پشاور زلمي جي نوجوان بيٽسمين صائم ايوب جي لاهور قلندرز جي ورلڊ ڪلاس بالرن جي خلاف جارحانه بيٽنگ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ان جي واه واه ٿي رهي آهي.
اڱاري ڏينهن صائم لاهور قلندرز جي خلاف 36 بالن تي 68 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي جنهن ۾ ٽي ڇڪا ۽ اٺ چوڪا شامل هيا.
صائم جي بيٽنگ جي خاص ڳالهه سندس اعتماد هيو جنهن جو اظهار هن فاسٽ بالر حارث رئوف جي پهرين بال تي ڇڪو لڳائي ڪيو.
هن ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ جي پختي بالر راشد خان جي خلاف ستن بالن تي 17 رنسون ٺاهيون جڏهن ته سڪندر رضا جي هڪ ئي اوور ۾ چار چوڪا به لڳايا.
کٻي هٿ واري بيٽسمين ميچ جي ٽئين اوور ۾ ٽي ٽويني جي مڃيل فاسٽ بالر شاهين شاه آفريدي جي بال تي به هڪ شاندار اسٽريٽ بائونڊري لڳائي.
صائم جي جارحانه اننگز تي ٽوئٽر صارفين کيس ساراهي رهيا آهن.
احمر ستي نالي جي ٽوئٽر صارف لکيو آهي ته صائم سولائيءَ سان شاهين ۽ حارث جي بالن تي کيڏي رهيو هو، جيڪو سندس بيٽنگ جي صلاحيت جو اظهار آهي. سندس بقول، شاهين جي خلاف ان انداز ۾ کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪرڻ وارو اهڙو بيٽسمين ٻيو ڪو ڏيکاريو.
سعد نالي هڪ ٽوئٽر صارف چيو ته ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ صائم کي اوپنر کيڏائي حارث کي بچائي ورتو جنهن شروع ۾ سونگ بالنگ جي خلاف کيڏڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪئي.
اوپنر جي طور تي کيڏائڻ جي ڪپتان جي فيصلي تي صائم شاندار بيٽنگ ڪئي. بابر اعظم ۽ صائم لاهور قلندرز جي خلاف پهرين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 107 رنسون ٺاهيون.
صائم جي ساراه ۾ ايسيتائين لکيو ويو ته 20 سالن جي نوجوان بيٽسمين حارث رئوف جي پهرين ئي بال تي ڇڪو لڳايو.
ڪرڪيٽ جي هڪ ٽوئٽر پيج صائم جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهين ۽ راشد خان صائم کي ساراهي رهيا آهن.
ٻئي ٽوئٽر صارف تبصرو ڪيو ته ’’ڇا ته ٽيلينٽ آهي’’.