افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي عيوضي، زلمي خليل زاد پاران اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حمايت ۾ڏنل بيان اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهن. حڪمران اتحاد ۽ پرڏيهي کاتي زلمي خليل زاد جي بيانن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي.
اهي بيان اهڙي وقت اچي رهيا آهن جڏهن پاڪستان ۾ سياسي گهوٽالو شدت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي اتحادي حڪومت ۽ عمران خان جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تڪڙين چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي حڪومت ان مطالبي کي مڃڻ جي لاءِ تيار ناهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن کي به اٺين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو آهي.
آمريڪا جي اڳوڻي سفارت ڪار خليل زاد هڪ ڀيرو ٻيهر خميس ڏينهن هڪ تازيءَ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جي سول ۽ فوجي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته اهي، سندس چواڻي، ’’پنهنجي هاڃيڪار روش بدلائن’’.
رمضان جي مهيني ۾ اسلامي ملڪن پاران غور ۽ ويچار تي زور ڏيندي، خليل زاد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سول ۽ فوجي قيادت پنهنجي ملڪ جي صورت حال تي غور ڪن، جيڪا، سندس بقول، ’’تباه ڪن رستي تي هلي رهي آهي’’.
خليل زاد پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي اڳواڻن کي صلاح ڏيندي چيو ته کين پنهنجين ذمي دارين جو احساس ڪرڻ کپي ۽ عوام جي مفاد ۾ پنهنجو رستو بدلائڻ گهرجي.
’پاڪستاني عوام کي ڪنهن پرڏيهي ملڪ کان ڪنهن صلاح جي ضرورت ڪانهي’
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جمعي ڏينهن عام اخباري بريفنگ دوران، خليل زاد جو نالو وٺڻ بنان، چيو ته پاڪستان جي ٻاهران کان ايندڙ ڪو آواز يا ڏنل بيان پاڪستان جي جمهوري سياست ۽ عوام کي متاثر نه ٿو ڪري سگهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان جو عوام ايترو شعور رکي ٿو ته اهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ۽ کيس ملڪ کان ٻاهران ڪنهن جي صلاح جي ضرورت ڪانهي.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان، ممتاز زهرا بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙي قسم جي ڪنهن بيان جي ڪري ٿيڻ واري تنقيد يا مداخلت جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.
خليل زاد پوئين ڪجهه ڏينهن دوران ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجي ٽوئيٽس جي ذريعي پاڪستان جي صورت حال جي باري ۾ تبصرو ڪري چڪو آهي.
چوڏهين مارچ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ سياسي گهوٽالو وڌي ويندو. ان سان گڏ، هن حڪومت کي جون ۾ سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز به ڏني هئي.
خليل زاد چيو ته موجوده حڪومت عمران خان کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن بڻائي رهيو آهي ۽ کيس نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
زلمي خليل زاد کان سواءِ آمريڪي قانون ساز، سينيٽر جيڪي روزن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۾سياسي صورت حال تي تشويش جو اظهار ڪندي، سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو هو ته اهي پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان حل ڪن.
’زلمي خليل زاد جي تبصرن ۽ صلاحن تي رد عمل ڇاجي لاءِ؟’
پاڪستان ۾ ڪن مبصرن چيو آهي ته زلمي خليل زاد جي بيانن تي حڪومت جي پاران رد عمل ڏيڻ کين اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي ڇو ته خليل زاد ڇڙو پنهنجي رائي ڏئي رهيو آهي.
ڪن مبصرن جو خيال آهي ته هونئن ته زلمي خليل زاد اهي بيان پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڏنا آهن، ليڪن سندن خيال ۾ انهن بيانن جي اهميت آهي. سندن چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا ۽ پاڪستان جي باري ۾ خليل زاد جي رائي کي آمريڪي حلقن ۾ اهم خيال ڪيو وڃي ٿو.
(جليل اختر جي رپورٽ)