هن داعش جي خاتمي جي لاءِ اثرائتيون ڪاروائيون ڪيون آهن. ليڪن داعش جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگهيو آهي.

XS
SM
MD
LG