پاڪستان جي وزير اعظم شهبار شريف چيو آهي ته ’’آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف عمران خان جي چوڻ تي هلايل ڪردار ڪشيءَ جي مهم مذمت جي لائق آهي’’.
سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ’’عمران خان نيازي اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان حد تائين وڃي چڪو آهي جو هن ملڪ، فوج ۽ ان جي قيادت کي نقصان پهچائڻ شروع ڪري ڏنو آهي’’.
وزير اعظم وڌيڪ چيو ته عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گنديءَ سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي.
فوج جي سربراه جنرل عاصم منير جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ’’تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي لڳڻ واري آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دشمنن جو ايجنڊا ٿي سگهي ٿي. قوم پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺي آهي ۽ شرپسندن جي خلاف متحد آهي’’.
شهباز شريف گهرو معاملن جي وزير رانا ثنا الله کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ادارن جي خلاف مهم هلائڻ وارن سان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
اها هدايت ڏيندي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ افراتفري، ڏڦيڙ ۽ بغاوت کي هوا ڏيڻ وارن سان سختيءَ سان نبرڻ کپي.
آرمي چيف جي باري ۾ وزير اعظم شهباز شريف جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن گزريل ڪجهه هفتا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي لاهور ۾ رهائش گاه تي ٿيڻ واري ڪاروائي ءَ۽ بعد ۾ اسلام آباد ۾ عدالتي پيشيءَ دوران ڪارڪنن ۽ پوليس جي ٽڪراءَ کان پوءِ پاڪستان سان گڏ مختلف يورپي ملڪن ۾ به پي ٽي آءِ جي حامين احتجاج ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ٻاهرين ملڪن جا محب وطن پاڪستاني ’فارين فنڊيڊ’ مهم جي خلاف آواز اٿارن. سندس بقول، زهريلي سياست کي ٻاهرين ملڪن جي ذريعي ڦهلايو پيو وڃي، ان ڪري، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن.
تحريڪ انصاف جي قيادت ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي حامين جي پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف احتجاج جي باري ۾ هينئر تائين ڪو موقف نه ڏنو آهي.
عمران خان پنهنجي تقرير ۽ بيانن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جي لاءِ سڌو سنئون ۽ ٻين جي مدد سان ذمي دار قرار ڏيندو رهيو آهي.
وائس آف آمريڪا کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ به هن چيو هو ته موجوده حڪومت ۾ به فيصلا آرمي چيف عاصم منير ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هو سياست ۾ مداخلت تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ريٽائرڊ) قمر جاويد باجواه جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو به ڪري چڪو آهي.
پاڪستان جي فوج سياست ۾ مداخلت جي الزامن جي ترديد ڪندي رهي آهي.
ٻئي پاسي، تحريڪ انصاف جو اهو به موقف رهيو آهي ته اها ادارن جي خلاف ناهي، بلڪه انهن ادارن ۾ موجود ڪجهه ماڻهن جي فيصلن کي صحيح نه ٿي سمجهي.