رسائی کے لنکس

پاڪستاني ڪرنسيءَ جي قدر ۾ ڪمي، هڪ ڊالر 285 روپيا ٿي ويو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ روپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ آئي آهي ۽ انٽربينڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

خميص ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر ۾ 18.98 پيسا گهٽتائي آئي، جنهن کان پوءِ هڪ ڊالر 285 روپين 9 پيسن جو ٿي ويو.

ان کان اڳ اربع ڏينهن انٽربينڪ ۾ هڪ ڊالر چار روپين ۽ 61 پيسن جي واڌ کان پوءِ 266 روپئي 11 پيسن تي بند ٿيو.

ڊالر جي قيمت ۾ اها واڌ گزريل هڪ مهيني ۾ روپئي جي قدر ۾ ڪجهه بهتري اچڻ کان پوءِ جو حال آهي. ٽين فيبروريءَ تي ڊالر 276 روپين ۽ 58 پيسن جي سطح تي هيو، جنهن کان پوءِ ان جي قدر ۾ ڪمي ڏٺي وئي.

سومر تي هڪ آمريڪي ڊالر 259 روپين ۽ 92 پيسن تي پهچي ويو هو، جنهن کان پوءِ ان جو قدر هڪ ڀيرو وري وڌڻ لڳو.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي، محمد ثاقب مطابق روپئي جي قدر ۾ گزريل ڪجهه عرصي کان مسلسل ڪمي ڏٺي وئي آهي. معاشي ماهرن چيو آهي ته ان جو بنيادي سبب عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) سان معاهدي ۾ دير ٿيڻ آهي جنهن جي ڪري خزاني ۾ ڊالر جي وڏي ’ان فلوز’ جو هينئر ڪو امڪان ظاهر ڏسڻ ۾ نو ٿو اچي.

ٻئي پاسي پاڪستان جي مرڪزي بينڪ خميص ڏينهن وياج جي شرح ۾ ٽي سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 20 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اهو اعلان اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 48 ورهن جي بلند ترين سطح تي آهي.

فيبروريءَ جي پڄاڻيءَ تي مهانگائيءَ جي شرح هر سال 31.5 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي آهي.

ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو واڌ تي ’سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان’ جي اڳوڻي چيئرمين، ظفر حجازيءَ چيو آهي ته، ’’لڳي ٿو ته آئي ايم ايف پاڪستان کي معاشي طور تي تباه ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهي آهي’’.

ان جي جواب ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پرنسيپل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سرڪاري ڪاموري، فواد حسن فواد چيو آهي ته ان ۾ آئي ايم ايف جو ڪو ڪمال ڪونهي.

سندس بقول، فيصلن ۾ تمام گهڻي دير ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو هاڃيڪار فيصلو ان جو ڪارڻ آهي. هن چيو ته ’’اسان پاڻ پنهنجي تباهيءَ لاءِ تيار آهيون’’.

(محمد ثاقب جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG