پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي روايتي مخالف ملڪ، ڀارت کي مذاڪرات جي مشروط پيش ڪش ڪندي چيو آهي ته بامعني ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ضروري آهي ته ڀارت انهن معاملن تي سنجيدگي ڏيکاري جيڪي ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دوريءَ جو باعث بڻيل آهن.
قراقستان جي گاديءَ واري هنڌ، آستانه ۾ ٿيڻ واري ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتماد سازيءَ جي اقدامات جي متعلق سربراهي اجلاس (سيڪا) کي خطاب ڪندي، شهباز شريف چيو ته حقيقت اها آهي ته اڄ ڀارت پنهنجي اقليتن، پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ خود پنهنجي وجود جي لاءِ هڪ خطرو بڻجي چڪو آهي. ان جي باوجود، اسان ڀارت سان خطي ۾ امن، خوش حالي ۽ ترقي جي لاءِ مذاڪرات ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
هلندڙ سال اپريل ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف خطي جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو هيو. ليڪن هيءُ پهريون موقعو آهي جو هن ڀارت کي باضابطه مذاڪرات جي پيش ڪش ڪئي آهي.
پاڪستان جي پاران ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جو پيغام اهڙي موقعي تي ڏنو ويو آهي جڏهن ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ تعلقات 5 آگسٽ 2019 ۾ ڀارت جي طرفان پنهنجي زير انتظام ڪشمير جي خودمختار حيثيت جي خاتمي کان پوءِ تعطل جو شڪار رهيا آهن.
علي فرقان پهنهجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ان کان اڳ گزريل مهيني ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي شهباز شريف ۽ نريندر مودي هڪ ڇت هيٺان موجود هيا پر پاڻ ۾ دعا سلام به نه ڪيو هيائون.
پاڪستان جي وزير اعظم جي پاران خطي جي ملڪن جي اهم فورم تي روايتي مخالف ملڪ ڀارت کي مذاڪرات جي پيش ڪش کي اهميت جي نگاه سان ڏٺو پيو وڃي.
مذاڪرات جي بحاليءَ لاءِ هي سونهري موقعو آهي
خطي جي معاملن تي لکڻ واري نامور ڀارتي صحافي ۽ ’ڪائونسل فار انڊين فارين پاليسي’ جي چيئرمين، ڊاڪٽر وي پي ويدڪ چيو آهي ته شهباز شريف جي هن پيش ڪش جو آڌرڀار ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس ڀاءُ، سابق وزير اعظم نواز شريف ڀارت سان تعلقات ۾ بهتري جي متواتر ڪوششون ڪندا آيا آهن. ليڪن هن چيو ته پاڪستاني قيادت کي اها ڳالهه واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي ته دهشت گرديءَ ۾ سندس ملڪ جو ڪو ڪردار ڪونهي.
هن چيو ته سندس نظر ۾ دهشت گرديءَ ۾ ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان جو وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. ان ڪري، اسلام آباد کي دهشت گرديءَ تي دهليءَ سان وڌيڪ موثر انداز ۾ ڳالهه ڪرڻي پوندي، جيڪا گهٽ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي.
ڊاڪٽر وي پي ويدڪ چيو ته هي هڪ سنهري موقعو آهي ۽ ٻنهين ملڪن کي مذاڪرات جي بحالي جي لاءِ ان موقعي کي ضائع نه ڪرڻ گهرجي ۽ دوستيءَ جو ماحول ٺاهڻ کپي.
پاڪستان پنهنجي موقف ۾ نرمي آندي آهي
ڀارت ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون انجام ڏيڻ واري هڪ اڳوڻي سفارت ڪار، عبدالباسط چيو آهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي ته پاڪستان ڀارت سان مذاڪرات جي ڳالهه ڪئي آهي. البته هن دفعي اسلام آباد پنهنجي پهريان واري پوزيشن ۾ نرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا پنجين آگسٽ جي ڀارتي اقدامات جي واپسيءَ سان مشروط هئي.
هن چيو ته پاڪستان جي طرفان پنجين آگسٽ جي اقدامات جي واپسيءِ جي بجائي سنجيدگيءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ سنجيدگيءَ جو مطلب آهي ته ان کي ڪنهن به نموني سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان جو موقف هيو ته ڀارت سان ڪنهن به سطح تي رابطا انهيءَ صورت ۾ قائم ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن نئين دهلي ڪشمير جي خودمختار حيثيت جي خاتمي جي اقدامات کي واپس وٺندو.
عبدالباسط چيو ته پاڪستان جي هر هر مذاڪرات جي پيش ڪش کي ڀارت ڪمزوري سجهندو آهي ۽ ان کي به رعايت خيال ڪندو آهي. هن چيو ته ڀارت جي اها پراڻي حڪمت عملي رهي آهي ته ڪشيدگيءَ کي هوا ڏني وڃي ۽ مذاڪرات ۾ الجهايو وڃي ۽ انهي ڳالهه ٻولهه مان اڄ تائين ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو آهي.
پاڪستان جي پيش ڪش تي ڀارت جو ردعمل
پاڪستان جي پاران مذاڪرات جي ذريعي مسئلن جي حل جي پيش ڪش تي ڀارت جي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير، ميناڪشي ليکيءَ’سيڪا’ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان سميت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان معمول جي تعلقات جو خواهش مند آهي. ليڪن ان جي لاءِ ضروري آهي ته اسلام آباد سرحد پار دهشت گرديءَ کي روڪي.
ڊاڪٽر ويدڪ چيو ته ڀارت جي وزير مملڪت جي بيان جي باوجود شهباز شريف کي مذاڪرات جي ڳالهه جاري رکڻ کپي. هن چيو ته ڀارت ۾ به مضبوط آواز آهن جيڪي ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلن جو حل چاهن ٿيون ۽ انهن پنهنجو دٻاءُ جاري رکيو آهي.
هلندڙ سال اپريل ۾ شهباز شريف جي وزير اعظم منتخب ٿيڻ تي ڀارتي هم منصب نريندر مودي۽ کيس ٽوئيٽ ۽ بعد ۾ هڪ خط جي ذريعي مبارڪ باد ڏني ھئي ۽ چيو ھو تھ ڀارت خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواھش مند آھي.
وزير اعظم شھباز شريف پنھنجي مبارڪ باد جي پيغام ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ھو تھ پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ تعاون تي مبني تعلقات چاھي ٿو.
نريندر موديءَ کي لکيل خط ۾ ھن چيو ھو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ڪشمير سميت سڀني تنازعن تي بامقصد مذاڪرات جي ذريعي ئي حل ڪري سگھجي ٿو.