رسائی کے لنکس

جرمني: هيمبرگ جي چرچ ۾ فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا


هيمبرگ شوٽنگ
هيمبرگ شوٽنگ

جرمنيءَ جي اترئين شهر هيمبرگ ۾ خميص ڏينهن مسيحي گروپ ’يھوواه وٽنيس’ جي چرچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مبينه حملي آور سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آھن.

پوليس ترجمان ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو جرمنيءَ جي ٻئي وڏي شهر گروس بورسٽل ڊسٽرڪٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن، انھن مان ڪن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جمعي تي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فائرنگ ڪندڙ هڪ ئي شخص هو جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس چيو آهي ته ان ڳالھ جو امڪان ناهي ته فائرنگ ڪندڙ شخص فرار ٿي ويو هو. کين شڪ آهي ته فائرنگ عمارت مان ئي ڪئي وئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته مجرم پڻ مارجي ويلن ۾ شامل ھجي.

خبرن جي ايجنسي، ايسوسي ايٽڊ پريس موجب اتان جي ھڪ رهواسي لورا باخ ٻڌايو ته هن جڏهن پنهنجي دريءَ مان عمارت ڏانھن ڏٺو ته کيس پھرين منزل کان ٻيءَ ماڙ ڏانھن ڀڄندڙ هڪ شخص نظر آيو.

عمارت جي ڀرسان رهندڙ گريگور مائسباخ فائرنگ جو آواز ٻڌڻ کان پوءِ واقعي کي پنهنجي گهر کان فون تي رڪارڊ ڪيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص دريءَ مان عمارت ۾ داخل ٿيو، تنھن کان پوءِ اندران فائرنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

گريگور ھڪ جرمن ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته هن 25 گوليون ھلڻ جو آواز ٻڌو. هن چيو ته پوليس جي پهچڻ کان پنج منٽ پوءِ هن آخري گوليءَ جو آواز ٻڌو.

واضح رهي ته هال ۾ هلندڙ تقريب بابت پوليس کي ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي هئي.

يھووا وٽنيس هڪ بين الاقوامي چرچ آهي جنھن کي آمريڪا ۾ 19 صديءَ ۾ قائم ڪيو ويو ھو. ان جا اٽڪل 87 لک ميمبر آهن ۽ جرمنيءَ ۾ انهن جو انگ اٽڪل ھڪ لک 70 هزار آهي.

هن فرقي جا ميمبر تبليغ جي حوالي سان ڄاتا وڃن ٿا. ھي گھر گھر توڙي رستن ۽ چوواٽن تي لٽريچر ورهائيندا آهن. ھن فرقي جي اهم روايتن ۾ هٿيار کڻڻ کان انڪار، رت جو عطيو قبول ڪرڻ، قومي جھنڊي کي سلامي ڏيڻ ۽ سيڪيولر حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت شامل آهي.

XS
SM
MD
LG