رسائی کے لنکس

عمران خان کي گوليون لڳڻ جو ڊرامو رچايو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان جي دعوا


پي ٽي آئي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو ڪنٽينر (فائيل فوٽو)
پي ٽي آئي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو ڪنٽينر (فائيل فوٽو)

يارهن سياسي جماعتن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي سربراه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان کي ڪيتريون گوليون لڳيون، ان متعلق، سندس بقول، ڊرامو ڪيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ آچر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزير اعظم جي باري ۾ چيو ته ان جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ تضاد آهي. اهو به معلوم ناهي ته گولي ان جي ويجهو کان گزري به آهي يا نه.

واضح رهي ته عمران خان لانگ مارچ ۾ ٿيڻ واري فائرنگ ۾ زخمي ٿيو هو. ان حوالي سان پي ڊي ايم جي سربراه وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي جي ذمه داري پنجاب حڪومت جي هئي. ملڪ کي مشڪل حالتن طرف ڌڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته عمران خان کي ڪيتريون گوليون لڳيون آهن ان حوالي سان ڊاڪٽرن جي بيانن ۾ تضاد موجود آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته حملو ٿيو پنجاب ۾، مبينه ڏوهاري پڪڙيو ويو پنجاب ۾ جنهن کي پنجاب جي ٿاڻي ۾ نيون ويو ۽ الزام لڳايو ويو وزير اعظم تي، وزير داخله ۽ آئي ايس آئي جي آفيسر تي.

هن چيو ته بغير ثبوت جي اهم شخصن تي الزام مڙهيو پيو وڃي.

سندس بقول، عمران خان چوي ٿو ته آرمي چيف ان جي مرضيءَ سان لڳي. اهڙيءَ طرح ته پيپلز پارٽيءَ جو پنهنجو آرمي چيف هوندو ۽ نواز ليگ جو پنهنجو آرمي چيف هوندو.

اپريل ۾ اڳوڻي وزير اعظم جي خلاف قومي اسمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابيءَ جي طرف اشارو ڪندي، مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان کي آئيني طور تي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي باري ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ ترقيءَ جو سفر رڪجي ويو هو.

ملڪ ۾موجوده حڪومت جي اهميت ’’صرف ٽچ بٽڻ جي آهي’’، فواد چوڌري

تحريڪ انصاف جي رهنما فواد چوڌريءَ چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف جي قتل جي به تحقيقات ڪري. لاهور ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي هن چيو ته 72 ڪلاڪن کان پوءِ به واقعي جي ايف آئي آر درج نه ٿي آهي.

هن چيو ته نظام آئين مطابق نه هلندو ته عوام کي حق نه ملي سگهندا. شهرين جي ذاتي وڊيوز جو جمعه بازار لڳايو ويو آهي.

سندس بقول، ملڪ ۾ موجوده حڪومت جي اهميت صرف ٽچ بٽڻ جيتري آهي.

عمران خان اسپتال مان ڊسچارج، زمان پارڪ روانو

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي لاهور جي شوڪت خانم اسپتال مان آچر ڏينهن شام جي ڊسچارج ڪيو ويو. ميڊيڪل بورڊ عمران خان کي ڏهن ڏينهن جي آرام جي هدايت ڪئي آهي، جيڪو هڪ هفتي تائين ان جو مسلسل طبي معائنو ڪندو.

خيال رهي ته عمران خان کي لانگ مارچ جي دوران وزيرآباد جي ويجهو گوليون لڳيون هيون ۽ کيس شوڪت خانم اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

ايف آئي آر تنازعو، آئي جي پنجاب جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

پنجاب جي آئي جي پوليس فيصل شاهڪار عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مقامي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، آئي جي پنجاب عهدو ڇڏڻ متعلق وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو ذاتي سببن جي ڪري ڪم نه ٿو ڪري سگهي.

رپورٽن مطابق، پوئين ڏينهن دوران عمران خان ۽ مؤنس الاهي جي ملاقات ۾ آئي جي پنجاب کي تبديل ڪرڻ جو فصلو ڪيو ويو هو.

خيال رهي ته عمران خان تي ٿيڻ واري حملي جي چئن ڏينهن کان پوءِ به ايف آئي آر درج نه ٿي سگهي آهي.

پوليس ورديءَ جي توهين جو نوٽيس ورتو وڃي، پنجاب پوليس

تحريڪ انصاف جي رهنما شاه محمود قريشيءَ جي گرزيل ڏينهن پنجاب پوليس متعلق بيان تي رد عمل ڏيندي پنجاب پوليس چيو آهي ته پنجاب پوليس کي گار ڏيڻ تمام افسوس ناڪ آهي.

پنجاب پوليس آچر ڏينهن سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته پنجاب پوليس جي وزيرآباد واقعي ۾ نشانو بنجڻ وارن سمورن ماڻهن سان همدردي آهي. بيا ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت کان توقع آهي ته حڪومت ۾ شامل جماعت جي رهنما جي پاران پوليس يونيفارم جي توهين جو نوٽيس ورتو وڃي.

XS
SM
MD
LG