رسائی کے لنکس

جرات مند عورتون دنيا جي بهتر تعمير لاءِ سرگرم آهن، خاتون اول جل بائيڊن


آمريڪي خاتون اول جل بائيڊن حوصلي مند عورتن جي ميڙ کي وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي. 8 مارچ، 2023.
آمريڪي خاتون اول جل بائيڊن حوصلي مند عورتن جي ميڙ کي وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي. 8 مارچ، 2023.

آمريڪي خاتون اول جل بائيڊن انهن بين الاقوامي عورتن جي حوصلي افزائيءَ لاءَ وائيٽ هائوس مدعو ڪيو جن هن سال جرات مند عورتن جا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.

عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اربع ڏينهن منعقد ڪيل ان تقريب ۾ 11 اعزازي شخصيات وائيٽ هائوس ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيون، جن کي ان کان اڳ اربع جي ئي ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير پاران سالياني ايوارڊن سان نوازيو ويو.

وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي جل بائيڊن چيو ته هر هنڌ نينگرين کي اها ڳالهه ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته هتي جون عورتون سندن حقن جي لاءِ وڙهي رهيون آهن ۽ کين سوڀ ملي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ’’هتي اسان انهن ڀائرن، پيئرن، مڙسن ۽ دوستن کي اهو چوڻ جي لاءِ ڪٺيون ٿيون آهيون ته اسان کي انهن عورتن جي ضرورت آهي جيڪي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن، ۽ اسان کي وڌيڪ اهڙن مردن جي به ضرورت آهي جيڪي ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن’’.

هن سال پهريون ڀيرو هن ايوارڊ وسيلي ان گروپ کي به نوازيو ويو آهي جن کي ايران جي احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندڙ نياڻين ۽ عورتن کي ’ميڊلين آلبرائيٽ آنرري گروپ ايوارڊ’ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

پوئين سال سيپٽمبر ۾ ايران ۾ ڪرد نزاد 22 ورهن جي مهسا امينيءَ جي پوليس حراست دوران فوت ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي 31 صوبن ۾ لاتعداد عورتن ۽ نينگرين احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي.

وائيٽ هائوس ۾ منعقد تقريب
وائيٽ هائوس ۾ منعقد تقريب

گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪي سفير، لنڊا ٽامس گرين فيلڊ اربع ڏينهن ايوارڊ جو اعلان ڪندي چيو ته عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ ايراني عوام پرامن احتجاج ڪندي سڙڪن تي نڪتا، محلن ۽ ڪلاس رومز ذريعي، اپارٽمينٽ جي عمارتن ۽ ڪارن جي درين کان ٻاهر نڪري مظاهري ڪندڙن سموري ايران ۽ دنيا ۾ پنهنجو آواز بلند ڪيو، جنهن سان صنفي مساوات ۽ انساني حقن جو مطالبو ڪرڻ وارو عالمي پروگرام ترتيب ڏنو ويو. ايران جي سڀني عورتن ۽ نينگرين کي اها ڄاڻ هئڻ گهرجي ته اسان عورتون زندگي ۽ آزاديءَ جي لاءِ توهان جي لڙائيءَ ۾ توهان سان ٻٽ بيٺيون رهنديون سين.

ايوارڊ حاصل ڪرڻ وارن ۾ 11 عورتون شريڪ هيون جن ۾ صحافي، سرگرم ڪارڪن، تعليم جون ماهر، وڪيل ۽ هڪ برگيڊيئر جنرل کي انصاف ۽ مساوات جي ڳولها ۾ برطرفين، ڌمڪين، گرفتارين ۽ تشدد جو نشانو بنايو ويو.

ايران مظاهرين جي جرات جو اعتراف

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرين زان پيئر اظهار جي آزاديءَ جي بچاءَ جي لاءِ منتخب ڪيل چئن عورتن جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ايران جي ماظاهرين جي حوصلي ۽ همت جو اعتراف ڪرڻ تمام بامعني آهي.

وي او اي جي سوال جي جواب ۾ زان پيئر چيو ته اسان هتي وائيٽ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو اسان جي خيال ۾ سموري دنيا جي عورتن جي لاءِ انتهائي درجي جي اهميت رکي ٿو.

تجزيه ڪارن چيو آهي ته ان اعتراف سان ظاهر ٿئي ٿو ته بائيڊن انتظاميه ايران کي انهيءَ درجي تي ڏسڻ گهري ٿي جتي باقي دنيا پهچي چڪي آهي.

وائس آف آمريڪا، سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز ۾ انساني حقن جي کوجنا ڪندڙ، مارٽي فليڪس ٻڌايو ته ان ڳالهه جو امڪان ڪونهي ته هن ايوارڊ جي ڪري تهران ۾ اقتدار ۾ موجود ماڻهو متاثر ٿيندا، ڇو ته ملڪ جي سپريم ڪائونسل جا تقريبا سڀئي ميمبر مرد آهن.

فليڪس چيو ته اهي پنهنجي چيلينجن ۽ ملڪ تي حڪومت جي سلسلي ۾ آمريڪا يا اولهه تي الزام مڙهڻ جو ڪو ٻيو موقعو تلاش ڪري وٺندا.

سندس لفظن ۾، ’’جنهن جي به ايران جي صورت حال تي نظر رهي آهي، ان کي ان ڳالهه جي پروڙ آهي ته اتي اها تحريڪ ملڪ جي اندر شروع ٿي، ۽ منهنجي خيال ۾، ان ۾ آمريڪا کي ملائڻ جي ايراني حڪومت جي ڪوششن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندو’’.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG