رسائی کے لنکس

ليڪ ٿيل دستاويز قومي سلامتي لاءِ ’وڏو خطرو‘ آهن: پينٽاگان


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪا جي بچاء واري کاتي تازوئي ھڪ ڳجھي دستاويز جي ليڪ ٿيڻ کي قومي سلامتي لاءِ ’وڏو خطرو‘ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اختياري وارا ان معاملي ۾ ٿيندڙ نقصان کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.

تازو ئي يوڪرين جنگ بابت آمريڪي بچاء واري کاتي جي جائزن سميت انتهائي ڳجھا دستاويز ليڪ ٿي انٽرنيٽ تي آيا آهن. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته خدشا آهن ته وڌيڪ تفصيل ليڪ ٿي سگهن ٿا.

آمريڪي دفاع واري وزير جي معاون ڪرس مئيھر سومر تي صحافين کي ٻڌايو ته وزيرِ دفاع لائيڊ آسٽن کي پهريون ڀيرو خميس تي خبر پئي ته يوڪرين جنگ ۾ آمريڪي فوجي ڪوششن ۽ ان ۾ شامل ٻين ملڪن جي انٽيليجنس جي باري ۾ تفصيل بابت ھڪ ڳجھي بريفنگ جون سلائيڊون ليڪ ٿي ويون آھن.

هن چيو ته ڳجهن دستاويزن جي ليڪ ٿيڻ کانپوءِ بچاءَ وارو وزير مسلسل اتحادين سان رابطي ۾ آهي ۽ ھن نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ روزانو اجلاس پڻ ڪيا آھن.

ڪرس مئيهر مطابق دفاع وارو کاتو جائزو وٺي رهيو آهي ته اھا معلومات ڪيئن ۽ ڪنهن کي پهچائي وئي آھي.

سندس چوڻ هو ته ليڪ ٿيل دستاويزن جي معاملي تي هڪ گروپ جوڙيو ويو آهي جيڪو نه رڳو معلومات ليڪ ٿيڻ سان ٿيل نقصان جو اندازو لڳائيندو پر اهو به جائزو وٺندو ته ان معلومات تائين ڪنهن جي پُهچ آهي.

ليڪ ٿيل سلائيڊن ۾ يوڪرين جي حمايت لاءِ آمريڪي تربيت ۽ سامان جو شيڊول، نقصان جو ڪاٿو، آمريڪا پاران اهم اتحادين ۽ ڀائيوارن جي نگراني، ۽ روسي حڪمتِ عملي جا تفصيل شامل آھن.

دفاع واري وزير جي معاون مطابق انصاف جو کاتو ان معاملي جي تحقيقات ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انهن دستاويزن جو آن لائن پکڙجڻ قومي سلامتي لاء هڪ وڏي خطري واري ڳالھ آهي، جنھن سان ماڻھن جون جانيون به ضايع ٿي سگهن ٿيون.

هن چيو ته ڊفينس ڊپارٽمينٽ ۽ آمريڪي حڪومت ان معاملي کي انتھائي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهن ۽ اها اسان جي پھرين ترجيح آهي.

خبرن جي اداري ’ايسوسي ايٽڊ پريس‘ موجب هڪ دفاعي عهديدار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پينٽاگان روزانو بريفنگ تائين رسائي رکندڙ ماڻھن واري لسٽن جو جائزو وٺي رهيو آهي، ۽ اهو ڏٺو ويندو ته ڪنهن کي خفيه معلومات ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن کي خفيه مواد تائين رسائي حاصل آهي.

ليڪ جي پويان ڪير آهي؟

وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا معلومات جي وڌيڪ آن لائن رليز لاء تيار آهي، ته سندس چوڻ ھو ته "سچ اهو آهي ته اسان کي خبر ناهي. اسان کي اھا ڄاڻ ناهي ته ان جي پويان ڪير آهي ۽ سندس مقصد ڇا آهي “.

جان ڪربي چيو ته اختياري وارا آن لائن پوسٽ ڪيل دستاويزن کي ڏسي رهيا آهن. اهو معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڪاغذن ۾ "ترميم" ڪئي وئي آهي.

ايسوسي ايٽڊ پريس موجب هڪ دستاويز ۾ يوڪرين جي جنگ ۾ روسي فوجين جي جاني نقصان جو اندازو پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو آمريڪي عملدارن پاران عوام کي ڏنل انگن اکرن کان گهٽ آهي.

مجموعي طور ٿيل فوجي نقصان بابت هڪ دستاويز ۾ روسين جو جاني نقصان 16 کان ساڍا 17 ھزار ۽ يوڪرينين جي جانين جو نقصان 71 ھزار ٻڌايل آهي.

جڏهن ته آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين، جنرل مارڪ ميلي، گذريل سال نومبر ۾ چيو هو ته روس کي ھڪ لک کان وڌيڪ اهلڪارن جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته يوڪرين کي پڻ وڏو نقصان رسيو آهي، ۽ اهي اندازا تازن مهينن ۾ وڌندا رهيا آهن.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ويدانت پٽيل سومر تي صحافين کي ٻڌايو ھو ته آمريڪي عملدار ان معاملي تي اتحادين ۽ ڀائيوارن سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪري رھيا آهن.

صحافتي تنظيم "بيلنگ ڪيٽ" سميت سوشل ميڊيا تي نظر رکندڙ محقق چون ٿا ته ٿي سگھي ٿو ته دستاويز ’ڊس ڪورڊ’ پليٽ فارم تي نجي انٽرنيٽ چيٽس ۾ مهينن کان گردش ڪري رهيا هجن.

ان حوالي سان جڏهن ڪرس مئيهر کان پڇيو ويو ته ڇا پينٽاگان ڊس ڪورڊ سان رابطو ڪيو آهي، ته هن ان باري ۾ انصاف واري کاتي کان پڇڻ جو چيو.

انصاف واري کاتي ئي ليڪ جي معاملي جي جانچ شروع ڪئي آهي. ليڪ ٿيل دستاويز ٽوئيٽر تي به گردش ڪري رهيا آهن.

(هن خبر لاءِ ٿورو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG