رسائی کے لنکس

ايردوان خلاف مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار جو اعلان


مخالف ڌر جو نامزد اميدوار، ڪمال ڪليچ دار اوغلو
مخالف ڌر جو نامزد اميدوار، ڪمال ڪليچ دار اوغلو

ترڪيه ۾ ٻن مهينن کان پوءِ صدارتي چونڊون ٿي رھيون آھن، جن ۾ صدر رجب طيب ايردوان سان مقابلي لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين يڪراءِ ٿي پنھنجي متفق اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ترڪيه ۾ صدارتي چونڊون 14 مئي تي ٿيڻيون آهن. مخالف ڌر جي ڇهن پارٽين جي اتحاد صدر ايردوان جي مقابلي لاءِ اقتصادي ماھر ۽ ملڪ جي ٻي وڏي پارٽيءَ جي سربراه ڪمال ڪليچ دار اوغلو کي امڪاني اميدوار طور نامزد ڪيو آهي.

خبرايجنسي رائٽرز موجب 74 ورھن جو ڪمال ڪليچ دار اوغلو ترڪيه جي ٻي وڏي پارٽي ري پبلڪن پيپلز پارٽي (سي ايڇ پي) جو سربراه پڻ آهي. هن جي سامھون اچڻ جو مقصد صدر ايردوان جي ٻن ڏهاڪن جي اقتدار کي ختم ڪرڻ آھي.

"اسان جو مقصد امن آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ان دور ڏانهن وٺي وڃون جتي خوشحالي، امن ۽ خوشيون ھجن،" سي ايڇ پي چيئرمين ڪمال ڪليچ دار اوغلو سومر تي انقره ۾ پنھنجي حامين جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ھو ترڪيه ۾ حڪومتي فيصلن ۾ اتفاقِ راءِ ۽ مشاورت کي ترجيح ڏيندو.

طيب ايردوان خلاف ميدان ۾ لھندڙ ڇهه جماعتي اتحاد اعلان ڪيو آهي ته کٽي وڃڻ جي صورت ۾ ھو صدر ايردوان جي ڪيترين ئي پاليسين کي بدلائي ڇڏيندا، جن ۾ اقتصادي معاملن، انساني حقن ۽ پرڏيهي معاملن بابت پاليسيون شامل آھن.

ڪيترائي مبصر صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن کي ترڪيه جي 100 سالن جي تاريخ جون سڀ کان اھم ۽ نتيجه خيز اليڪشن قرار ڏئي رهيا آهن، ۽ اھو سوال پڻ اٿاري رهيا آهن ته ڇا هڪ اقتصادي ماهر ئي ايردوان جو مقابلو ڪري سگهي ٿو، جيڪو گذريل ويھن سالن کان سياست جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻي رهيو آهي؟

ڪمال اوغلو اڳوڻو سرڪاري ملازم آهي. ھن وٽ پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڳالهائڻ لاءِ اقتصادي بحران ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا موجود آهن.

ترڪيه ۾ گذريل مهيني آيل زلزلي وگھي 46 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جنهن تي بروقت حڪومتي اقدام سامھون نه اچڻ ڪري ايردوان حڪومت تي اڳ ۾ ئي مخالف ڌر جي تنقيد ٿي رھي آھي.

اپوزيشن اتحاد پاران اوغلو جي نامزدگي کان اڳ ڪجھ اختلاف سامهون آيا، پر اتحادي پارٽين جي ٻين اڳواڻن کي نائب صدر جا عهدا ڏيڻ جي واعدي کانپوءِ ڪمال ڪليچ دار گڏيل صدارتي اميدوار بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو آھي.

سومر ڏينهن ھن پنهنجي خطاب ۾ اعلان ڪيو ھو ته ڪاميابي جي صورت ۾ اتحاد ۾ شامل ٻين پنجن پارٽين جا اڳواڻ نائب صدر طور ساڻس ڪم ڪندا.

مخالف ڌر جي پارٽين اعلان ڪيو آهي ته سوڀ ماڻڻ کان پوءِ ھو ترڪيه جي صدارتي نظام کي ختم ڪري ملڪ کي ٻيھر پارليماني نظام ڏانهن واپس وٺي وينديون، جڏهن ته ملڪ جي مرڪزي بينڪ جي آزاد حيثيت کي به بحال ڪيو ويندو.

ترڪيه ۾ زلزلي کان اڳ اھو اندازو لڳايو پئي ويو ته ايردوان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، جڏھن ته ھاڻوڪي صورتحال ۾ سامھون آيو آھي ته ايردوان ۽ سندس پارٽي (اي ڪي پي) هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حمايت وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.

ايردوان جي پارٽي پهريون ڀيرو 2002 ۾ ڪامياب ٿي اقتدار تائين پھتي ۽ ان وقت کان وٺي لاڳيتو اليڪشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري طاقت ۽ اقتدار ۾ موجود آهي.

رجب طيب ايردوان جي اڳواڻيءَ ھيٺ ترڪيه ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. مبصرن موجب هڪ ته ترڪيه کي قدامت پسند سماج ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي هڪ اھڙي مضبوط فوجي طاقت ۾ پڻ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جيڪا خطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.

واضح رهي ته ايردوان خلاف اپوزيشن پارٽين ۾ ويجھڙائي تڏھن وڌي جڏهن 2019 جي مڪاني چونڊن ۾ کين اي ڪي پي جي مقابلي ۾ ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ ڪاميابي ملي، ۽ اپوزيشن استنبول ۽ انقره جھڙن وڏن شهرن ۾ پنهنجا ميئر جا اميدوار ڪامياب ڪرايا.

XS
SM
MD
LG