رسائی کے لنکس

چونڊن جي تاريخ پوئتي ڪرڻ جي ڪيس جو فيصلو اڱاري تي ٻڌائڻ جو اعلان


سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبليءَ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي قدم تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال اعلان ڪيو آهي ته ان ڪيس جو فيصلو اڱاري ڏينهن ٻڌايو ويندو.

ان کان اڳ سومر ڏينهن ٻڌڻيءَ جي شروعات تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالتي رڪارڊ مطابق ڪنهن جج سماعت کان معذرت نه ڪئي آهي. ڪنهن جج کي بينچ مان نه ڪڍيو ويو آهي نه ئي ڪو رضاڪارانه طور الڳ ٿيو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي ٻڌو.

سومر ڏينهن ڪيس کي ٻڌڻ دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ٽه رڪني بينچ تي اعتراض واريندي، عدالت کي گزارش ڪئي ته رولز تيار ٿيڻ تائين ڪيس کي نه ٻڌو وڃي، جنهن تي بينچ ۾ شامل جسٽس اعجاز الحسن چيو ته آئيني درخواست جا قاعدا ٺهيل آهن ته ڪاروائي ڪيئن پوئتي ڪيون؟

اٽارني جنرل دليل ڏنو ته جيڪي جج معاملي جي ٻڌڻيءَ جو حصو نه رهيا آهن انهن تي مشتمل بينچ ٺاهي وڃي ۽ 2-3 ۽ 3-4جو فيصلو باقي ٻن ججن کي ڪرڻ ڏنو وڃي.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇا ڪئي ته 27 فيبروريءَ تي نون ججن جو حڪم نامو ڏيکاري ته بينچ منجهان ڪير الڳ ٿيو آهي. عدالتي رڪارڊ مطابق ڪنهن جج ڪيس ٻڌڻ کان انڪار نه ڪيو آهي ۽ نون ميمبرن چيف جسٽس کي معاملو موڪليو آهي.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته جيڪڏهن لارجر بينچ جي نڪتي تي دليل ڏيڻ گهري ته ضرور ڏئي جنهن تي منصور عثمان اعواڻ چيو ته هو اڳتي ڪاروائيءَ دوران ان تي دليل ڏيندو.

اٽارني جنرل جي متفرق درخواست

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پاران سومر تي وفاقي حڪومت جي هڪ درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ عدالت کان تحريڪ انصاف جي درخواست مسترد ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عدالت اها درخواست ٻڌڻ به چاهي تي ته چيف جسٽس جي اڳواڻيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ان معاملي کي نه ٻڌي بلڪه انهن ججن تي مشتمل بينچ ٺاهي وڃي جيڪي اڃان تائين ان معاملي جي ٻڌڻيءَ ۾ شامل نه رهيا آهن.

چيف جسٽس چيو ته سربمهر لفافن ۾ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. جائزو وٺي مواد واپس ڪنداسين. ڪو سوال ٿيو ته ان جو جواب توهان کان وٺنداسين. توهان چاهيو ته جواب لکت ۾ به ڏئي سگهون ٿا.

خيال رهي ته اليڪشن التوا ڪيس ٻڌڻ وارو سپريم ڪورٽ جو بينچ ٻه ڀيرا تحليل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ٽه رڪني بينچ ان معاملي جي سماعت ڪري رهيو آهي.

حڪمران اتحاد جو مطالبو آهي ته ٻنهي صوبن ۾ چونڊن ۾ دير جي معاملي جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جو فل بينچ ڪندو ته جيئن گڏيل سوچ اڳيان اچي سگهي.

اسلام آباد کان وائس آف آمريڪا جي نمائندي علي فرقان مطابق وزير اعظم شبهاز شريف مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽيءَ جو مک اجلاس پارليامنيٽ هائوس ۾ گهرايو آهي.

سومر جي منجهند هڪ بجي ٿيڻ واري اجلاس ۾ وزير اعظم پارليامينٽ جي ميمبرن کان سندن رائي پڇندو ۽ ايندڙ حڪمت عمليءَ تي صلاح مشورو ڪندو.

پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.

XS
SM
MD
LG