پشاور هائي ڪورٽ اڳوڻن قبائلي علائقن جي ايف سي آر ٽربيونل پاران ٻڌايل 11 فيصلن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ٻيهر ٽربيونل جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.
انهن اپيلن ۾ ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ جي اپيل به شامل آهي جنهن مبينا طور القاعده جي سربراه اسامه بن لادن جي نشاندهي ڪئي هئي.
پشاور هائي ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اھو فيصلو درخواست گزار صحبت خان جي اپيل تي خميص ڏينهن ٻڌايو.
صحبت خان اڳوڻي قبائلي علائقي جي انتظاميه طرفان کيس فرنٽيئر ڪرائمز ريگيوليشن (ايف سي آر) تحت ڏنل سزا کي چيلينج ڪيو هو.
عدالت صحبت خان کان سواءِ 106 ٻين اپيلن جي نظرثاني ۽ ٻڌڻي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ ايف سي آر ٽربيونل ٻيهر ٺاھڻ جي هدايت ڪئي. انھن اپيلن ۾ شڪيل آفريدي جي اپيل پڻ شامل آھي.
شڪيل آفريدي اڳوڻي قبائلي علائقي خيبر جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي فيصلي خلاف هائي ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ھئي.
پشاور هائي ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف خيبرپختونخواه حڪومت اڃا تائين ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي ڀاءُ جميل آفريدي عدالتي فيصلي تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته اھا عجيب ڳالهه آهي ته قبائلي علائقن جو جڏھن وجود ئي ناهي ته پوءِ انهن جو عدالتي نظام يا ايف سي آر ٽربيونل ڪيئن ٺهندو ۽ ڇا سندن فيصلا قابلِ عمل هوندا.
هن چيو ته ڊاڪٽر شڪيل گزريل 12 سالن کان بي ڏوھي ھوندي به سزا ڀوڳي رھيو آھي. کيس سندس جائز انساني، قانوني ۽ آئيني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي.
شڪيل آفريدي کي پاڪستان جي ڳجهن ادارن 23 مئي 2011 تي اٽڪ مان گرفتار ڪيو هو. سال کانپوءِ کيس قبائلي علائقي خيبر جي تحصيل باڙه جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي آفيس ۾ پيش ڪيو ويو ۽ مٿس الزام هنيو ويو ته ھن پابندي مڙهيل تنظيم لشڪرِ اسلام جي مدد ڪئي آهي.
ان ڏوهه ۾ کيس 33 سال قيد ۽ ٽي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
ھائي ڪورٽ خميص تي پنهنجي فيصلي ۾ 95 سول ۽ فوجداري ڪيس ضلعي پراسيڪيوٽر آفيسرن کي واپس موڪليا ۽ حڪم ڏنو ته قبائلي علائقن جي اڳوڻن عملدارن جي فيصلن خلاف اپيلون ٻيھر ٻڌيون وڃن.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينيئر وڪيل طارق افغان ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته قبائلي علائقن کي خيبرپختونخواه ۾ گڏائي ڇڏڻ کانپوءِ ھاڻ ايف سي آر ٽربيونل به موجود ناهي، پر هاڻي هائي ڪورٽ 106 ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ صوبائي حڪومت کي ٽربيونل بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته اڪثر فيصلن ۾ جوابدارن يا متاثرن کي پنھنجي دفاع جي حق کان محروم رکيو ويو، انھيءَ آڌار تي ھائي ڪورٽ جي فيصلي ۾ جوابدارن يا متاثرن جي ان حق کي مڃيو ويو آھي.
ياد رهي ته 1901 ۾ برطانيه جي سرڪار ھاڻوڪي خيبرپختونخواه (اتر اولهه سرحدي صوبي) جي قيام سان گڏ افغانستان سان لڳ قبائلي علائقن ۾ ايف سي آر قانون لاڳو ڪيو هو، جنهن تحت قبائلي علائقن جي انتظامي آفيسرن کي وڏي پيماني تي اختيار حاصل ھيا.
انهن ڏينهن جا اختياريءَ وارا بنا ڪنهن ڏوهه جي فقط شڪ جي بنياد تي قبائلي علائقن جي ماڻهن کي سالن تائين جيلن ۾ قيد رکي سگهندا هيا.
(پشاور مان شميم شاهد جي رپورٽ)