پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورت حال تي بحث جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي شام جو سڏايو ويو آهي.
ان کان اڳ هيءُ اجلاس 10 اپريل تي ٿيڻو هو جيڪو هاڻي 22 مارچ تي ٿي رهيو آهي. مبصر هن اجلاس کي ملڪ جي موجوده سياسي صورت حال ۾ اهميت جي نظر سان ڏسي رهيا آهن.
سومر ڏينهن وزير اعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ رات جو دير تائين اتحادي جماعتن جي رهنمائن جو اجلاس ٿيو.
ان اجلاس کان پوءِ جاري ٿيڻ واري اعلان ۾ چيو ويو آهي ته اتحادي حڪومت جا اڳواڻ تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان جي مبينه چرچ تي پوليس ۽ رينجرز تي ٿيڻ وارن حملن ۽ تشدد جي مذمت ڪن ٿا.
اعلان مطابق اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
مبصرن چيو آهي ته سياسي صورت حال ايتري قدر وچڙيل آهي جو ان منجهان نڪرڻ جو ڪو رستو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. حڪومتي اتحاد جي اعلان مان ثابت ٿئي ٿو ته حالتن ۾ ٺاپر جي بجاءِ ٻنهين ڌرين وچ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.
تجزيه ڪار حسن عسڪريءَ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي جماعتن جي اجلاس جو اعلان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ الزام ۽ جوابي الزام جي عڪاسي ڪري ٿو. ان منجهان اندازو ٿئي ٿو ته ملڪ جي سياست ۾ استحڪام نه ايندو، بلڪه دوريون وڌنديون.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته حڪومت گهري ٿي ته ملڪ ۾ اليڪشن هڪ ئي وقت ٿين ۽ ان جي جواز جي طور تي جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي اهي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ به حل ٿيندي ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن.
هن چيو ته ان صورت حال ۾ جيڪڏهن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون نه ٿيون ٿين ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ به عام چونڊون ٿيندي ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن.
ٻئي پاسي، تجزيه ڪار سجاد مير چيو آهي ته تازي عرصي دوران رونما ٿيڻ وارن واقعن ۽ پيدا ٿيل صورت حال اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته رياست فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ’’بس گهڻو ٿي چڪو’’.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته عمران خان جا بيان به ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته سخت قدم کڻڻ کان سواءِ ڪو رستو باقي نه بچيو آهي.