پاڪستان ۾ صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن ٽيليويزن چينيلز تي نظر رکڻ واري اداري، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاران پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي مڪمل پابندي ۽ خانگي ٽي وي چينيل، آي آر وائي جي نشريات معطل ڪرڻ کي بنيادي آئيني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.
مبصرن چيو آهي ته اهڙيون پابنديون ڪڏهن به فائديمند نه ثابت ٿينديون آهن. قومي سلامتيءَ جي معاملي تي سياسي رهنمائن ۽ ميڊيا جي ادارن جي حدن کي طئي ڪرڻ گهرجي.
آچر ڏينهن پيمرا اعلان جاري ڪيو هو ته ٽي وي چينيلز عمران خان جا رڪارڊ ڪيل يا براه راست بيان، گفتگو يا خطاب نشر نه ٿا ڪري سگهن. پيمرا مطابق عمران خان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي. ان ڪري پابندي لڳائي وئي آهي. ان پابنديءَ کان پوءِ خانگي نشرياتي اداري، اي آر وائي نيوز جي طرفان عمران خان جي تقرير هيڊلائنن ۾ ڏيکارڻ جي الزام تي ان جو لائسنس روڪي ڇڏيو آهي.
پيمرا طرفان لائسنس مهمل ٿيڻ کان پوءِ مختلف ڪيبل نيٽ ورڪس تي اي آر وائي نيوز جي نشريات بند ڪيون ويون آهن.
هڪ بيان ۾ ’ايسوسي ايشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز’ (ايمنڊا) چيو آهي ته پاڪستان جو آئين هر شخص کي قانوني ضابطن مطابق تقرير ۽ تحرير جي اجازت ڏئي ٿو. ڪنهن سياست اڳواڻ جي تقرير يا گفتگو نشر ڪرڻ کان روڪڻ غير قانوني عمل آهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ائين ناهي ٿيو ته ڪنهن سياسي اڳواڻ جا بيان نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هجي. ماضيءَ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي طرفان پاڪستان جي فوج جي ان وقت جي سربراه جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ملڪ جي طاقت ور ترين پوشيده اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس آئي) جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي هڪ تقرير تي اهڙا الزام لڳايا ويا هيا.
ان وقت پيمرا اهڙي ئي قسم جا احڪامات جاري ڪيا هيا جن ۾ نواز شريف جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.
ان کان سواءِ متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) جي باني الطاف حسين پاران 2016 ۾ رياست مخالف تقرير تي عدالتي احڪامات جي روشنيءَ ۾ پابندي لڳائي وئي هئي. بعد ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي بانيءَ کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو. الطاف حسين تي پوئين ڪيترن سالن کان پابندي برقرار آهي.
آي آر وائي تي پابندي
خانگي نشرياتي اداري اي آر وائي تي پابنديءَ جي معاملي ۾ سوشل ميڊيا تي شديد رد عمل ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته حڪومت جي ان قدم تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
اي آر وائي نيوز جي نائب صدر عماد يوسف سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تقريبا سمورن چينيلز عمران خان جي خبر نشر ڪئي، ليڪن پيمرا نشريات مهمل ڪرڻ جي لاءِ رڳو اي آر وائي نيوز کي نشانو بنايو.
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) به آي آر وائي نيوز جو لائسنس معطل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي.
ڇا اهڙي پابنديءَ جو فائدو ٿيندو آهي؟
ڪن مبصرن سياسي اڳواڻن تي اهڙين پابندين کي سندن لاءِ سياسي طورتي فائديمند قرار ڏيو آهي.
سينئر صحافي حامد مير وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي چيو ته سياستدانن تي پابندي لڳڻ جي ڪري انهن جي مقبوليت وڌندي آهي. ليڪن بعد ۾ سياست دان مقبوليت جو فائدو وٺي ڊيل ڪري وٺندا آهن.
هن چيو ته نواز شريف تي جڏهن پابندي لڳي ته صحافين ان تي آواز اٿاريو، ته پي ٽي آئي پاران انهن کي ’غدار صحافي’ قرار ڏنو ويو. جڏهن عمران خان تي پابنديءَ جي خلاف صحافي آواز اٿاري رهيا آهن ته ٻيهر صحافي تنقيد جو نشانو بڻيل آهن.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)