رسائی کے لنکس

ناسا جو مشن، ايندڙ سال چار خلاباز چنڊ ڏانهن روانا ٿيندا


ناسا پاران چنڊ ڏانهن 2024 ۾ ويندڙ مشن جي چئن خلابازن جو اعلان
ناسا پاران چنڊ ڏانهن 2024 ۾ ويندڙ مشن جي چئن خلابازن جو اعلان

آمريڪي خلائي اداري ناسا سومر ڏينهن انهن چئن خلابازن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ايندڙ سال خلائي راڪيٽ ۾ چند جي مدار ۾ چڪر لڳائي سائنسي ڊيٽا ڪٺي ڪندا.

انهن چئن خلابازن منجان ٽي آمريڪي ۽ هڪ ڪيناڊا جو آهي، جن جو نالو وڪٽر گلوور، جيريمي هينسن، ڪرسٽينا ڪوچ ۽ رائيڊ وائزمين آهي.

ناسا جو هيءُ مشن جنهن جو نالو ’Artemis II’ آهي، اڳئين سال 11 نومبر تي چنڊ جي مشن تي روانو ٿيندو، ليڪن اهو چنڊ جي سطح تي نه لهندو.

هن مشن جو مقصد 2025 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انسان کي چنڊ جي سطح تي لاهڻ آهي.

ان کان اڳ ’اپالو 11’ جي ذريعي 1969 ۾ آمريڪي خلاباز پهريون ڀيرو چنڊ جي سطح تي لٿا هيا. اپالو مشن 1972 ۾ ختم ڪيو ويو هو.

آمريڪي خلائي ادارو چنڊ جي سطح تي پهريون دفعو هڪ خاتون خلا باز ۽ هڪ غير سفيد فام خلاباز کي موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. چنڊ جي مشن تي هاڻي تائين 12 خلاباز وڃي چڪا آهن، جيڪي سمورا سفيد فام مرد هيا.

ناسا جي منتظم، بل نيلسن تازو هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو هو ته سندس ادارو ان پهلوءَ تي به ڪم ڪري رهيو آهي ته 2040 تائين هڪ انساني مشن مريخ ڏانهن موڪليو وڃي.

آرٽيميس 2 جو چنڊ جو مشن ڏهن ڏينهن جو هوندو. ان مشن جو مقصد ناسا جي طاقت ور خلائي راڪيٽ جي لانچنگ جي سسٽم ۽ راڪيٽ ۾ موجود خلائي گاڏيءَ ’اورين’ ۾ خلابازن جي زندگيءَ کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نصب ڪيل اوزان جي ڪارڪردگيءَ جي پرک ڪرڻ آهي.

ياد رهي ته خلاباز، خلائي ڪيپسول جي ذريعي خلائي راڪيٽ ۾ سفر ڪندا آهن. خلائي ڪيپسول ۾ خلابازن جي تحفظ، آرام ۽ خلائي مشن جي ڪنٽرول ۽ تجربن متعلق آلا نصب هوندا آهن.

آرٽيميس ون 16 نومبر 2022 تي چنڊ جي سفر تي روانو ٿيو هو ۽ 11 ڊسمبر 2022 تي واپس زمين تي لٿو هو.

پنهنجي پهرئين سفر دوران ’اورين ڪيپسول’ يا خلائي گاڏيءَ لڳ ڀڳ 16 لک ڪلوميٽر جو سفر ڪيو هو، جيڪو هاڻي تائين ڪنهن خلائي گاڏيءَ جو سڀ کان گهڻو سفر آهي.

ناسا جي سربراه چيو آهي ته خلا ۾ رهڻ سولو ڪم ناهي. اسان پنهنجو انساني مشن موڪلڻ جي لاءِ ان وقت تائين انتظار ڪنداسين جيسيتائين اهو يقين نه ٿي وڃي ته ائين ڪرڻ محفوظ آهي.

(هن خبر جي ڪجهه معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG