رسائی کے لنکس

الظواهريءَ جي موت تي چپ، طالبان چيو آهي ته اسان دهشت گرديءَ جي خلاف عزم تي قائم آهيون


عبد السلام حنفي (فائيل فوٽو)
عبد السلام حنفي (فائيل فوٽو)

افغانستان جي طالبان آمريڪا پاران آچر ڏينهن ڊرون حملي ۾ القاعده جي روپوش سربراه ايمن الظواهريءَ کي مارڻ جي مذمت ڪئي آهي، ليڪن چيو آهي ته هنن کي اهڙي ڪنهن هدف جو اڃان تائين ڪو اطلاع ڪونهي.طالبان دهشت گرديءَ جي خاتمي جي عزم کي دهرايو آهي.

عبدالسلام حنفي، جيڪو طالبان جو ٻيو نائب وزير اعظم آهي، اهو بيان افغان گاديءَ واري هنڌ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي ڏنو آهي، جنهن کي اسلام پسند حڪمرانن جو پهريون سرڪاري رد عمل چيو پيو وڃي جيڪو هنن دهشت گردن جي ماسٽر مائينڊ جي آمريڪي فضائي ڪاروائيءَ ۾ مارجي وڃڻ تي جاري ڪيو آهي، جنهن جي تصديق آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪئي هئي.

ظواهريءَ جي ڪابل جي امير ترين رهائشي علائقي ۾ موجودگي طالبان تي هڪ ڌٻو آهي، جن تقريبا هڪ سال اڳ اقتدار تي قبضو ڪيو، جن کي پنهنجي حڪمراني بين الاقوامي طور تي مڃرائڻ جو انتظار آهي.

جڏهن کيس کان آمريڪي ڊرون حملي ۾ الظواهريءَ کي مارڻ جي باري ۾ پڇيو ويو، حنفيءَ چيو ته اسان انهيءَ جي تفصيل جي باري ۾ آگاه ناهيون. اسان کي صرف اهو معلوم آهي ته هڪ فضائي حملو ٿيو آهي جنهن جي اسان جي اسلامي امارات سخت مذمت ڪئي آهي.

طالبان پنهنجي حڪومت کي اسلامي امارات افغانستان جي نالي سان سڏيندا آهن.

حنفي آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي، جنهن کي هن سندس ملڪ جي اقتدار اعلي، بين الاقوامي قانون ۽ دوحا سمجهوتي جي خلاف ورزي قرار ڏنو. هن فبروري 2020 ۾ قطر جي گاديءَ واري هنڌ، دوحا ۾ طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ آمريڪي قيادت واري فوج جي افغانستان مان واپس وڃڻ ۽ ان وقت جي سرڪش گروپ کي پابند ڪيو ويو ته هو ٻين ملڪن جي دهشت گردن کي افغانستان ۾ ڇڙواڳ ڦرڻ جي هرگزاجازت نه ڏيندو.

حنفي چيو ته اسلامي امارات ڪيترا ئي ڀيرا (دنيا کي) چوندي رهي آهي ته اسان جي اها پاليسي آهي ته اسان ڪنهن کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن جي ڪري هو ڪنهن پاڙيسري يا ٻين ملڪن جي سلامتيءَ لاءِ خطري جو باعث بڻجن. اسلامي امارات هن پاليسيءَ تي سختيءَ سان ڪاربند آهي.

ليڪن آمريڪا الزام مڙهيو آهي ته طالبان 2020جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

آمريڪي محڪمه خارجه جي هڪ عمل دار مطابق، القاعده جي رهنما جي ڪابل ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ کيس تحفظ ڏيڻ دوحا سمجهوتي جي صريح خلاف ورزي آهي ۽ ساڳي وقت اها دنيا جي آڏو دهرايل يقين دهانيءَ جي به خلاف ورزي آهي ته هو پنهنجي سرزمين دهشت گردن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، ته هو ٻين ملڪن جي سلامتيءَ جي لاءِ خطري جو باعث بڻجن.

آمريڪا جي هڪ سينئر عمل دار سومر ڏينهن چيو ته 71 ورهن جي ڄمار جي مصر جي جهادي ليڊر، الظواهري افغان گاديءَ واري هنڌ جي شيرپور علائقي ۾ واقع هڪ عمارت جي ٽين ماڙ تي هڪ بالڪنيءَ ۾موجود هو جڏهن بغير پائليٽ جي هڪ ڊرون هيلفائر ميزائل جا ٻه فائر ڪيا ۽ هو انهن جي زد ۾ آيو.

معاملي کي لڪائڻ جون ڪوششون

آمريڪي عمل دار چيو ته معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش جاري رکندي ته هو محفوظ گهر ۾ رهي رهيو هو، حقاني طالبان ميمبرن فوري طور تي ظواهريءَ جي زال، هن جي ڌيءُ ۽ ان جي ٻارن کي ڪنهن ٻيءَ جاءِ ڏانهن منتقل ڪيو.

دوحا ۾ طالبان جي سياسي دفتر جي سربراه، سهيل شاهين چيو آهي ته تفتيش اڃان جاري آهي جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويندو آيا الظواهري ڪابل ۾ رهي رهيو هو ۽ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو.

اربع ڏينهن رات دير صحافين کي موڪليل هڪ پيغام ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ قيادت ان دعوي متعلق آگاه ڪونهن، نه ئي اتي ان جو ڪو نشان آهي.

شاهين وڌيڪ چيو ته اسلامي امارات افغانستان دوحا سمجهوتي جي عزم تي قائم آهي. هن وقت تفتيش جاري آهي ته جيئن ان دعوي جي تصديق ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ قيادت جو اجلاس جاري آهي. نتيجي جي باري ۾ سڀني کي ٻڌايو ويندو.

ڊرون حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ طالبان جي پرڏيهي معاملن جي وزير، امير خان متقيءَ پاڙيسري ملڪ ازبڪستان ۾ منعقد هڪ بين الاقوامي اجلاس کي يقين دهاني ڪرائي هئي ته سندس حڪومت ڪنهن به گروپ، جنهن ۾ القاعده به شامل آهي کي اجازت نه ڏيندي ته اها ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف ۽ دهشت گرديءَ لاءِ افغانستان جي سرزمين کي استعمال ڪري. هن معاهدي ۾ دهشت گرديءَ خلاف جنگ متعلق مخصوص شق جو حوالو ڏنو هو.

آمريڪي عمل دارن چيو آهي ته الظواهريءَ جي ڪابل ۾ رهائش جو انتظام نام نهاد حقاني نيٽ ورڪ جي سينئر ميمبرن ڪيو هو، جيڪو طالبان اندر هڪ طاقتور جنگجو ڌڙو آهي جنهن جا القاعده سان ۽ پاڪستان جي خفيه ايجنسيءَ سان قريبي رابطا آهن.

نيٽ ورڪ جو ليڊر، سراج الدين حقاني طالبان حڪومت ۾ طاقتور وزير داخلا آهي، جنهن جي سر جي قيمت آمريڪا هڪ ڪروڙ ڊالر مقرر ڪئي هئي.

آمريڪا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ طالبان حڪمرانيءَ کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن، جن سخت گير گروپ مٿان پابندين کي نرم ڪرڻ کي عورتن جي تعليم تائين رسائي ۽ روزگار ڪمائڻ جي اجازت ۽ دهشت گرديءَ جي وعدن جي پاسداريءَ سان پابند ڪيو آهي. آمريڪا طالبان خلاف سخت مالي پابنديون لڳايون آهن ۽ افغانستان جي غير ملڪي مالي ذخيري جا تقريبا 7 ارب ڊالر روڪي ڇڏيا آهن.

پاڪستان جانچ جي دائري ۾

ساڳي وقت، اهي سوال پڇيا پيا وڃن آيا پاڙيسري ملڪ پاڪستان آمريڪا جي طرفان ڊرون حملي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو حصو ورتو، جنهن ۾ الظواهري ماريو ويو. افغانستان پاڙيسري ملڪن جي سرحدن وچ ۾ جڪڙيل آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزارت اڱاري ڏينهن محتاط انداز ۾مخالفين جي الزامن ۽ شڪ جي اظهار جو جواب ڏنو آيا آمريڪي فضائي حملي ۾ پاڪستان آمريڪا جي ڪا مدد ڪئي آهي.

هڪ مختصر بيان ۾ وزارت چيو ته پاڪستان هر قسم ۽ نوعيت جي دهشت گرديءَ جي مذمت ڪري ٿو. بين الاقوامي قانون ۽ اقوام متحده جي متعلقه قراردادن مطابق، پاڪستان دهشت گردي جي خاتمي جي موقف تي قائم آهي.

نان نيٽو سطح جي اتحاديءَ طور پاڪستان 20 سال اڳ افغانستان تي حملي جي لاءِ آمريڪا جي اتحادي فوج کي پنهنجي بري ۽ فضائي رستن جي استعمال جي اجازت ڏني هئي.

ان فوجي مداخلت جي نتيجي ۾ ڪابل ۾ ان وقت جي طالبان حڪومت هٽائي وئي هئي، جنهن تي الزام هو ته سيپٽمبر 2001 ۾ آمريڪا خلاف جان ليوا دهشت گرد حملن جي منصوبه سازيءَ ۾ هن القاعده جي ليڊر اسامه بن لادن ۽ الظواهريءَ کي افغانستان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني هئي. سال 2011 ۾ القاعده نيٽ ورڪ جي باني، بن لادن کي آمريڪي فوج ايبٽ آباد جي هڪ ٺڪاڻي کي نشانو بنائي ماريو هو.

حزب مخالف جي اهم سياست دان ۽ سابق وفاقي وزير، شيرين مزاريءَ هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستاني وزير اعظم، شهباز شريف جي مخلوط حڪومت کان وضاحت گهري آهي آيا هن آچر ڏينهن فضائي حملي ۾ آمريڪا جي خفيه طور تي پنهنجي ڪنهن فوجي اڏي جي استعمال جي اجازت ته نه ڏني هئي. مزاريءَ ٽوئيٽ ۾ پڇيو آهي ته اهو منجهائيندڙ سوال آهي. خليج جي علائقي جي طرفان هڪ آمريڪي ڊرون أفغانستان لاءِ اڏام ڀري، اهو خيال ڪندي ته پاڪستان ان کي اڃان تائين ڪي اڏا نه ڏنا آهن (ٿي سگهي ٿو هن حڪومت خفيه طور تي ائين ڪيو هجي) پر ڊرون ڪهڙي ملڪ جي فضائي حدن مٿان اڏيا؟ ايران آمريڪي فوج کي پنهنجون فضائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏيندو. ته ڇا پاڪستاني فضائي حدون استعمال ٿيون؟

واشنگٽن جي ولسن سينٽر ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن جي ماهر، مائيڪل ڪوگلمين به ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ئي اهڙو واحد ملڪ آهي جيڪو آمريڪا کي اها سهولت فراهم ڪري سگهي ٿو، يا وري ائين نه ڪيو ويو.

ڪوگلمين چيو ته جاگرافي ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي. جيڪڏهن خليج ۾ ڪنهن آمريڪي اڏي تان ڊرون اڏام ڀري ته ان کي ايران مٿان پرواز جي اجازت نه ملندي.

هن وڌيڪ چيو ته وسط ايشيا مان پرواز مشڪل ۽ اڻ ٿيڻي ٿي لڳي. جيڪڏهن اها تڪڙي قسم جي ڪاروائي هئي، ته ان صورت ۾ پاڪستان جي فضائي حد جو استعمال ذهن ۾ايندڙ هڪ آپشن نظر اچي ٿو.

XS
SM
MD
LG