پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ وزير اعظم شهباز شريف کي چيو آهي ته هو تعلق رکندڙ اختياريءَ وارن کي هدايت جاري ڪري ته اهي وقت سر چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن.
جمعي تي صدر ان حوالي سان وزير اعظم جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته عدالت جي توهين سميت ٻين ڏکيائين کان بچڻ جي لاءِ وزير اعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ اختياريءَ وارن کي چوي ته اهي اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن.
صدر پنهنجي خط ۾ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين ان ڳالهه جو پابند ڪري ٿو ته اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن.
عارف علويءَ پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته بظاهر ائين ٿو لڳي ته وفاقي حڪومت ۽ نگران حڪومتون تعلق رکندڙ اختياريءَ وارن کي چيو آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪن.
صدر چيو ته نگران حڪومتن جي اها ذمي داري آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن کي گهربل وسيلا فراهم ڪن. بظاهر ائين ٿو لڳي ته وفاقي ۽ صوبائي انتظاميا اليڪشن ڪميشن سان تعاون نه ڪري آئين جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ 30 اپريل تي ٿيڻ واريون چونڊون ملتوي ڪري سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
خيال رهي ته پاڪستان جي صدر وزير اعظم کي پنهنجو خط اهڙي وقت لکيو آهي جڏهن اربع تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ 30 اپريل تي شڊول ٿيل چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورت حال ۽ ٻين انتظامي مسئلن جي ڪري 30 اپريل تي اليڪشن ڪرائڻ ممڪن ڪونهي.
تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گورنر خيبرپختونخوا جو به اٺين آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط
خيبرپختونخوا جي گورنر حاجي غلام عليءَ به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورت حال کي ڏسندي صوبي ۾ به عام چونڊون اٺين آڪٽوبر تي ڪرايون وڃن.
گورنر خيبرپختونخوا چيو آهي ته جهڙيءَ ريت پنجاب ۾ چونڊن جي شڊول کي بدلايو ويو آهي، ساڳيءَ ريت خيبرپختونخوا ۾ به چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيون وڃن.
ان کان اڳ خيبرپختونخوا جي گورنر صوبي ۾ عام چونڊن جي لاءِ 28 مئي جي تاريخ ڏني هئي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي لکيل خط ۾ گورنر خيبرپختونخوا چيو آهي ته صوبي ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي. فوجي قافلن کي نشانو بنايو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس تي حملن جو سلسلو به جاري آهي.