رسائی کے لنکس

عمران خان جا وارنٽ برقرار، ٽرايل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

اسلام آباد هائي ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي پاران توشا خانه ڪيس ۾ سندس گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست نبرائيندي، کيس ٽرايل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اربع تي اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خان درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو.

عدالت حڪم ڏنو ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ متعلق بيان حلفي اسلام آباد هائي ڪورٽ جي بجاءِ ٽرايل ڪورٽ يعني اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ جمع ڪرائي.

اربع جي ٻڌڻيءَ ۾ وڌيڪ ڇا ٿيو؟

عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته 13 مارچ جي احڪامات کي چيلينج ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ عدالت ٽرايل ڪورٽ مان وارنٽ جاري ٿيڻ جي عمل کي رد ڪيو هو. عدالت عمران خان 13 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي، التبه عمران خان عدالت جي سامهون پيش نه ٿي سگهيو هو.

ڪيس کي ٻڌڻ واري اسلام آباد ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هو ان ڏينهن ڪاٿي هو؟

خواجه حارث چيو ته عمران خان ان ڏينهن گهر هو. 13 مارچ تي ٽرايل ڪورٽ ۾ حاضريءَ کان استثنيٰ جي درخواست ڏني هيائين. ان درخواست کي ٽرايل ڪورٽ خارج ڪري گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا هيا.

هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان شڪايت غلط طريقي سان دائر ڪئي وئي. توشا خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو تعلق رکندڙ آفيسر شڪايت درج ڪرڻ جي مجاز نه هئي. ٽرايل ڪورٽ کي آگاه ڪيو هو ته گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪرڻ جو سوال نه ٿو اٿي.فوجداري مقدمن ۽ ضمانت جي ڪيسن ۾ فرق هوندو آهي.

ان تي چيف جسٽس چيو ته ٽرايل ڪورٽ جا وارنٽ فيلڊ تي هيا ۽ اڃان به آهن.

عدالت پڇيو ته ڇا اڃان تائين درخواست ٻڌڻي جي قابل هئڻ تي بحث ٿيو آهي يا نه؟

خواجه حارث چيو ته اڃان تائين اسان جي پاران حاضريءِ کان استثنيٰ جي درخواست تي بحث ٿيو آهي. اڄ ٽرايل ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته ’ڪمپلينٽ’ ئي سماعت جي قابل ڪونهي.

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته وارنٽ ٻيهر جاري ٿيڻ جو معاملو ڪونهي. عدالت چيو هو ته 13 مارچ تي پيش ٿئي نه ته وارنٽ بحال ٿي ويندا.

خواجه حارث عدالت کي آگاه ڪيو ته عمران خان بيان حلفي ڏنو آهي ته هو عدالت ۾ پيش ٿيندو. عمران خان 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهري ٿو.

ان تي چيف جسٽس خواجه حارث کان پڇيو ته ڇا توهان پنهنجي موڪل جي ذمي داري کڻو ٿا ته هو عدالت ۾ پيش ٿيندو؟

خواجه حارث چيو ته سندس موڪل عدالت ۾ پيش ٿيندو. سندس بيان حلفي موجود آهي.

عمران خان جي وڪيل گرفتاريءَ جي وارنٽ کي معطل ڪرڻ جي التجا ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اسان ڪهڙو چهرو ڏيکاري رهيا آهيون؟ اسان ته ٻڌندا هياسين تي قبائلي علائقن ۾ ائين ٿيندو آهي. اسان دنيا کي ٻڌائي رهيا آهيون ته قانون تي عمل نه ڪنداسين. ماجسٽريٽ جي عدالت هجي يا سپريم ڪورٽ، فيصلن تي عمل ٿيڻ کپي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالتن جو احترام نه ڪيو ويندو ته قانون پنهنجو رستو وٺندو.

هن چيو ته کيس جي لاءِ جيڪو ڪجهه لاهور ۾ ٿي رهيو آهي اهو به ضروري آهي ليڪن عدالتن جي عزت ۽ احترام سڀني کان وڌيڪ ضروري آهي. قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي.

چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي وڪيل کي چيو ته توهان عدالتي فيصلي تي اعتراض ڪيو آهي پر فيصلو منهنجي ماتحت عدالت جو آهي. عدالتن جي عزت ۽ وقار تمام اهم آهي.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هڪ آرڊر ٿي ويو ته اهو ڪالعدم ٿيڻ تائين موجود رهندو آهي ۽ ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. ججن جا احڪامات صحيءَ سان جاري ٿيندا آهن. ان ڪيس ۾ ته صرف حاضري ٿيڻ لازم آهي.

هڪ موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن ’انڊرٽيڪنگ’ تي عمل ٿئي ها ته اڄ اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي ها.

عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته مون کي چيو ويو هو ته منهنجي موڪل جو هي پهريون بيان حلفي آهي جيڪو مان جمع ڪرائي رهيو آهيان.

وڪيل خواجه حارث چيو ته جيڪا صورت حال آهي اها سامهون آهي.

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو توهان جو پنهنجو ڪيل آهي. هن عدالت هڪ باعزت رستو ڏنو هو ان تي عمل نه ڪيو ويو.

خواجه حارث پاران درخواست جلد ٻڌڻ جي التجا تي چيف جسٽس چيو ته توهان جي درخواست تي اعراضات آهن، اڳ ۾ اهي ڏسي انهن تي فيصلو ڪيون ٿا.

ان کان اڳ اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس عدالت ۾ مقدمن جي رواجي ’ڪاز لسٽ’ ملتوي ڪئي هئي، جڏهن سندس ’ڪاز لسٽ’ ۾ صرف ’ارجينٽ ڪيس’ رکيا ويا هيا.

عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاريءَ جي ناقابل ضمانت وارنٽ جي منسوخيءَ جي درخواست ’ارجينٽ ڪيسن’ جي ڪاز لسٽ ۾ شامل نه هئي.

XS
SM
MD
LG