پاڪستاني نجاد يهودي، فشيل بن خالد دعوا ڪئي آهي ته هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني کاڌي پيتي جي شين جي پهرين کيپ اسرائيلي مارڪيٽن ڏانهن موڪلي آهي جنهن ۾ خارڪون، خشڪ ميوا ۽ ڪجهه مصالحا شامل آهن.
فشيل بن خالد پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو آهي ته اهي مصنوعات برآمد ڪرڻ کان اڳ هن اسرائيلي واپارين سان دبئي ۽ جرمنيءَ ۾ غذائي شين جي نمائشن دوران ڪيترا ئي ڀيرا گڏجاڻيون ڪيون ۽ کين ان جي خريداريءَ تي قائل ڪيو.
سندس بقول، ان کان پوءِ ئي معيار جي چيڪنگ، پيڪيجنگ ۽ بعد ۾ شپنگ ممڪن ٿي. شروع ۾ خشڪ ميوا ۽ مصالحا موڪليا ويا جيڪي يروشلم ۽ جيفه جي بازارن ۾ وڪامي رهيا آهن.
هن ٻڌايو ته اتي پاڪستاني کاڌي پيتي جي شين جو معيار به سٺو آهي، پر اڃان ان معيار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي به تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
خيال رهي ته پاڪستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارتي ۽ سياسي ناتا موجود ناهن ۽ پاڪستان هينئر تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪيو آهي.
ليڪن ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهن جن ۾ پاڪستان ۽ اسرائيلي اختياريءَ وارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جون قياس آرائيون سامهون اينديون رهنديون آهن. ليڪن، اهڙن رابطن جي تصديق ٻهني طرف کان ڪڏهن به نه ڪئي وئي آهي.
ليڪن گزريل سال ڪن پاڪستاني نجاد شهرين جو اسرائيل جو دورو بحث مباحثي جو موضوع بڻيو رهيو، جنهن جي حق ۽ مخالفت ۾ ماڻهن کلا دليل ڏنا هيا. ان دوري ۾ شامل شخصن اسرائيلي صدر سان ملاقات کان سواءِ اسرائيلي پارليامينٽ جو به دورو ڪيو هو. ليڪن پاڪستان جي حڪومت اهڙي ڪنهن به وفد جي دوري سان حڪومتي پاليسيءَ جي تبديليءَ جي تاثر کي رد ڪيو هو.
ماهرن جي خيال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تجارتي ناتن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي ترقيءَ جا موقعا ملي سگهن ٿا.
لاهور جي رهائشي بين الاقوامي واپار جي ماهر، محمد عثمان بيگ چيو آهي ته اسرائيل ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعلقات وڌائڻ جي گهڻي گنجائش آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جو دارومدار سفارتي تعلقات سان آهي جن جو ويجهي عرصي ۾ امڪان نظر نه ٿو اچي.
هن چيو ته ڪنهن به قسم جي ناتن نه هئڻ جي ڪري اهو ممڪن ناهي ته ٻئي ملڪ سڌو سنئون واپار ڪري سگهن. ليڪن، ائين ضرور ممڪن آهي ته پاڪستاني مصنوعات ڪنهن ٽئين ملڪ مان جنهن سان اسرائيل جا تجارتي ناتا آهن، اسرائيل موڪليون وڃن.
عثمان بيگ وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ وسيع رقبو موجود آهي جيڪو اسرائيل جي ڀيٽ ۾ 36 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ هتي زراعت جي ذريعي ڪيتريون ئي غذائي مصنوعات تيار ڪري انهن کي اسرائيل کي درآمد ڪري سگهجي ٿو.
سندس بقول، پاڪستان جي ٽيڪسٽائل جي صنعت جو دنيا ۾ اهم درجو آهي ۽ جراحيءَ جي آلات جي وڏي صنعت جنهن جو سامان هتان يورپ، آفريقا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ويندو آهي، پر اسرائيل نه ٿو وڃي.
عثمان چيو ته جيڪڏهن انهن منجهان ڪجهه شيون اسرائيل وينديون به هجن تڏهن به اهي ٽئين ڪنهن ملڪ جي ذريعي وينديون هونديون. هن چيو ته ان کان علاوه اسپورٽس جو سامان ۽ مصالحن سميت ٻين شين جي گهرج به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته پاڪستاني ٽيڪسٽائيل جو شيون ان ڪري به اتي وڌيڪ وڪامي سگهن ٿيون ڇو ته اسرائيل جي شهرين جي خريدڻ جي سگهه تمام گهڻي آهي. پر ڇو ته پاڪستان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪي تجارتي ناتا موجود ناهن ان ڪري ان وڏي ۽ مضبوط مارڪيٽ مان ڀارت ته فائدو وٺي رهيو آهي ليڪن اسان پنهنجي سياسي پاليسيءَ جي ڪري ائين نه ٿا ڪري سگهئون.
سندس بقول، اسان جيڪڏهن موقعن جي قيمتجي ڳالهه ڪريون ته اسان اربين ڊالر وڃائي رهيا آهيون.
عثمان بيگ چيو ته ٻئي پاسي اسرائيل ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جي لحاظ کان هن وقت پاڪستان کان گهڻو اڳتي آهي ۽ جيڪڏهن واپاري ناتا قائم ٿين ته پاڪستان اسرائيلي ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي سگهندو.
هن چيو ته تازن سالن دوران اسرائيل ايشيا جي ڪيترن ملڪن سان پنهنجا سفارتي ناتا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، جن ۾ ڀارت ۽ چين جهڙا وڏا مارڪيٽ شامل آهن.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته گزريل ڪجهه سالن دوران اسرائيل ۽ ڪيترن مسلمان ملڪن وچ ۾ واپاري مقدار ۾ ڪيترا ڀيرا اضافو ٿيو آهي، خاص طور تي اسرائيل، متحده عرب امارات ۽ بحرين جي وچ ۾ آمريڪي ٽياڪڙائپ ۾ ٿيڻ واري سياسي معاهدي تي صحي ڪرڻ کان پوءِ ناتن ۾ وڌيڪ گرمجوشي ڏٺي پئي وڃي، جنهن جو فائدو پاڪستان به پنهنجي مصنوعات جو وڪرو وڌائي ڪري سگهي ٿو.
پنجهٺ ورهن جي پاڪستاني شهري فشيل بن خالد جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ۽ کيس يهوديءَ جي طور تي حڪومت پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيو هو جنهن تي هو مقدس مذهبي هنڌن جي زيارت ڪرڻ اسرائيل وڃي چڪو آهي.
(محمد ثاقب جي رپورٽ)