رسائی کے لنکس

اسپين: سوڪهڙي جي ڪري نيشنل پارڪ جي جهنگ جا جانور ۽ پکي وٿاڻ مٽائڻ تي مجبور


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ڪو زمانو هو جڏهن اسپين جي ڏاکڻي علائقي جي ’ڊونا وائلڊ لائيف جي لاءِ مخصوص زميني خطي’ ۾ هر سال سيءَ جي مند ۾ پاسي اوسي جي ملڪن ۽ ڏورانهن هنڌن تان پکي پکڻ هتي پهچي ٽڪاءُ ڪندا هيا، اتي اڄ برپٽ جو ڊاڄاريندڙ ڏيک آهي.

ڪنهن زماني ۾ جهنگلي جانورن جو هيءُ علائقو سڄي يورپ ۾ مشهور هيو جتي پاڻي بيٺو هوندو هو ۽ جانور ۽ پکي آزاديءَ سان تڳندا هيا.

ڪيترن ئي سالن کان مينهن نه پوڻ جي ڪري ڊونا وائيلڊ لائيف جي علائقي جي سر سبز زمين ۽ هيٺائون سمورو علائقو سوڪهڙي جي ڪري ’بٺ ۽ بنجر’ ٿي ويو آهي.

جانورن، پکين ۽ مڇين جي سار سنڀال لهڻ واري عملي جي مطابق، پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري دٻڻ جي جاءِ تي پڪي زمين سڪي پهڻ بڻجي چڪي آهي.

هنن چيو آهي ته اسان کي پاڻ ئي يقين نه ٿو اچي ته ڪڏهن هتي سرديءَ جي مند ۾ ٻاهريان مسافر پکي اچي علائقي کي آباد ڪندا هيا.

اطلاعن مطابق، هاڻي اندلس جي قدامت پسند علائقائي حڪومت ڊونا جي پسگردائيءَ جي پنجن مسونسپالٽين جي زمينن کي درياهن جي پاڻو پهچائي آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. سندن خيال ۾ ان کان سواءِ ڪو چاڙهو ڪونهي ۽ ان قدم جي ڪري نيشنل پارڪ جي لاءِ ڪو خطرو درپيش نه ايندو.

ڪڏهن اهو علائقو هيئن هوندو هيو (فائيل فوٽو)
ڪڏهن اهو علائقو هيئن هوندو هيو (فائيل فوٽو)

اربع ڏينهن هتان جي علائقائي حڪومت جي اسيمبليءَ انهن خشڪ زمينن کي زراعت جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي، جنهن کان اڳ ان تجويز تي تفصيلي غور ۽ ويچار ڪيو ويو، جنهن تي مخالف ڌر ناراض آهي.

اهڙي وقت جڏهن اسيمبليءَ ۾ تجويز تي بحث جاري هيو، مخالف ڌر جي اسيمبليءَ جي ميمبر، جنهن جو تعلق ’اندلوسيا پارٽي’ سان هيو، ايوان جي قائد جي خالي سيٽ تي وڃي ان تي ڌوڙ جو ڀريل گلاس اونڌو ڪيو. هن چيو ته هيءَ مٽي نيشنل پارڪ مان آندي وئي آهي. هن الزام مڙهيو ته حڪومت کي وائلڊ لائيف پارڪ جي سار سنڀال ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي.

(هن خبر جو ڪجهه مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG