رسائی کے لنکس

ترڪيه ۾ ٻيهر زلزلو، ڪيتريون عمارتون ڪري پيون


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڏکڻ ترڪيءَ ۾ سومر جي ڏينهن 5.6 جي شدت جو نئون زلزلو آيو. ٽي هفتا اڳ هاڃيڪار زلزلي علائقي جا راڱا لاهي ڇڏيا هيا. اختياريءَ وارن ٻڌايو آهي ته سومر جي ڏينهن اچڻ واري ان زلزلي جي نتيجي ۾ پهريان ئي ڪجهه ڊٿل عمارتون ڊهي پيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمي ٿيڻ وارن جو انگ سو کان مٿي ٻڌايو ٿو وڃي.

ترڪيه جي آفتن سان نبرڻ واري اداري، ’اي ايف اي ڊي’ جي اڳواڻ، يونس سيزر رپورٽرن کي ٻڌايو ته سومر ڏينهن اچڻ واري هن زلزلي جو مرڪز ’بي شرت’ نالي جي وسندي هئي، جيڪا ملاتيه صوبي ۾ آهي.

انطاڪيه
انطاڪيه

زلزلي جي ڪري ٻن درجنن کان وڌيڪ عمارتون ڊهي پيون. بي شرت ۾ هڪ چئن ماڙين واري عمارت جي مٽيءَ جي ڊڳ هيٺان دٻجي وڃڻ واري هڪ پيءُ ۽ ڌيءُ کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. اهي پنهنجون شيون ڪڍي اچڻ جي لاءِ عمارت اندر ويا هيا.

ترڪ زبان جي اخبار، ’هيبر ترڪ’ خبر ڏني آهي ته ان کان سواءِ ملاتيه ۾ ڳولها ۽ امداد جو ڪم ڪرڻ واري هڪ ٽيم ڪريل ٻن عمارتن جو ڍڳ هٽائي رهيون آهن ته انهن هيٺان ڪارين تي ڪريل ملبو هٽائي سگهجي. اها ڳالهه واضح نه ٿي آهي ته ڇا ان جي ڪري ڪي ماڻهو مٽيءَ هيٺان دٻجي ويا آهن.

ماءُ، ڌيءُ
ماءُ، ڌيءُ

ملاتيه انهن يارهن ترڪ صوبن منجهان هڪ آهي جيڪو ڇهين فيبروريءَ تي ترڪيه جي ڏکڻ ۽ شام جي اتر واري علائقن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي جو نشانو بڻيو هو.

انهن ٻنهين ملڪن ۾ هن زلزلي جي نتيجي ۾ 48،000 ڄڻا فوت ٿيا ۽ ترڪيه ۾ هڪ لک 85 هزار عمارتن کي شديد نقصان پهتو هو.

ڇهين فيبروريءَ کان پوءِ هاڻي تائين هن علائقي ۾ ڏهه هزارن کان وڌيڪ جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.

قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ واري اداري (اي ايف اي ڊي) جي سربراه ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي متاثر عمارتن ۾ داخل نه ٿين ڇو ته زلزلي کان پوءِ جهٽڪن جو امڪان موجود آهي.

عالمي بينڪ چيو آهي ته سندس اندازي مطابق، شديد زلزلي جي ڪري ٿيڻ وارو ’براه راست نقصان’ 34.1 ارب ڊالر آهي جيڪو ملڪ جي مجموعي آمدنيءَ جو چار سيڪڙو آهي.

بينڪ چيو آهي ته بحاليءَ ۽ نئي سر اڏاوت جي لاڳت امڪاني طور تي ان کان ٻيڻي ٿي سگهي ٿي.

ٻارن جي لاءِ رانديڪا
ٻارن جي لاءِ رانديڪا

عالمي بينڪ وڌيڪ چيو آهي ته مجموعي آمدنيءَ جو نقصان به زلزلي ۾ ٿيل خرچ جي اندازي ۾ شامل هوندو. بينڪ اهو به اندازو لڳايو آهي ته ساڍا ٻارهن لک شهري عارضي طور تي بي گهر ٿيا آهن.

انهيءَ دوران ترڪيه ساڪر ٽيم ’بيڪتاس’ جي مداحن آچر ڏينهن کيڏيل هڪ ميچ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ’اسٽفڊ رانديڪا’ ميدان ۾ ڦهلائي ڇڏيا آهن جيڪي زلزلي جي متاثر علائقن جي ٻارن ۾ ورهائيا ويندا.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽد پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG