اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي وڌائڻ جي معاملي تي تنقيدي خط لکڻ ۽ ٻين فوجي جرنيلن کي موڪلڻ جي ڏوهه ۾ پنج سال ٽيپ ملڻ تي حسن عسڪريءَ جي پيءَ ماءُ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
حسن عسڪريءَ جي پيءُ ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي ۽ سندس گهر واريءَ پنهنجي وڪيلن سان گڏ اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس ڪئي.
ڪورٽ مارشل ذريعي سزا ملڻ واري حسن عسڪريءَ جي پيءُ ماءُ چيو ته ’’اسان جو دل ٽٽي چڪو آهي. اڍائي سالن تائين خاموشيءَ سان عدالتي جنگ لڙڻ جي باوجود اسان جي ڪا شنوائي نه ٿي ۽ اسان کي معلوم ناهي ته اسان انصاف ۽ مدد جي لاءِ ڪنهن کي پڪاريئون’’.
ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي عسڪريءَ افسوس ظاهر ڪيو ته سندس پٽ کي، سندس لفظن ۾، ’’فيئر ٽرائيل جو حق نه ڏنو ويو’’.
پاڪستاني فوج جي پاران ان معاملي تي هينئر تائين ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ ان ڪيس جي حوالي سان پاڪستاني فوج جي ترجمان اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس پي آر) چيو هو ته عدالتون ملڪي قانون جي مطابق هن ڪيس جو فيصلو ڪنديون.
پاڪستاني فوج جا ذريعا هن ڪيس ۾ آئين ۽ قانون جون گهرجون پوري ڪرڻ جي دعوا ڪندا رهيا آهن. فوج جو موقف اهو رهيو آهي ته فوج ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ان ڪري، قومي سلامتيءَ جي معاملن تي ڪو سمجهوتو به ٿو ٿي سگهي.
’نه فيصلي جي ڪاپي ملي نه الزامن جي چارج شيٽ’
ميجر جنرل (ر) ظفر مهدي عڪسريءَ چيو آهي ته هن فوج جي آرٽلري ۽ ايويشن ڊويزن ۾ 33 ورهه خدمت ڪئي، ۽ ’’ان سخت ملازمت کان پوءِ هن اذيت جي لاءِ تيار نه هيس’’.
هن ٻڌايو ته سندس سويلين پٽ، حسن عسڪريءَ کي بي آڪٽوبر 2020 تي سندس گهران حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ فوجي اختياريءَ وارن جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڪورٽ مارشل کان پوءِ پنج سالن جي سزا ٻڌائي وئي.
سندس چواڻي، ’’گرفتاريءَ کان وٺي اڄ تائين ڪيترا ڀيرا درخواست ڪرڻ جي باوجود سندس گهر ڀاتين کي نه ته فيصلي جي ڪا ڪاپي ملي نه ئي وري الزامن جي چارج شيٽ ڏني وئي’’.
هن چيو ته حسن عسڪريءَ پنهنجي خط ۾ ملازمت جي مدي ۾ واڌ ۽ پاڪستاني فوج تي مرتب ٿيندڙ ڪجهه فيصلن جي اثر جي ڪري پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي طور متاثر ٿيڻ جي باري ۾ انديشو ظاهر ڪيو هيو.
ظفر مهديءَ چيو ته حسن عڪسريءَ جي خلاف ڪيس ته اسلام آباد جي ٿاڻي، شاليمار ۾ داخل ڪيو ويو، پر ان ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جا قلم هيا، ليڪن ’آرمي ايڪٽ’ جو ڪاٿي به ڪو حوالو نه ڏنل هيو.
سندس بقول، حسن کي فوج جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڪيترن مهينن تائين قيد تنهائيءَ ۾ رکڻ کان پوءِ اسان کي ان وقت ڪال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن حسن کي باقاعده چارج شيٽ ڪيو ويو.
ظفر مهديءَ چيو ته ان مبينه خط ۾ فوج ۾ ڪاٿي بغاوت ٿي يا سينئر ان جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو. اهڙو ڪو ثبوت موجود ڪونهي؟ ليڪن اسان کي ڪو ثبوت به نه ڏنو ويو.
حسن عسڪريءَ جي ڀيڻ زهرا مهديءَ چيو ته حسن جي خلاف سادي ڪاغذ تي فيصلو لکي پنجن سالن جي سزا ڏني وئي. هن کي ساهيوال جيل ۾ خطرناڪ دهشت گردن جي وچ ۾ رکيو ويو.
زهرا چيو ته حسن جو فوج سان ڪو تعلق ڪونه هيو ۽ هو صرف پاڪستان سان محبت ڪندو هو. هن چيو ته هو اڄ به ملڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندو آهي.