رسائی کے لنکس

ضمني چونڊون، پنجاب ۾ بظاهر تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾


پنجاب ضمني چونڊون. 17 جولائي 2022.
پنجاب ضمني چونڊون. 17 جولائي 2022.

پنجاب اسمبليءَ جي 20 سيٽن تي ٿيڻ وارين ضمني چونڊن ۾ غيرسرڪاري نتيجن مطابق تحريڪ انصاف جي صوبي ۾ حڪومت تشڪيل ڏيڻ ۽ اسپيڪر پرويز الاهيءَ جي بطور نئين قائد ايوان بنجڻ جي راه هموار ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ خالي ٿيڻ وارين 20 سيٽن تي آچر ڏينهن ضمني انتخابات ٿيا جن جي سرڪاري نتيجي جو اعلان اڃان ٿيڻو آهي. ليڪن، غير سرڪاري نتيجن مطابق تحريڪ انصاف 15 سيٽن تي جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) چئن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي ورتي آهي.

ضمني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق، تحريڪ انصاف لاهور مان ٽي، جهنگ مان ٻه، خوشاب، بکر، فيصل آباد، شيخوپوره، ساهيوال، ملتان، لوڌران، مظفرگڙه، ليه ۽ ڊيره غازي خان جي هڪ هڪ سيٽ تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

اهڙيءَ طرح، مسلم ليگ (ن) لاهور، راولپنڊي ۽ مظفرگڙه جي هڪ هڪ سيٽ سميت بهاول نگر جي واحد سيٽ تان ڪامياب ٿي، جڏهن ته پي پي لوڌران فائيو تي آزاد اميدوار رفيع الدين بخاري ڪاميابي حاصل ڪئي.

غير سرڪاري نتيجن کان پوءِ هاڻي پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي سيٽن جو تعداد 178 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ق) جون 10 سيٽون ملايون وڃن ته 371 جي ايوان ۾ ان اتحاد وٽ 188 سيٽون ٿي ويون آهن.

ٻئي پاسي، مسلم ليگ (ن) ۽ سندس اتحادين وٽ پنجاب ۾ ڪل 175 سيٽون آهن، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جون 167، پيپلز پارٽيءَ جون ست ۽ راه حق پارٽيءَ جي هڪ سيٽ آهي، جڏهن ته ڇهه آزاد اميدوار آهن.

مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف جي اتحاد سميت آزاد اميدوارن کي ملائي پنجاب اسمبليءَ ۾ ڪل انگ 369 ٺهي ٿو، جڏهن ته ٻه سيٽون مسلم ليگ (ن) جي منحرف ارڪان جي استعفائن کان پوءِ خالي ٿيون آهن.

پي ٽي آئي کي حڪومت سازيءَ لاءِ گهربل انگ حاصل ٿي ويو

پنجاب ۾ حڪومت سازيءَ لاءِ ڪنهن به سياسي جماعت کي ايوان ۾ 187 سيٽون گهرجن. تحريڪ انصاف جي اتحاد 188 سيٽن سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل هدف حاصل ڪري ورتو آهي.

چيئرمين تحريڪ انصاف، عمران خان پارٽيءَ جي ڪور ڪاميٽيءَ جو اجلاس سومر ڏينهن شام جو سڏايو آهي، جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عمليءَ تي صلاح مشورو ڪيو ويندو.

پي ٽي آئي جي سيڪريٽري جنرل، اسد عمر جو چوڻ آهي ته 22 جولائي تي وزير اعلي لاءِ ٿيندڙ چونڊ ۾ پرويز الاهي سولائيءَ سان کٽي ويندو.

اسد عمر چيو آهي ته شهباز شريف هاڻي مرڪز ۾ وزير اعظم جي حيثيت ۾ رهندو جڏهن ته صوبن ۾ ٻين سياسي پارٽين جي حڪومت هوندي، ان لاءِ هاڻي فوري انتخابات پي ٽي آئي کان وڌيڪ مسلم ليگ (ن) جي ضرورت آهن.

واضح رهي ته مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر، مريم نواز آچر جي رات ئي چونڊن ۾ هار مڃي ورتي هئي.

مريم نواز هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن) کي کليءَ دل سان نتيجن کي تسليم ڪرڻ کپي. عوام جي فيصلي آڏو منهن جهڪائڻ کپي. سياست ۾ هار ۽ کٽ ٿيندي رهندي آهي. دل وڏو ڪرڻ کپي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جتي جتي ڪمزوريون آهن انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي دور ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي.

اڳتي وڌڻ جو واحد رستو منصفانه چونڊون

ضمني چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کي ڏسندي، پنهنجي نياپي ۾، عمران خان چيو آهي ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو قابل اعتماد اليڪشن ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ آزاد ۽ منصفانه چونڊون ڪرائڻ جو انتظام ڪرڻ آهي.

هن چيو ته منصفانه چونڊن کان هٽي ٻيو ڪو رستو موجود ڪونهي، جڏهن ته ٻيو رستو غير يقيني ۽ معاشي افراتفريءَ جي راه ڏانهن ويندو.

عمران خان پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ووٽرن نه صرف مسلم ليگ (ن) جي اميدواران کي بلڪه، سندس چواڻي، رياستي مشينريءَ، پوليس جي ڪارواين ۽ متعصب اليڪشن ڪميشن کي شڪست ڏني آهي.

XS
SM
MD
LG