آمريڪا جي صدر جو بائيڊن صدر جي هوائي سفر جي لاءِ مخصوص جهاز ’ايئر فورس ون’ جي نئين ڊزائين جي منظوري ڏني آهي, جنهن ۾ ان وڏي جمبو جيٽ جو رنگ نيرو ۽ اڇو ئي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر پنهنجي دورن جي لاءِ ’ايئرفورس ون’ ۾ سفر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻه جهاز صدر جي استعمال ۾ رهندا آهن.
آمريڪي حڪومت بوئنگ ڪمپنيءَ کي ٻن بوئنگ 747 جهازن جي اپ گريڊ جو ٺيڪو ڏنو آهي، جيڪي ايندڙ ڪجهه ئي سالن اندر صدر جي استعمال ۾ آيل جهازن جي جاءِ والاريندا.
آمريڪي ايئر فورس جي پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته نون جهازن ۾ نيري ۽ اڇي رنگ جو ’ڪلر ٽون’ برقرار رکيو ويندو، پر اهو ڪنهن حد تائين منفرد ۽ جديد خاصيتن جو حامل هوندو.
خيال رهي ته آمريڪا جي صدر جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جهازن جي ڪال سائين ’ايئر فورس’ هوندي آهي.
ان کان اڳ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ’ايئر فورس ون’ جي لاءِ ڳاڙهي، اڇي ۽ نيري رنگن تي مشتمل ڪلر ٽون جي منظوري ڏني هئي.
ليڪن، ايئر فورس پاران هڪ جائزي ۾ اهو ٻڌايو ويو ته گهري رنگ جو استعمال نه رڳو جهازن جي اپ گريڊيشن جو خرچ وڌائيندو، بلڪه ان جي ڊليوريءَ ۾ به دير ٿيندي.
ايئر فورس جي مطابق، نون جهازن ۾ اليڪٽريڪل پاور اپ گريڊ، طبي سهولتون ۽ سيلف ڊفينس سسٽم به لڳايو ويندو. پهريون جهاز 2027 جڏهن ته ٻيو 2028 تائين آمريڪي صدر جي استعمال ۾ ايندو.
جهازن جي موجوده قسم جو استعمال سڀ کان اڳ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بش سينئر 1989 ۾ ڪيو هو، جيڪو 1993 تائين پنهنجي منصب تي فائز رهيو.
وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ جي مطابق، ايئر فورس ون جي لاءِ تيار ڪيل جهازن کي دنيا جي جديد ترين پرزن ۽ سهولتن سان ليس ڪيو ويندو آهي.
ايئر فورس ون جي جهازن جي سار سنڀال ۽ انتظام ’پريزيڊينشل ايئر لفٽ گروپ’ جو ذموه هوندو آهي، جيڪو وائيٽ هائوس ملٽري آفيس جو حصو آهي. ايئر لفٽ گروپ به ملڪ کان ٻاهر پهريون فضائي سفر ڪرڻ واري صدر روزويلٽ 1944 ۾ قائم ڪيو هو.
سنه 1959 تائين آمريڪي صدر سفر جي لاءِ 707 جهاز استعمال ڪندا هيا. سال 1962 ۾ صدر جان ايف ڪينيڊي پهريون صدر هيو جيڪو آمريڪي صدر جي لاءِ تيار ڪيل ’ايئر فورس ون’ جيٽ تي سوار ٿيو.
(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)