اڳوڻي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس، جنهن جي 2024 جي ريپبلڪن صدارتي نامزدگيءَ جي ڊوڙ تي نظر آهي، چيو آهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 6 جنوري 2021 تي يو ايس ڪيپيٽل ۾ پنهنجي حامين جي هنگامي جي حوصله افزائيءَ جو ذاتي طور تي ذمي دار هيو.
ڊونلڊ ٽرمپ جي چئن سالن جي مدي دوران وفاداريءَ سان خدمت ڪرڻ واري اڳوڻي نائب صدر جي پاران ٽرمپ جي باري ۾ اهو سخت ترين تبصرو آهي.
ڪيپيٽل هل تي حملو ان وقت ٿيو جڏهن ٽرمپ جي حامين ڪانگريس کي جو بائيڊن جي هٿان 2020 جي چونڊن ۾ 45 وين صدر کي شڪست جي منظوري ڏيڻ جي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
واشنگٽن ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت ۾ شرڪت دوران پينس صحافين کي ٻڌايو ته ’’صدر ٽرمپ غلط هو. مون کي چونڊن کي پلٽڻ جوڪو حق حاصل نه هو’’.
هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جي ’’غير محتاط لفظن ان ڏينهن منهنجي خاندان ۽ ڪيپيٽل ۾ موجود هر شخص کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو، ۽ مان ڄاڻان ٿو ته تاريخ ڊونلڊ ٽرمپ کي جوابدار سمجهندي’’.
قدامت پسند قانون سازن ۽ فاڪس نيوز جي مبصرن جي طرفان ڪانگريس جي عمارت تي هنگاما آرائيءَ جي واقعي کي گهٽائي پيش ڪرڻ جي جاري ڪوششن کي پينس رد ڪيو.
ڪانگريس جي عمارت تي چڙهائي ڪرڻ جي معاملي تي پينس چيو ته ’’سياح دلچسپيءَ جا هنڌ ڏسڻ دوران 140 پوليس عمل دارن کي زخمي نه ڪندا آهن’’.
هن چيو ته سياح ايوان جي اسپيڪر تائين وڃڻ جي لاءِ دروازا نه ٽوڙيندا آهن يا سرڪاري اهل ڪارن کي ڌمڪيون نه ڏيندا آهن.
پينس چيو ته ان ڏينهن جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو شرمناڪ هو ۽ ان کي ڪنهن ٻئي نموني پيش ڪرڻ سلڇڻي روئيي سان مذاق ڪرڻ برابر ٿيندو.
هن اهو بي چيو ته ماڻهن کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته بغاوت جي دوران ڇا ٿيو هو. هن وڳوڙ جي باري ۾ لکڻ ۾صحافين جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
ياد رهي ته آمريڪا ۾ صدر ۽ نائب صدر هڪ ئي ٽڪيٽ تي انتخاب وڙهندا آهن ۽ کين عوام سڌو سنئون ووٽن جي بجاءِ کٽڻ وارن نمائندن جي ووٽن سان منتخب ڪيو ويندو آهي.
ٽرمپ خانگي ۽ عوامي طور تي مطالبو ڪيو ته پينس نتيجن کي روڪي ڇو ته ان وقت جي نائب صدر ووٽن جي ڳڻپ جي صدارت ڪئي هئي.
پينس چيو ته ان ۾ سندس ڪردار رڳو رسمي هيو.
ان وڳوڙ دوران ڪن وڳوڙين ’مائيڪ پينس کي ڦاسي ڏيو’ جا نعرا هنيان هيا ۽ مظاهرو ڪندڙن ڪيپيٽل جي اندر نيشنل مال تي ڦاسيءَ جو تختو کڙو ڪيو هو
جيئن ئي وڳوڙين ڪيپيٽل تي چڙهائي ڪئي ته سيڪيورٽي جي عمل دارن پينس ۽ سندس خاندان کي تحفظ جي لاءِ ڪيپيٽل جي اندر محفوظ جاءِ ۾ پناه ڏيڻ جي جاکوڙ ڪئي هئي.
(وي او اي نيوز)