ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ خميس ڏينهن برطانوي وزير اعظم رشي سونڪ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ برطانيه ۾ موجود مبينه ڀارت مخالف عناصر جي خلاف ڪاروائيءَ جي اپيل ڪئي.
حڪومت جي بيان مطابق، هن رشي سونڪ جي سامهون برطانيه ۾ ڀارتي سفارت خاني جي سيڪيورٽيءَ جو معاملو اٿاريو.
پوئين مهيني پنجاب جي خالصتان جي حامي تنظيم ’وارث پنجاب دي‘ جي اڳواڻ امرت پال سنگهه جي خلاف پنجاب پوليس جي ڪاروائيءَ کان پوءِ مبينه خالصتان نواز ماڻهن لنڊن ۾ ڀارتي سفارت خاني جي ٻاهران ٻه ڏينهن اڳ احتجاج ڪيو هو ۽ ڀارتي جهنڊو لاهي خالصتاني جهنڊو لهرايو هو، جنهن کان پوءِ سفارت خاني جي عملي ان کي هٽائي ڀارتي جنهڊو لڳايو هو.
مظاهري ڪندڙن سفارت خاني ۾ داخل ٿيڻ واري دروازي تي بوتلون هنيون ۽ دوهون پيدا ڪندڙ شيون اندر اڇلايون هيون.
ان موقعي تي ڀارت ناراضگي ظاهر ڪئي هئي ۽ نئين دهليءَ ۾ برطانوي سفارت خاني جي سينئر سفارت ڪار کي پرڏيهي وزارت ۾ سڏائي سخت احتجاج درج ڪرايو ويو هو.
ڀارتي انتظاما نئين دهليءَ ۾ برطانوي هائي ڪميشن جي عمارت ۽ برطانوي هائي ڪمشنر جي رهائش گاه جي ٻاهران سيڪيورٽي محدود ڪري ڇڏي هئي.
حڪومت جي بيان مطابق رشي سونڪ نريندر موديءَ کي چيو ته ڀارتي هائي ڪميشن تي حملو برطانيه جي لاءِ قابل قبول ناهي ۽ ان جي عملي کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي يقيني دهاني ڪرائي.
وزير اعظم سونڪ جي دفتر مان جاري ٿيڻ واري بيان جي مطابق، هن ڀارتي سفارت خاني جي ٻاهران ٿيڻ واري تشدد کي ناقابل قبول قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته برطانيه ۾ انتها پسنديءَ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانهي. هن هائي ڪميشن جي عملي جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ کنئيل قدمن کان کيس آگاه ڪيو.
خميس تي نئي دهليءَ ۾ پرڏيهي وزارت جي بريفنگ ۾ برطانيه ۾ خالصتان جي حمايت ڪندڙ عناصر جي خلاف ڪاروائيءَ جو معامو اٿاريو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندم باگچيءَ چيو ته ڀارت انهن ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهري ٿو جن لنڊن ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جا ٻاهران تشدد ڪيو هو.
سندس مطابق، ڀارت برطانيه تي زور ڀريندو رهيو آهي ته اهو لنڊن ۾ ڀارتي سفارت خاني ۽ ان جي اٽالي جي سلامتيءَ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ گهربل قدم کڻي.
ميڊيا رپورٽن جي مطابق اهو معاملو اربع ڏينهن نئين دهليءَ ۾ ٿيڻ واري ’ڀارت برطانيه هوم افيئرز ڊائلاگ’ دوران به اٿاريو ويو جنهن ۾ ڀارت برطانيه ۾ خالصتان جي حمايتي عناصر جي پاران پناه گزين هئڻ جو ناجائز فائدو وٺڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ان برطانيه ۾ موجود انتها پسندن تي نظر رکڻ جي سلسلي ۾ سهڪار تي زور ڏنو.
هوڏانهن موديءَ سک برادريءَ جي ڏڻ، بيساکيءَ جي موقعي تي رشي سونڪ ۽ برطانيه ۾ ڀارتي برادريءَ کي مبارڪون پيش ڪيون. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي رضامندي به ظاهر ڪئي.
(سهيل انجم جي رپورٽ)