آمريڪي فوج خميص ڏينهن روسي فوجي مداخلت جي اها وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اڱاري ڏينهن بحيره اسود جي مٿان ڪهڙيءَ طرح روسي جهاز جو آمريڪي نگراني ڪرڻ واري ڊرون سان ٽڪراءُ ٿيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روسي سخوئي ايس يو 27 آمريڪي ايم ڪيو-9 ڊرون جي پويان ويجهو اچي ان تي دوهون اڇلائي ٿو ۽ پوءِ ان جي مٿان لنگهي وڃي ٿو.
اهڙيءَ ريت ٻيو سخوئي ايس يو 27 ويجهو اچي ٿو ۽ جيئن ئي اهو ڊرون تائين پهچي ٿو، ان وقت وڊيو فيڊ ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو جنهن جي باري ۾ آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته ان وقت روسي ويڙهاڪ جهاز ڊرون سان ٽڪرايو هو.
آخري شاٽ ۾ وڊيو فيڊ کي بحال ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان وقت ڊرون جي پر جو هڪ بليڊ جهڪي پوي ٿو.
ان وڊيو جي منظر عام تي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ بچاءَ واري آمريڪي وزير لائيڊ آسٽن ان معاملي تي پنهنجي روسي منصب واري عهديدار سرگئي شوئيگو سان ڳالهايو. ان کان پوءِ آسٽن ٻڌايو ته ’’آمريڪا اڏامون جاري رکندو ۽ جتي به بين الاقوامي قانون اجازت ڏئي ٿو اتي ڪم ڪندو رهندو ۽ روس جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي فوجي جهازن کي محفوظ ۽ پيشه ورانه انداز ۾ اڏائي’’.
عهديدارن جي مطابق، آڪٽوبر کان پوءِ ٻنهين دفاعي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ڪال هئي.
ڊرون اڱاري ڏينهن بين الاقوامي فضائي حدن ۾’معمول جون ڪاروائيون’ ڪري رهيو هو جڏهن ٻن روسي سخوئي ايس يو 27 ويڙهاڪ جهازن ان کي روڪيو. روسي جيٽ ڊرون جي پروپلر سان ٽڪرائڻ کان پوءِ، آمريڪي فوج جي مطابق، آمريڪي ايم ڪيو-9 کي آمريڪي فوج بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيو.
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين مارڪ مليءَ اربع ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته ’’اسان ڄاڻون ٿا ته ڄاڻي ٻجهي مداخلت ڪئي وئي هئي. اسان سمجهون ٿا ته اهو جارحانه انداز سوچي سمجهي اختيار ڪيو ويو. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اهو انتهائي غير پيشه ورانه ۽ تمام گهڻو غير محفوظ قدم هيو’’.
مليءَ چيو ته هو اڃان تائين نه ٿو چئي سگهي ته روسي جهاز ۽ ڊرون جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڃاڻي واڻي ڪيو ويو.
روس چيو آهي ته هو ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي ته ڊرون کي حاصل ڪرڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي وڃي. ليڪن آمريڪي اهل ڪارن چيو آهي ته آپريٽو ڊرون ۾ موجود حساس سافٽ ويئر کي ان تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ميساري ڇڏيو ويو ته جيئن روس کي خفيه معلومات ڪٺي ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
ڪاري سمونڊ ۾ آمريڪي بحري جهاز موجود ناهن. هتي گهڻي ڀاڱي روس جو ڪنٽرول آهي. ليڪن جنرل ملي چيو ته علائقي ۾ اسان جا تمام گهڻا اتحادي ۽ دوست آهن ۽ اسان ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين. اها آمريڪي ملڪيت آهي’’.
روس چيو آهي ته اها آمريڪي ڊرون جي آپريشنل غلطي هئي. هڪ آمريڪي فوجي اهل ڪار وي او اي روس کي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته ان جا ايس يو 27 جيٽ جهاز آمريڪي ڊرون سان ٽڪرايا. اڃان تائين ايم ڪيو -9 بنان پائليٽ ڊرون نه مليو آهي.
هوڏانهن آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان نيڊ پرائس اڱاري ڏينهن چيو ته آمريڪا روسي سفير کي سڏائي ان واقعي تي احتجاج ڪيو.
ان کان اڳ اربع ڏينهن آسٽن ۽ ملي ’’يوڪرين جي بچاءَ واري گروپ جي ڏهين اجلاس جي ميزباني ڪئي. ورچوئل ميٽنگ ۾ 51 ميمبر شريڪ ٿيا. مليءَ چيو ته گروپ وڌيڪ توپون، بڪتربند گاڏيون ۽ گولا بارود فراهم ڪرڻ کا علاوه فضائي دفاعي نظام ۽ وسيع نيٽ ورڪ جي فراهمي جو وعدو ڪيو آهي’’.
(وي او اي نيوز)