رسائی کے لنکس

ڀارتي ڪشمير ۾ ويڙهاڪن جي اڳواڻي ڪندڙ پاڪستان ۾ قتل. معاملو ڇا آهي؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڀارت جي انتظام ھيٺ ڪشمير ۾ عسڪري تحريڪ سان ماضي ۾ واسطو رکندڙ ھڪ تعليمي ماهر سيد خالد رضا جي قتل کان پوءِ اهو بحث ڇڙي ويو آهي ته ھڪ ھفتي دوران ملڪ ۾ غير فعال جهادي گروپن سان لاڳاپيل ٻن اهم اڳواڻن جي قتل ۾ آخر ڪير ملوث آهي؟

ڪراچيءَ جي علائقي گلستان جوهر ۾ 55 ورهين جي خالد رضا کي سندس گهر آڏو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هو ڪراچي جي پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي تنظيم جو اڳواڻ ۽ ’دارلارقم اسڪول’ ڪراچي ريجن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته خالد رضا جو قتل ڦر جو واقعو نه پر ٽارگيٽ ڪلنگ آهي ڇو ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن ڪا به ڦرلٽ ناهي ڪئي.

ڪراچي ۾ جهادي تنظيمن سان لاڳاپيل حلقن جو چوڻ آهي ته خالد رضا جو تعلق جماعت اسلاميءَ سان هو ۽ ماضيءَ ۾ ھو ڀارتي انتظام ھيٺ ڪشمير ۾ ’البدر مجاهدين‘ جو ڪمانڊر رھي چڪو هو، پر ڳچ وقت کان وٺي جهادي سرگرمين کان پري هو.

خالد رضا جي قتل کان 6 ڏينهن اڳ اسلام آباد ويجھو هڪ اهڙي ئي ڪارروائي ۾ ڪشمير جي جهادي تنظيم ’حزب المجاھدين’ سان لاڳاپيل اهم ڪمانڊر بشير احمد پير عرف امتياز عالم مارجي ويو هو.


بشير احمد جي نمازِ جنازه اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن جي امامت ڪشميرجي عسڪريت پسندي ۾ فعال تنظيمن جي اتحاد ’متحده جهاد ڪائونسل’ جي سربراه سيد صلاح الدين ڪئي.

ڀارت جي زير انتظام ڪشمير مان شائع ٿيندڙ رسالي ’چٽان’ موجب گزريل سال آڪٽوبر ۾ هندستان جي مرڪزي حڪومت بشير احمد کي دهشتگرد قرار ڏنو هو.

ڪشمير ۾ عسڪري ڪاروائين ۾ سرگرم رھندڙ هڪ ٻيو اڳوڻو ڪمانڊر گزريل سال مارچ ۾ ڪراچيءَ جي اختر ڪالونيءَ ۾ مارجي ويو هو. زاهد آخوند عرف مستري ظهور فرنيچر جو دڪان هلائيندو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب زاهد آخوند ڪشمير ۾ سرگرم ويڙهاڪ تنظيم ’جيش محمد’ سان لاڳاپيل ڪمانڊر هو، جيڪو 1999ع ۾ ايئر انڊيا جي جهاز کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث هو.

قتل جي واقعن پٺيان ڪير آهي؟

پاڪستان ۾ جهادي تنظيمن جي معاملن تي ويجھي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته جهادي گروپن سان لاڳاپيل ماڻهن جو قتل هڪ ڳجھارت بڻيل آهي.

لاهور ۾ رھندڙ صحافي ۽ محقق ماجد نظامي پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان ڪشمير ۾ سرگرم جهادي تنظيمن جو مطالعو ڪري رهيو آهي. وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيئن ته ڪو به گروهه اهڙين ڪاررواين جي ذميواري قبول نٿو ڪري، تنھن ڪري انهن جي محرڪ کي سمجهڻ لاءِ مختلف حقيقتن ۽ واقعن کي ڳنڍي پرکڻو پوندو.

ماجد نظامي جو چوڻ آهي ته هڪ سال ۾ ٿيندڙ انهن واقعن ۾ هڪ عام ڳالهه اھا آهي ته مارجي ويلن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪشمير جي عسڪريت پسنديءَ سان آهي، ۽ اڪثر واقعن ۾ انهن جون خبرون ڀارتي ميڊيا مان آيون آهن.

هن چيو ته ”مقتول اڳواڻن جي جنازن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهين مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته مقتولن جي زندگين کي ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ’را’ مان خطرو هو.

ڇا خالد رضا جي قتل ۾ سنڌ جي عليحدگي پسند تنظيم ملوث آهي؟

سنڌ جي عليحدگي پسند تنظيم، سنڌو ديش ريولوشنري آرمي (ايس آر اي) خالد رضا جي موت جي ذميواري قبول ڪندي، سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مذهبي انتها پسند دهشت گرد تنظيم البدر جي ڪارڪن ۽ مبينه طور تي پاڪستاني ايجنسين جي ايجنٽ خالد رضا کي قتل ڪرڻ جي ذمي داري قبول ڪريون ٿا.

ايس آر اي تي پاڪستان حڪومت مئي 2020 ۾ تخريب ڪاري ۽ رياست مخالف سرگرمين جي الزام ھيٺ پابندي لڳائي ڇڏي هئي.

قانون لاڳو ڪندڙ سينئر اهلڪار ۽ جهادي تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻھو ايس آر اي جي دعوائن کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهن.

ڪراچي جي هڪ انٽيلي جنس آفيسر موجب، ايس آر اي پاران اڳوڻي جهادي اڳواڻ جي قتل جي ذميواري قبول ڪرڻ ان ڪري اهم آهي جو جماعت اسلامي سان تعلق جي باوجود اڪثر ماڻهن کي خالد رضا جي جهادي پس منظر بابت خبر ئي نه ھئي.

نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هن ٻڌايو ته خالد رضا جي قتل جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ فوري طور تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي آيا ڀارتي ايجنسي ايس آر اي کي خالد رضا بابت ڄاڻ ڏني يا ايس آر اي ذميواري قبول ڪري تحقيق جو رخ ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.


هن چيو ته ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد ۾ ماضي جي جهادي اڳواڻن جو موت هڪ ئي سلسلي جي ڪڙي لڳي ٿو.

مجيد نظاميءَ جو پڻ خيال آهي ته ايس آر اي پاران خالد رضا جي قتل جي ذميواري قبول ڪرڻ کانپوءِ ان ۾ "را" جي ملوث هجڻ جا اشارا ملي رهيا آهن.

هن چيو ته قتل جي ھاڻوڪن واقعن کان پوءِ ڪشمير جي عسڪريت پسندي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ اڳواڻن پنھنجون سرگرميون گهٽائي ڇڏيون آهن.

واضح رهي ته ننڍن وڏن 16 جھادي گروھن ۾ حزب المجاهدين، لشڪر طيبه، جيش محمد ۽ البدر مجاهدين اُھي اھم تنظيمون آهن جيڪي هندستاني انتظام هيٺ ڪشمير ۾ سرگرم آهن.

پاڪستان حڪومت گزريل 20 سالن ۾ حزب المجاهدين کان سواءِ سڀني جهادي تنظيمن تي پابندي مڙھي چڪي آهي.

"جهادي ڪارڪن پاڪستاني جهادي تنظيمن کي سرڪاري تنظيمون سڏين ٿا"

ڪشمير جي جهادي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پلواما حملي تي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ 32 سالن جي هٿياربند تحريڪ دوران پهريون ڀيرو 2019 ۾ پاڪستان ڪشمير ۾ سرگرم جهادي تنظيمن جون سرگرميون بند ڪيون آھن.

قاري رشيد (فرضي نالو) 2018 تائين جيش محمد سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪشمير وڃي چڪو آهي. هاڻ هو گزريل چئن پنجن سالن کان ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙو مدرسو هلائي رهيو آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته "پاڪستاني جهادي تنظيمن جي اڳواڻن رياست جي چوڻ تي ۽ ملڪ کي ايف اي ٽي ايف جي ’گري لسٽ’ مان ڪڍڻ لاءِ پاڻ مرادو ئي ڪشمير ۾ پنھنجون سرگرميون بند ڪيون آهن، جنهن جو فائدو پاڪستان کي ٿيو آهي پر جهادي تنظيمن ۾ ھيٺين سطح جا ميمبر ان کي ’ڪشمير ڪاز’ سان غداري ڪوٺي رھيا آھن.

قاري رشيد موجب سرگرم جهادي ڪارڪن پاڪستاني جهادي تنظيمن کي ٺٺول وچان "سرڪاري جهادي تنظيمون" چون ٿا.

هن چيو ته آگسٽ 2020ع ۾ ڀارتي حڪومت پنهنجي انتظام هيٺ ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪيو ته پاڪستان ۾ موجود جهادي تنظيمون ان تي خاموش رهيون، جنهن سبب ڪشميرجي جهادي تنظيمن مان نوجوانن جو وڏو انگ ’القائده بر صغير’ ۽ داعش جهڙين تنظيمن ۾ شامل ٿي ويو.

ڪشميري عسڪريت پسنديءَ جو مطالعو ڪندڙ ماهر چون ٿا ته جولاءِ 2016ع ۾ ڀارتي فوج هٿان ’حرکت مجاهدين’ سان لاڳاپيل نوجوان ويڙهاڪ برهان واني جي قتل ڪشميري عسڪريت پسندي جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

قاري رشيد موجب ”برهان واني جي موت کان پوءِ حزب المجاهدين جي ڪمانڊر ذاڪر رشيد بٽ (جيڪو ذاڪر موسيٰ جي نالي سان مشھور ھو) مئي 2017 ۾ پاڪستان جي حامي تنظيم حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ الزام هنيو ته پاڪستاني جهادي تنظيمن ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي سياسي تحريڪ بڻائي ڇڏيو آهي’’.

ذاڪر موسيٰ جي ان ڌمڪيءَ کانپوءِ حزب المجاهدين کيس تنظيم مان ڪڍي ڇڏيو ھو، جنهن بعد هن ’انصار غزوه هند‘ نالي هڪ تنظيم ٺاهي، جيڪا باضابطه طور ’القاعده برصغير’ سان ملي وئي.

مئي 2019 ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ھٿان ذاڪر موسيٰ جي مارجڻ کانپوءِ هارون عباس نالي نوجوان کي ’القائده برصغير’ پاران ’انصار غزوة هند‘ جو سربراهه بڻايو ويو هو.

واضح رهي ته ’داعش خراسان’ ڊسمبر 2017 ۾ ڪشميري ويڙهاڪن جي حمايت لاءِ هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ’انصار غزوة هند’ سميت ڪشميري تنظيمن کي داعش ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ پڻ ڪئي هئي.

ان تي پنهنجي رد عمل ۾ حزب المجاھدين اڳواڻ سيد صلاح الدين چيو هو ته ”ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد هڪ مقامي جاکوڙ آهي، جنهن جي ڪا به بين الاقوامي ايجنڊا ناهي، تنهن ڪري ڪشمير ۾ داعش يا القائده جهڙين تنظيمن لاءِ ڪا جاءِ ڪانهي’’.

(ضيا الرحمان خان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG