پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگھن ۾ لاڳيتو واڌ آئي آهي. اھڙيءَ صورتحال ۾ حڪومت موٽر سائيڪلن ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن کي سستو پيٽرول ڏيڻ جي رٿا پيش ڪئي آهي.
حڪومتي ادارا ايندڙ ڏيڍ مهيني اندر اهڙو نظام ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن جنهن ۾ وڏين گاڏين جي مالڪن کان پيٽرول تي اضافي پئسا وصول ڪيا وڃن ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن کي سبسڊي ڏني وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف آچر جي ڏينھن گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن کي پيٽرول تي 100 رپين تائين رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. ان اعلان کان اڳ سندس صدارت هيٺ اجلاس ۾ سستو پيٽرول ڏيڻ جي رٿابندي تي مشاورت پڻ ڪئي وئي ھئي.
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملِڪ سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ھئي.
حڪومتي منصوبي موجب موٽر سائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي کان ننڍي گاڏي رکندڙن کي ھڪ مخصوص مقدار ۾ سستو پيٽرول ڏنو ويندو.
حڪومت جو فارمولو ڇا آهي؟
حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي کي سستو پيٽرول ڪيئن ڏيندي؟ ان اهم سوال تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان تفصيلي ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اهو نظام ايندڙ ڇھن هفتن ۾ لاڳو ٿي ويندو.
هن ٻڌايو ته ان نظام ۾ ٽي بنيادي ڪم ٿيندا، جن مان پهريون ڪم سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ لاءِ رقم گڏ ڪرڻ آهي.
مصدق ملڪ موجب حڪومت سستي پيٽرول واري ھن منصوبي ۾ ڪا به سبسڊي نه ڏئي رهي آهي، پر ان جي جاءِ تي اميرن کان واڌو پئسا وٺي ان رقم کي غريبن لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
مقامي ٽي وي چينل ’جيو نيوز’ جي ھڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته پيٽرول استعمال ڪندڙ 50 سيڪڙو ماڻهو وڌيڪ پئسا ڏيندا، ته پوءِ 50 سيڪڙو ٻين ماڻهن لاءِ پيٽرول جو اگھ گهٽجي ويندو.
ياد رهي ته اپريل 2022 ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿي ھئي ته ان وقت ملڪ ۾ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 150 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 145 رپيا في ليٽر هئي.
مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت ۾ پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ 11 مهينن دوران پيٽرول 272 رپيا جڏهن ته ڊيزل 293 رپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي.
سستو پيٽرول ملندو ڪيئن؟
حڪومت سستو پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ طريقه ڪار جوڙيو آهي. مصدق ملڪ موجب حڪومت جي ڊيٽابيس ۾ ٽي شيون آهن، جن ۾ ماڻھو جو نالو، شناختي ڪارڊ نمبر ۽ سندس نالي تي موجود گاڏي يا موٽرسائيڪل جو رجسٽريشن نمبر آهي، جڏهن ته رجسٽرڊ شخص جو موبائل فون نمبر به سندس سڃاڻپ ڪارڊ نمبر سان ڳنڍيل آهي.
سندس چوڻ موجب حڪومت ماڻهن جي موبائل فون تي ايس ايم ايس موڪليندي ته توهان سستو پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽرڊ ٿيل آهيو، تنهن ڪري توهان کي سستو پيٽرول ملي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته هر رجسٽرڊ شخص کي ايس ايم ايس ذريعي ھڪ پاس ورڊ (او ٽي پي) موڪليو ويندو. اھو ماڻهو پيٽرول پمپ تي وڃي عملي کي پاس ورڊ ۽ پنهنجو شناختي نمبر ٻڌائيندو، جنهن کي اسڪين ڪرڻ بعد کيس سستو پيٽرول ڏنو ويندو.
ڪنھن کي ڪيترو پيٽرول ملندو؟
مصدق ملڪ چيو ته حڪومت وٽ انگ اکر موجود آهن، جن جي بنياد تي موٽرسائيڪل سوارن کي مھيني تي 21 ليٽر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڇو ته هو هر مهيني سراسري ايترو ئي پيٽرول استعمال ڪن ٿا
سندس چوڻ هو ته هڪ وقت ۾ فقط 2 کان 3 ليٽر پيٽرول ڏنو ويندو
مصدق ملڪ موجب 800 سي سي ڪار جي پيٽرول ٽينڪ ۾ 30 ليٽر جي گنجائش هوندي آهي ۽ وچولي آمدني وارو طبقو مهيني ۾ ٽي دفعا اھو ٽينڪ ڀري استعمال ڪندو آهي. تنھن ڪري ڪار مالڪ کي مھيني ۾ 30 ليٽر سستو پيٽرول ڏنو ويندو
هن چيو ته ’سستو پيٽرول’ منصوبي تحت حڪومت ڪار مالڪن کي ٽئين حصي جيتري پيٽرول تي سھولت ڏني آھي، جڏھن ته موٽر سائيڪل مالڪن کي 100 سيڪڙو رعايت ڏني آهي
حڪومتي پاليسيءَ جو مقصد ڇا آهي؟
پيٽروليم واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته هن نئين حڪومتي نظام تحت سستو پيٽرول استعمال ڪندڙ صارف جي اھا ڪوشش ھوندي ته هو وڌيڪ پيٽرول استعمال نه ڪري. ان سان پيٽرول جو واھپو پڻ گهٽجي ويندو
مصدق ملڪ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته ماڻهو وڏيون گاڏيون ڇڏي ننڍيون گاڏيون استعمال ڪرڻ شروع ڪن، جن ۾ پيٽرول به گھٽ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته ان سان ماحول کي به گهٽ نقصان رسي ٿو
هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت جي اهڙي پاليسي سان عوام ننڍين گاڏين جي استعمال ڏانهن راغب ٿيندا ۽ حڪومت جو پيٽرول جو خرچ به گهٽ ٿيندو
مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته ان پاليسي جو هڪ اضافي فائدو اهو به ٿيندو ته ماڻهن وٽ جيڪي گاڏيون يا موٽر سائيڪلون آھن اُھي سندن نالي ٿيڻ جي دستاويزي ڪاروائي به مڪمل ٿي ويندي
هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ’اوپن ليٽر’ يا ڪچي ڪاغذ تي گاڏيون يا موٽرسائيڪلون هلائي رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ان پاليسي سان گاڏين جي مالڪي جا تڪرار به ختم ٿيندا