لاهور هائي ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابنديءَ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تازو هڪ حڪم نامي جي ذريعي عمران خان جي ميڊيا تي تقريرن نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي هئي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي ضياالرحمان مطابق، لاهور هائي ڪورٽ خميص ڏينهن پيمرا جي پابنديءَ کي هٽائيندي، معاملو فل بينچ کي موڪلي ڇڏيو آهي.
لاهور هائي ڪورٽ جو فل بينچ ان معاملي جي ٻڌڻي 13 مارچ تي ڪندو.
پيمرا آچر ڏينهن هڪ اعلان ۾ چيو هو ته عمران خان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، ان ڪري ٽيلي ويزن چينلز عمران خان جي رڪارڊ ڪيل يا براه راست ڪو بيان، گفتگو يا خطاب نشر نه ڪري سگهندا.
ان پابنديءَ کان پوءِ خانگي نشرياتي اداري، آي آر واءِ نيوز جي طرفان عمران خان جي تقرير هيڊلائنز ۾ ڏيکاڻ تي ان جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو هو جنهن کي بعد ۾ بحال ڪيو ويو.
خيال رهي ته خميص ڏينهن ئي پيمرا ملڪ ۾ ججن جي ڪنڊڪٽ جي متعلق خبرن ۽ تجزين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
پيمرا جي پاران نيوز چينلز کي هڪ هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي ته هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي ڪنڊڪٽ متعلق نيوز بليٽن ۽ ٽاڪ شوز تي مواد نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي.
عمران خان جي خطاب تي پابندي ۽ نشرياتي اداري، اي آر واءِ جي لائسنس روڪڻ تي ايسو سي ايشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊا) هڪ بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان جو آئين هر فرد کي قانوني ضابطن جي مطابق تقرير ۽ تحرير جي اجازت ڏئي ٿو. ڪنهن سياسي اڳواڻ جي تقرير يا گفتگو نشر ڪرڻ کان روڪ غير قانوني عمل آهي.
پاڪستان ۾ اهو پهرون ڀيرو نه ٿيو آهي ته ڪنهن سياسي اڳواڻ جا بيان نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هجي.
ماضيءَ ۾ به اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف فوج جي ان وقت جي سربراه جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ملڪ جي طاقت ور ترين خفيه ايجنسي، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس آئي) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي هڪ تقرير دوران الزام عائد ڪيا هيا.
سندس خطاب کان پوءِ ان وقت پيمرا اهڙيون ئي هدايتون جاري ڪيون هيون جن ۾ نواز شريف جي تقريرن نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.
ان کان سواءِ متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) جي باني الطاف حسين جي طرفان 2016 ۾ رياست مخالف تقرير ڪرڻ تي عدالتي حڪم کي سامهون رکندي سندس خطاب نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. بعد ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي بانيءَ کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو. الطاف حسين تي گزريل ڪيترن سالن کان پابندي برقرار آهي.