رسائی کے لنکس

نيشنل پبلڪ ريڊيو (اين پي آر) پاران ٽوئٽر ڇڏڻ جو فيصلو


نيشنل پبلڪ ريڊيو جي عمارت جيڪا واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ قائم آهي (فائيل فوٽو)
نيشنل پبلڪ ريڊيو جي عمارت جيڪا واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ قائم آهي (فائيل فوٽو)

اهو چوندي ته ٽوئٽر کيس ’رياست سان لاڳاپيل ميڊيا’ قرار ڏنو آهي، آمريڪا جي نامياري براڊڪاسٽر، اين پي آر (نيشنل پبلڪ ريڊيو) سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي ڇڏي ڏنو آهي.

ٽوئٽر جي پاران حڪومت سان لاڳاپيل ميڊيا قرار ڏيڻ تي اين پي آر ٽوئٽر کي ڇڏڻ وارو پهريون ادارو بڻجي ويو آهي.

اين پي آر جو موقف آهي ته ’اسٽيٽ ميڊيا’ جي اصطلاح روس، چين ۽ مٿئين طبقي جي نگرانيءَ ۾ هلڻ وارن ٻين ملڪن جي ادارن جي پروپيگنڊا چينلز جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.

ٽوئٽر جي پوئين هفتي جي فيصلي کان پوءِ اين پي آر کي پليٽ فارم تان هٽاو ويو آهي. اين پي آر جي ٽيڪ رپورٽر، بابي ايلين جي پاران سوال تي ٽوئٽر جي مالڪ ايلون مسڪ جواب ۾ پڇيو ته اين پي آر ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪندو آهي. ايلون مسڪ چيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته کيس کان سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ٿي وئي هجي.

ٽوئٽر ان کان پوءِ اين پي آر جي اڪائونٽ سان گڏ ’گورمينٽ فنڊڊ ميڊيا’ جو ليبل لڳايو هو. اين پي آر چيو آهي ته اها تشريح به درست ناهي، ڇو ته اين پي آر پرائيويٽ ۽ پنهنجي ادارتي آزاديءَ سان هلندڙ هڪ نفعي بخش ادارو آهي.

اين پي آر پنهنجي 300 ملين ڊالر سالياني بجيٽ منجهان هڪ سيڪڙي کان به گهٽ سرڪاري ڪارپوريشن آف پبلڪ براڊڪاسٽنگ کان فنڊ وٺندو آهي.

اين پي آر جي چيف اگزيڪٽو، جان لينسنگ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ٽوئٽر جي معاملي تي چپ ڪرڻ سان ادارو پنهنجي ساک ۽ ڪنهن منفي تاثر جي بغير بهترين صحافت ڪرڻ جي پنهنجي اهليت جو تحفظ ڪرڻ گهري ٿو.

هن چيو ته ’’مان پنهنجي صحافتي ڪم کي ڪنهن اهڙي جاءِ تي نه وٺي ويندم جتي اسان جي ساک کي ڌڪ لڳي’’.

سي بي ايس نيوز جي مطابق، جان لينسنگ اهڙي ڪا هدايت جاري نه ڪئي آهي جنهن ۾ اين پي آر جي صحافين کي چيو ويو هجي ته اهي به ٽوئٽر جو استعمال ڇڏي ڏين. ليڪن، اين پي آر جي ٽوئٽر تي 54 اڪائونٽ ان فيصلي جي ڪري متاثر ٿيا آهن.

ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙن ادارن جي مالڪ ايلون مسڪ پوئين سال 44 ارب ڊالر ۾ ٽوئٽر خريد ڪيو هو. اربع ڏينهن انٽرويو ۾ هن بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته ٽوئٽر ڪمپني هڪ سال جي محنت کان پوءِ کوٽ مان نڪري نفعي نقصان جي بربرايءَ واري مرحلي ۾ پهچي وئي آهي.

مسڪ چيو آهي ته ٽوئٽر کي هلائڻ ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ عمل هيو. پر اهو اهڙو ڪم هيو جيڪو بور نه ٿو ٿيڻ ڏئي.

XS
SM
MD
LG