رسائی کے لنکس

بغاوت جو قلم 124 خارج قرار، اڄوڪي دور ۾ اهڙي قانون جي ڪا جاءِ ڪانهي


لاهور هائي ڪورٽ (فائيل فوٽو)
لاهور هائي ڪورٽ (فائيل فوٽو)

لاهور هائي ڪورٽ بغاوت جي قلم 124 اي تعزيرات پاڪستان کي خارج قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خميس ڏينهن لاهور هائي ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد ڪريم سيڪشن 124 اي غداريءَ جي قانون جي شق کي پاڪستان جي آئين سان ٽڪراءَ وارو قرار ڏيندي منسوخ قرار ڏنو.

حڪومت جي خلاف تقريرون ڪرڻ وارن جي خلاف بغاوت جي قلم هيٺ مقدما داخل ڪرڻ جي معاملي تي جسٽس شاهد ڪريم سلمان ابو ذر نيازي سميت ٻين جي درخواستن تي محفوظ مختصر فيصلو ٻڌايو.

عدالت جي وڪيلن جي دليلن جي روشنيءَ ۾ مختصر فيصلو ٻڌائيندي، جسٽس شاهد ڪريم چيو ته ان قانون جي شق پاڪستان جي آئين سان متصادم آهي جنهن کي خارج قرار ڏنو ٿو وڃي.

درخواست ڏيندڙ ابو ذر سلمان خان نيازي ايڊوڪيٽ جي پاران موقف اختيار ڪيو ويو هو ته بغاوت جو قانون 1860 ۾ بنايو ويو هو جيڪو انگريز جي دور جي نشاني آهي. هيءُ قانون غلامن جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. بغاوت جي هن قانون کي اڃان تائين سيڪشن 124 اي جي ذريعي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان جو آئين هر شهريءَ کي اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿو.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وقت جي حڪومت جي خلاف تقريرن تي غداريءَ جو سيڪشن 124 اي لڳائڻ رائي جي آزاديءَ جي سيڪشن 10 اي جي خلاف آهي. ان هيٺ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيس درج ڪيو ويندو آهي.

ان درخواست ۾ قانون، گهري معاملن ۽ انساني حقن جي وزارتن، پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس پنجاب ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان کي ڌر ٺاهيو ويو هو.

درخواست گزار ابو ذر سلمان نيازيءَ چيو ته عدالت جي پاران مقدمي جو تفصيلي فيصلو نه آيو آهي. عدالت پنهنجي مختصر زباني فيصلي ۾ صرف اهو چيو آهي ته سيڪشن 124 اي کي غير قانوني قرار ڏنو ٿو وڃي جيڪو اظهار جي آزاديءَ جي قانون 18 سان ٽڪراءَ ۾ آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي ابو ذر سلمان نيازيءَ چيو ته بطور درخواست ڏيندڙ کيس وٽ اهڙا ڪي مصدقه انگ اکر ڪونهن ته هن قانون هيٺ ڪيترا مقدما درج ٿيا هيا.

هن چيو ته هن قانون هيٺ سياست دانن جاويد هاّشمي، ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر، فواد چوڌري ۽ صحافين خاور گهمن ۽ ارشد شريف، وڪيلن حسان نيازي سيمت ٻين فردن جي خلاف مقدما داخل ڪيا ويا هيا.

هوڏانهن قانون جي ماهر ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن، سروپ اعجاز جي خيال ۾ سياسي اڳواڻن، وڪيلن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين جو هن قانون جي باري ۾ نڪتو هي رهيو آهي ته اهو غلاميءَ جي دور جي نشاني آهي.

سروپ اعجاز چيو ته اڄ جي جديد دور ۾ هن قانون جي ڪا جاءِ ڪانهي. هن چيو ته حڪومت جي خلاف ٿيڻ ڪو ڏوهه ڪونهي، جيڪو به شخص يا جماعت حڪومت ۾ ناهي ان کي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو حق آهي.

هن چيو ته جتي به برطانوي راڄ رهيو آهي اتي اهڙا ٻيا به ڪيترا قانون ئي اڃان تائين موجود آهن، هر ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ساڳئي شڪل ۾ اهو قانون موجود آهي.

سروپ اعجاز جي راءِ ۾ ان قانون جي خاتمي سان معاشري ۾ تبديلي آڻڻ ۾ وقت لڳندو، ليڪن ان قانون کي ختم ڪرڻ درست قدم آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌريءَ هن قانون جي خاتمي کي صحيح قرار ڏنو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ فوجداري قانون جي شق 124 اي کي آئين سان ٽڪراءُ ڪندڙ قرار ڏنو آهي. هيءُ فيصلو تمام آزاديءَ جي اصولن کي تسليم ڪرڻ وارو فيصلو آهي.

ياد رهي ته هيءُ قانون مخالف آوازن کي دٻائڻ جي لاءِ سياست دانن، صحافين، سول سوسائٽي ۽ شاگردن جي خلاف استعمال ٿيندو رهيو آهي.

هيومن رائيٽس ڪميشن جو آڌرڀاءُ

هوڏانهن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) سيڪشن 124 اي کي خارج قرار ڏيڻ جي عدالتي فيصلي جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي.

ايڇ آر سي پيءَ پاران جاري ڪيل هڪ اعلان ۾ چيو ويو آهي ته اسان وڏي مدي کان اهو ئي چوندا آيا آهيون ته هيءُ قلم نوآ بادياتي دور جي ياد ڏياريندو آهي جنهن کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.

XS
SM
MD
LG