رسائی کے لنکس

چيف جسٽس جي اختيارن متعلق عدالتي سڌارن جو بل باضابطه قانون بڻجي ويو


پاڪستان جي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل’ کي باقاعده قانوني شڪل ڏئي جمعي ڏينهن ان متعلق نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس جي اختيارن متعلق هيءُ بل عدالتي سڌارن جي بل طور به ڄاتو ويندو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي مطابق هاڻي هيءُ بل قانون جي شڪل ۾ نافذ ٿي چڪو آهي.

حڪومت 10 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ان بل جي منظوري ورتي هئي. جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ بل تي صحي ڪرڻ بنا ان کي ٻه ڀيرا واپس ڪري ڇڏيو هو.

عدالتي سڌارن جو بل قانون ٺهڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ حڪم ذريعي حڪومت کي ان تي عمل درآمد کان روڪي چڪي آهي.

قومي اسيمبليءَ جي پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن جي مطابق نئين قانون کي’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023’ چيو ويندو جيڪو هڪ ئي ڀيرو نافذ ٿي ويندو.

نئين قانون هيٺ سپريم ڪورٽ جي سامهون پيش ٿيندڙ درخواست تي بينچ ٺاهيو ويندو جنهن جي اڳواڻي چيف جسٽس ڪندو جڏهن ته بينچ ۾ ٻه سينئر ترين جج شامل ڪيا ويندا.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو موقف رهيو آهي ته نئين قانون سازي پوئين وقت کان عدالت جي آزاديءَ ۾ مداخلت جي برابر آهي.

XS
SM
MD
LG