رسائی کے لنکس

چونڊون پوئتي ٿيڻ جو ڪيس: قوم فل ڪورٽ جو فيصلو مڃيندي، شهباز شريف


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي اليڪشن پوئتي ڪرڻ جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ جو اجلاس گهرائڻ گهرجي ها، قوم فل ڪورٽ جو فيصلو ئي تسليم ڪندي.

قومي اسمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن پوئتي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ واري بينچ تي حڪومت ۾ شامل سمورين جماعتن عدم اعتماد ظاهر ڪيو آهي. چيف جسٽس کي ان ڳالهه جو خيال ڪرڻ کپي ۽ ان معاملي تي فل ڪورٽ جو اجلاس سڏائڻ گهرجي.

عدالت جو فيصلو محفوظ ڪرڻ جي طرف اشارو ڪندي، هن چيو ته اهم معاملي تي ٽه رڪني بينچ جو فيصلو ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي.

وزير اعظم اهو اعلان به ڪيو ته چيف جسٽس فل ڪورٽ جو اجلاس سڏائي ته ان جو ڪيل فيصلو قوم جي لاءِ قابل قبول هوندو.

خيال رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسمبليءَ جي چونڊن کي ملتوي ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي قدم جي ڪيس کي ٻڌي مڪمل ڪيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ اعلان ڪيو ته ان ڪيس جو فيصلو اڱاري ڏينهن ٻڌايو ويندو.

قومي اسمبليءَ ۾ خطاب دوران وزير اعظم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته چيف جسٽس کان پڇڻ چاهيان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج تي انتهائي سخت الزام لڳا آهن، کيس گڏ وهاري ڪيس کي ٻڌو پيو وڃي. چيف جسٽس اهڙي قدم ذريعي قوم کي ڇا پيغام ڏيڻ گهري ٿو.

وزير اعظم چيو ته چيف جسٽس هڪ اهڙي شخص کي گڏ وهاريو جنهن تي ڪرپشن جا سنگين الزام لڳل آهن. چيف جسٽس جي ان قدم سان دنيا کي ڇا پيغام ملي رهيو آهي، ڇو ته سپريم ڪورٽ انصاف ڏيندڙ اعليٰ ترين فورم آهي.

واضح رهي ته گزريل مهيني جي شروع ۾ مسلم ليگ (ن) جي پنجاب جي وڪيلن جي فورم سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقويءَ جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي. شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جسٽس مظاهر علي نقوي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان جي ڪري هن جي خلاف آئين هيٺ ڪاروائي ڪئي وڃي.

شهباز شريف سياسي رهنمائن تي ڪيل تنقيد جو به جواب ڏنو ته هي ٻٽو معيار نه هلندو.

وزير اعظم تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تي به تنقيد ڪئي ۽ ان تي الزام لڳايو ته هن ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪرايو. شهباز شريف چيو ته اڃان به وقت آهي ته صحيح فيصلا ڪيا وڃن ڇو ته ائين نه ٿئي ته تاريخ ۾ ان فيصلي کي سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيو وڃي.

شهباز شريف کان اڳ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ به قومي اسمبليءَ ۾ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ سپريم ڪورٽ کي تنقيد جو نشانو بنايو.

هن چيو ته عدالت جي پاران حڪومت کي چيو پيو وڃي ته سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ ويچار جو رستو ڪڍي جڏهن ته عدالت کي پنهنجو هائوس ’ان آرڊر’ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

XS
SM
MD
LG