پاڪستان جي سيڪيورٽي صورت حال متعلق قومي اسيمبليءَ جو ’ان ڪيمرا’ اجلاس جمعي ڏينهن سڏايو ويو آهي. ٻئي پاسي قومي اسيمبليءَ ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل’ تي سپريم ڪورٽ جو اٺ رڪني بينچ ٽوڙڻ جي قرارداد به منظور ڪئي.
اٺ رڪني بينچ تحليل ڪرڻ جي قرارداد خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي ميمبير آغا رفيع الله ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي اڪثريت جي رائي سان منظور ڪيو ويو.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تڪڙ ۾ اٺ رڪني بينچ ٺاهي، ان ڪري ان کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. قرارداد ۾ ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل’ جي خلاف درخواست ٻڌڻ جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي به مذمت ڪئي وئي.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي پاران سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين ججن کي به بينچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ’غير منصفانه’ فيصلا ڪري رهي آهي ۽ پارليامينٽ جي اختيارن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي.
قومي اسيمبليءَ جو ’ان ڪيمرا’ اجلاس سڏايو ويو
هوڏانهن ملڪ جي سيڪيورٽي صورت حال تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ قومي اسيمبليءَ جو پوشيده اجلاس جمعي تي سڏايو آهي.
اطلاعن مطابق اهو اجلاس جمعي جي ٽپهريءَ جو اڍائي وڳي سڏايو ويو آهي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت ٻيا اعليٰ اختياريءَ وارا به مدعو ڪيا ويا آهن.
خميس تي قومي اسمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف قبائلي ضلعن جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي چيو ته جمعي ڏينهن سيڪيورٽي متعلق اجلاس رکيو ويو آهي جنهن ۾ فوج جا اعليٰ آفيسر به شريڪ ٿيندا.
قومي اسمبليءَ جو ’ان ڪيمرا’ اجلاس اهڙي وقت سڏايو ويو آهي جڏهن ستين اپريل تي قومي سلامتي ڪاميٽيءَ خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعن ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ واڌ کي ڏسندي فوجي آپريشن جو اشارو ڏنو ويو آهي.
پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون، اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب روپيا ڏيڻ جو بل مسترد
ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي خزاني واري قائمه ڪاميٽيءَ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب روپيا ڏيڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪومت کي هدايت هئي ته چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 10 اپريل تائين 21 ارب روپيا ڏنا وڃن. ليڪن، ڊيڊلائين گزرڻ جي باوجود حڪومت جي پاران اليڪشن ڪميشن کي رقم نه ڏني وئي.
ان حوالي سان خميس تي قومي اسميبليءَ جي خزاني واري قائمه ڪاميٽيءَ جو اجلاس مسلم ليگ (ن) جي قومي اسمبيليءَ جي رڪن قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس دوران خزاني واري وزير عائشه غوث پاشا ٻڌايو ته اڳ ۾ منظور ڪيل فنڊن کان علاوه رقم جاري ڪرڻ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان معاهدي جي خلاف ورزي ٿيندي.
هن چيو ته حڪومت هن وقت آءِ ايم ايف سان تمام مشڪل قسم جو معاهدو ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ اهڙي وقت واڌو فنڊ جاري ڪرڻ ممڪن ناهن.
عائشه پاشا چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت پروگرام جي ڪري پيسي جي کوٽ درپيش آهي.
ان کان پوءِ، قائمه ڪاميٽيءَ اڪثريت جي رائي سان بل رد ڪري ڇڏيو.