بلوچستان جي ضلعي سبيءَ ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري فورس جي هڪ گاڏيءَ تي خودڪش حملو ٿيو جنهن ۾ 9 اهل ڪار مارجي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿيا.
پوليس جي ذريعن مطابق بلوچستان ڪانسٽيبلريءَ جا اهل ڪار سبي ميلي جي سيڪيورٽي تي تعينات هيا، ۽ سومر جي ڏينهن صبح جو سبيءَ مان ڪوئٽا اچي رهيا هيا ته انهن جي وين کي ڪنٽري پل جي ويجهو نشانو بنايو ويو.
ليويز فورس واردات جي هنڌ بابت ڪجهه وڊيو ۽ تصويرون جاري ڪيون آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌماڪي جي ڪري بلوچستان ڪانسٽيبلري فورس جي وين سڙڪ جي ڪناري تي ڪلٽي ٿي وئي آهي.
واقعي کان پوءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري، پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻين ادارن جا اهل ڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو، جڏهن ته زخمي اهل ڪارن کي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي سي ايم ايڇ ۽ سول اسپتال سبيءَ منتقل ڪيو ويو آهي.
سبي سول اسپتال جي انتظاميا مطابق زخمي ٿيڻ وارن اهل ڪارن منجهان ٽن جي حالت تشويش ناڪ آهي جن کي ڪوئٽا منتقل ڪيو ويندو.
بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجي جي هدايت تي ڪوئٽا جي اسپتالن ۾ هنگامي صورت حال نافذ ڪئي وئي آهي جڏهن ته زخمين کي ڪوئٽا آڻڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر بولان روانو ڪيو ويو آهي.
سول اسپتال ڪوئٽا ۾ امرجينسي جي نفاذ کان پوءِ سمورا ڪنسلٽينٽس، ڊاڪٽر، فارماسسٽ، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سڏايو ويو آهي.
داخله جي صوبائي وزير مير ضيا الله لانگهي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ گهري آهي.
ليويز فورسز جي پاران جاري ڪيول بيان مطابق، واقعي ۾ مارجي ويلن ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري فورس جو اي ايس آئي گل بين، اي ايس آئي دولت، سپاهي محمد حيات، سپاهي سميع الله، شهزاد، نذير، قيوم ۽ ظهور شامل آهن.
ڪوئٽا کان مرتضيٰ زهريءَ جي رپورٽ)