آمريڪي پاڪستاني برادريءَ جي خدمتن کي ساراهيندي، پهريون ڀيرو وفاقي سطح تي آمريڪي ڪانگريس جي هڪ رڪن، جمال بومين اربع تي ايوان نمائندگان ۾ هڪ تاريخي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ ’يوم پاڪستان’ جي موقعي تي آمريڪا ۾ به اهو ڏهاڙو ملهائڻ جي حمايت ڪئي وئي آهي.
ڪانگريس ۾ اها قرارداد پيش ڪرڻ تي پاڪستاني سفير، مسعود خان پاڪستان آمريڪا تعلقات کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽيءَ جي سهڪار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا.
پاڪستاني سفير ان ڏس ۾ قرارداد جي حوالي سان جاکوڙ ڪرڻ واريءَ تنظيم، ’امريڪن پاڪستاني ايڊووڪيسي گروپ’ جي ڪوششن کي به ساراهيو.
ڪانگريس جي رڪن جمال بومين پاڪستاني امريڪن ڪميونٽيءَ جي ميمبرن ساڻ 23 مارچ 2023 تي ’يوم پاڪستان’ ملهائڻ جي حمايت جي اظهار جي طور تي اربع جي ڏينهن هڪ اجلاس ۾ چيو ته آمريڪي پاڪستانين آمريڪا جي معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي تسليم ڪرڻ کپي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ’’ان قرارداد جي منظوريءَ ۾ مخالفت ته ٿيندي، پر هو پنهنجي ڪوشش جاري رکندو’’.
پاڪستان جي ڏهاڙي ملهائڻ جي حمايت ۾، مسٽر بومين آمريڪا ۾ رهندڙ اٺ لکن جي لڳ ڀڳ پاڪستاني آمريڪن جي ثقافتي رنگا رنگي ۽ طاقت کي به ساراهيو، ۽ کين تي زور ڀريو ته اهي آمريڪي چونڊن جي مهم ۾ حصو وٺن.
ان قرارداد جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري، ’امريڪن پاڪستاني ايڊووڪيسي گروپ’ مطابق، سندن مقصد ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته آمريڪا ۾ چونڊيل اڳواڻ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني حلقن جي ڳالهه ٻڌن، ته جيئن پاڪستاني آمريڪي ثقافت جي شراڪت داريءَ ۽ خوبصورتيءَ کي مڃرايو وڃي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي تنظيم جي اڳواڻ، علي راشد چيو ته ’’پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي هميشه کان وٺي جمهوريت، آزاديءَ ۽ محنت جي اصولن جي عزت ڪندي آهي. ان قرارداد جو مقصد اسان جي نسل کي آمريڪا ۾ پاڪستاني سڃاڻپ کان روشناس ڪرائڻ آهي’’.
(ارم عباسيءَ جي رپورٽ)