رسائی کے لنکس

هن سال حج تي خرچ جو اندازو 12 لک روپيا


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽيءَ (اي سي سي) 2023 جي حج پاليسيءَ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسپانسرشپ اسڪيم جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن اسڪيم هيٺ صرف ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني يا انهن جا مٽ مائٽ حج جي ادائگيءَ جا اهل هوندا. سمونڊ پار پاڪستاني ٻاهرين ملڪن مان مذهبي ناتن جي وزارت جي مخصوص اڪائونٽ ۾ غير ملڪي زرمبادله موڪلڻ تي هن اسڪيم مان فائدو وٺي سگهندا.

مذهبي ناتن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ مطابق اسٽيٽ بينڪ کي غير ملڪي ناڻي جي فراهميءَ ۾ ڏکيائي درپيش آهي جنهن کي دور ڪرڻ جي لاءِ مذهبي ناتن واري وزارت ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسپانسرشپ حج اسڪيم متعارف ڪرائي آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، ترجمان چيو ته اسپانسرشپ حج اسڪيم جي ڪوٽا 50 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ خانگي ٽور آپريٽرز ٻئي شامل آهن.

خيال رهي ته خراب معاشي صورت حال جي ڪري پاڪستان جي زرمبادله جا ذخيرا ٻن هفتن جي خرچ جي ادائگيءَ جي لاءِ رهجي ويا آهن.

مذهبي معاملن واري وزارت مطابق، هلندڙ سال ملڪ مان 12 لک 79 هزار 210 ماڻهو حج جو فرض ادا ڪندا، جن منجهان اڌ يعني 89 هزار 600 اسپانسرشپ حج اسڪيم تحت منتخب ڪيا ويندا.

خانگي ٽور آپريٽرز جي تنظيم، ’هوپ’ جي اڳواڻ وحيد بٽ چيو آهي ته اسپانسرشپ حج اسڪيم جي ڪري کين به سولائي ٿيندي ۽ غير ملڪي ڪرنسيءَ ۾ حاصل ٿيندڙ رقم مان کين سعودي عرب ۾ ادائيگين ۾ڏکيائي پيش نه ايندي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته حڪومت کي درپيش غير ملڪي ناڻي جي ڪميءَ کي ڏسندي خانگي حج ٽور آپريٽرز جي تنظيم مذهبي ناتن واري وزارت کي اها تجويز ڏني هئي ته ٻاهرن ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان غير ملڪي سڪي ۾ آرڊر حاصل ڪيا وڃن.

هن چيو ته خانگي ڪمپنيون به ڊالر ۾ ادائگي ڪرڻ وارن کي ترجيح ڏينديون، ڇو ته اسٽيٽ بينڪ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ناڻو ڏيڻ ۾ دير ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري حج انتظام جي متاٿر ٿيڻ جو انديشو ٿي سگهي پيو.

مذهبي ناتن واري وزارت مطابق، هلندڙ هفتي وفاقي ڪابينا کان منظوري ملڻ تي مذهبي معاملن جو وزير درخواستن جي وصوليءَ جو باضابطه اعلان ڪندو.

عمر بٽ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ رهندڙ شهري بينڪن ۾ مڪاني ڪرنسيءَ جي ذريعي ئي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، جن جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪڻن ڪڍڻ ذريعي ڪيو ويندو.

هن چيو ته حڪومت ٻاهرين ملڪن مان ٻاهرئين ناڻي جي ذريعي دخواست ڏيڻ وارن جي لاءِ ڪڻا وجهڻ ۽ پنجن سالن جي پابنديءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان چيو ته گزريل ٽن سالن کان وٺي حج محدود انگ ۾ ادا ڪيو ويو آهي ۽ عمر جي قيد جي ڪري به اهو اندازو آهي ته هلندڙ سال حج جي لاءِ وڌيڪ ماڻهو درخواست ڏيندا.

حڪومت کي حج انتظامن لاءِ ٻه ارب ڊالر لڳ ڀڳ ادائگي ڪرڻي پوندي آهي ۽ مذهبي ناتن واري وزارت جو اندازو آهي ته اسپانسرشپ حج اسڪيم جي ذريعي ان جو اڌ ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ ناڻي مان حاصل ڪري سگهبو.

سومر ڏينهن خزاني واري وزير جي صدارت ۾ اي سي سيءَ جي اجلاس ۾ حج آپريشن جي لاءِ نون ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

وزارت جي ترجمان مطابق، خزاني جي خراب معاشي صورت حال جي باوجود هن اهم مذهبي فرض جي ادائگيءَ جي لاءِ غير ملڪي ناڻي جي فراهميءَ جو يقين ڏياريو ويو.

سال 2023 جي حج پاليسيءَ تحت سرڪاري حج اسڪيم جو خرچ 11 لک 75 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

پاليسيءَ جي مطابق، سال 2023 دوران پاڪستان جي لاءِ مقرر ڪيل حج ڪوٽا 179،210 آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي حج اسڪيمن جي وچ ۾ 50،50 سيڪڙو جي سراسري ونڊ ورڇ ڪئي وئي آهي.

خانگي حج ٽوئر آپريٽرز جي نمائندي، وحيد بٽ چيو ته پوئين سالن بنسبت هن سال حج جو انتظام ڪافي مهانگو ٿي چڪو آهي، ڇو ته سعودي عرب ۾ مهانگائيءَ جي ڪري رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا خرچ وڌي چڪا آهن.

هن چيو ته سعودي عرب جي حڪومت حج تي ٽيڪس ۾ به واڌ آندي آهي جيڪا 15 سيڪڙي کان وڌي 23 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.

عمر بٽ چيو ته هلندڙ سال حج ان ڪري به مهانگو ٿي ويو آهي ڇو ته گزريل سال حج دوران روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 181 روپين جو هيو، جنهن ۾ هاڻي 90 روپين تائين اضافو ٿي چڪو آهي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG