رسائی کے لنکس

شهباز شريف ۽ حمزه شريف روپين جي غير قانوني منتقليءَ جي ڪيس مان بري


وزير اعظم شهباز شريف (فائيل فوٽو)
وزير اعظم شهباز شريف (فائيل فوٽو)

لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل اربع ڏينهن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي، ٻنهين کي مقدمي مان بري قرار ڏنو آهي.

اسپيشل سينٽرل جي جج اعجاز حسن اعوان شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي بريت جون درخواستون منظور ڪيون.

اربع ڏينهن جڏهن وزير اعظم شهباز شريف سميت ٻين جي خلاف روپين جي غير قانوني ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتلقي (مني لانڊرنگ ڪيس) جي سماعت اسپيشل جج سينٽرل، اعجاز حسن اعوان جي عدالت ۾ ٿي ته ايف آئي اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر فاروق باجوه ۽ شهباز شريف جي وڪيل، امجد پرويز عدالت ۾ پيش ٿيا.

لاهور مان ضياالرحمان جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته امجد پرويز شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي حاضري جي معافيءَ جون درخواستون دائر ڪندي وزير اعظم شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ جي دوري جو شيڊول عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته وزير اعظم ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته حمزه شهباز چيلهه جي تڪليف جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. ٻنهين کي هڪ ڏينهن جي لاءِ حاضريءَ کان استثني ڏنو وڃي.

ان کان پوءِ، امجد پرويز پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته 161 جي بيانن ۾ ڪنهن به شاهد جي پاران شهباز شريف ۽ حمزه شريف کي نامزد نه ڪيو ويو آهي. عدالت گواهن جي بيانن جو رڪارڊ کولرائي ورتو آهي.

هن معاملي تي پڇا ڪندي، جج چيو ته ڇا گواه، اسلم بٽ به ڪو بيان قلمبند ڪرايو آهي؟ امجد پرويز جواب ڏنو ته تفتيش ڪرڻ وارن گواه اسلم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي چالان ۾ پيش ڪيو آهي. ايف آئي اي اسلم زيب بٽ کي شاهدن جي فهرست ۾ شامل ته ڪيو ليڪن پيش نه ڪرڻ جو به چيو آهي. اسلم زيب بٽ گواه آهي ۽ ان جو والد اورنگزيب بٽ انهيءَ ئي ڪيس ۾ ملزم آهي.

ان موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز ايڊوڪيٽ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ايل ڪي آڏواڻي ڪيس ۾ مبينه طور تي ناجائز فائدا وٺڻ جي وڊيو بيانن جي باوجود عدالت الزام تسليم نه ڪيو هو.

جج چيو ته قانون جي مطابق پراسيڪيوشن کي پنهنجو لڳايل الزام ثابت به ڪرڻو پوندو آهي.

ان تي امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ حمزه شريف جو ڪيس بريت جي لاءِ ايل ڪي آڏواڻيءَ جي ڪيس کان به وڌيڪ ٺوس وجوهات تي ٻڌل آهي. تفتيشي آفيسر ڪو به الزام ثبوت سان نه لڳايو آهي. مسرور انور جي باري ۾ هن چيو ته هو حمزه شريف جو قابل اعتماد ڪيش بوائي هيو.

ان موقعي تي ايف آئي اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر، فاروق باجوه عدالت کي ٻڌايو ته مسرور انور ملزم ميان شهباز ۽ گلزار احمد جا اڪائونٽ آپريٽ ڪندو رهيو آهي جنهن تي عدالت پڇا ڪئي ته مسرور انور گلزار جي اڪائونٽ مان ڪيتري رقم ٻاهر موڪلي؟ فاروق باجوه عدالت کي ٻڌايو ته مسرور انور شهباز شريف ۽ گلزار جي اڪائونٽن مان چار ترسيلات ڪيون.

گزريل ڏينهن ٿيندڙ حاضري ۾ ايف آئي اي عدالت کي ٻڌايو هو ته شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي اڪائونٽن ۾ براه راست پيسا جمع ٿيڻ يا ڪڍرائڻ جون شهادتون ڪونهن.

پاڪستان جي وفاقي تحقيقاتي اداري، ايف آئي اي نومبر 2020 ۾ شهباز شريف ۽ سندس پٽن حمزه شريف ۽ سلمان شهباز جي خلاف انسداد بدعنواني ايڪٽ جي دفعه 419، 420، 468، 471، 34، ۽ 109 ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي دفعع 3/4 جي تحت مقدمو درج ڪيو هو.

هي مقدمو ايف آئي اي لاهور درج ڪيو هو.

ايف آئي اي پاران شهباز شريف تي الزام لڳايو ويو هو ته هن پنهنجي پٽن حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز کي سندن آمدني۽ جي پوشيده ۽ نامعلوم ذريعن سان مال ڪٺو ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. ان سلسلي ۾ ايف آئي اي 13 ڊسمبر 2021 ۾ شهباز شريف، حمزه شريف ۽ ٻين ملزمن جي خلاف 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو چالان بينڪنگ عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.

چالان مطابق ايف آئي اي جي تحقيقاتي ٽيم 28 بي نامي بينڪ اڪائونٽس جو پتو لڳايو هو جيڪي سنه 2008 کان وٺي 2018 تائين شبهاز شريف خاندان جي ملازمن جي نالن تي چنيوٽ لاهور جي مختلف بينڪن ۾ کوليا ويا.

خيال رهي ته ان ڪيس جي سماعت دوران مسلسل غير حاضر رهڻ تي عدالت شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز کي مفرور قرار ڏنو هو، جو هن وقت برطانيه ۾ آهي.

ياد رهي تي ايف آئي اي جي طرفان هلندڙ سال 11 مئي 2022 تي عدالت ۾ هڪ درخواست جمع ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ پراسيڪيوٽر، سڪندر ذوالقرنين سليم چيو هو ته استغاثه کي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي، ڇو ته شهباز شريف ۽ حمزه شريف هاڻي عوامي عهدا سنڀاليا آهن، جنهن کي عدالت ڪاروائيءَ جو حصو بڻايو هو.

XS
SM
MD
LG