رسائی کے لنکس

نواز شريف جي ٽه رڪني عدالتي بينچ جي خلاف ريفرينس داخل ڪرڻ جي گهر


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اليڪشن ڪيس ٻڌڻ واري سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جي خلاف حڪومت کان سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرينس داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

اڱاري ڏينهن لنڊن ۾ اخباري ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو آهي ته هيءُ فيصلو ناهي بلڪه ’ون مين شو’ آهي.

هن چيو ته هي فيصلو انهن ججن جي خلاف ’چارج شيٽ’ آهي.

سندس لفظن ۾، ’’اهو نه ٿو ٿي سگهي ته چيف جسٽس ملڪ جو وزير اعظم بڻجي وڃي، بچاءَ وارو وزير بڻجي وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر به ۽ پارليامينٽ جو ڪردار به سنڀالي وٺي’’.

نواز شريف چيو ته ’’پاڪستان کي اڳتي هلڻو آهي ته پارليامينٽ کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي پوندي. هتي هر هر وزير اعظم کي ’ڪڪ آئوٽ’ ڪيو ٿو وڃي ۽ آمرن جي ڳلي ۾ هار پارايا ٿا وڃن’’.

هن چيو ته ’’آمرن جي لاءَ ضرورت جو نظريو ايجاد ڪيو ٿو وڃي. آمرن کي ڳلي لڳايو ٿو وڃي. انهن کي هار پارايا ٿا وڃن. جيڪي آئين ٽوڙين ٿا تن کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جا اختيار ڏنا ٿا وڃن. اسان جهڙن منتخب وزير اعظمن کي ’هڪ ڌڪو اڃان’ ڏنو ٿو وڃي’’.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ’’هڪ جج هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ جي دوران چيو ته وزير اعظم کي معلوم هئڻ کپي ته اڊياله جيل ۾ ڪافي جاءِ آهي. مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي اسان پارليامينٽ کي سپريم ڪيئن چئون ڇو ته اڄ پارليامينٽ کي ڪا اهميت نه ٿي ڏني وڃي’’.

نواز شريف اها اخباري ڪانفرنس اهڙي وقت ڪئي آهي جڏهن اڱاري ڏينهن ئي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اليڪشن ۾ دير ٿيڻ جي ڪيس ۾ 14 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

بينچ جي سربراهي چيف جسٽس آف پاڪستان عمرعطا بنديال ڪئي جڏهن ته جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الحسن به بينچ ۾ شامل هيو.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي جماعتن عدالتي فيصلي کي رد ڪيو آهي.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان قسم جا فيصلا ايندا ته ڊالر 500 روپيا ٿي ويندو ۽ ڀاڄيون به 500 روپيا ڪلو ملنديون.

خيال رهي ته ان ڪيس کي ٻڌڻ دوران چيف جسٽس ۽ ٻيا جج اهي رمارڪس ڏيندا رهيا آهن ته اهي آئين ۽ قانون مطابق فيصلو ڪندا.

چيف جسٽس آف پاڪستان به اهي رمارڪس ڏنا هيا ته اسيمبليءَ جي ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ٿيڻ ضروري آهن.

XS
SM
MD
LG