رسائی کے لنکس

اين اي 193 جي چونڊ ۾ پي ٽي آئي جو اميدوار کٽي ويو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

قومي اسيمبليءَ جي ضلعي راجن پور جي حلقي اين اي 193 جي ضمني چونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جو اميدوار محمد محسن خان لغاري کٽي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن مطابق 11 اميدوار ميدان ۾ هيا.

ڪميشن پاران جاري ڪيل فارم 47 ۾ موجود سرڪاري طور تي نه ٿيل اعلان مطابق، تحريڪ انصاف جي اميدوار محمد محسن لغاريءَ 90،392 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سندس مقابلو ڪندڙ سمورا اميدوار مجموعي طور تي 83،318 ووٽ حاصل ڪري سگهيا.

غير حتمي نتيجن مطابق، پيپلز پارٽيءَ جي اختر حسن خان گورچاڻي 20،074، مسلم ليگ (ن) جي عمار احمد خان لغاريءَ 55،218 ووٽ ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي اميدوار محمود احمد 3961 ووٽ حاصل ڪيا. اهڙيءَ ريت پنجن آزاد اميدوارن مجموعي طور تي 4321 ووٽ حاصل ڪيا.

مبصرن جي راءِ ۾ اين اي 193 جي تازي ضمني چونڊ جو نتيجو پاڪستان جي وڏين سياست جماعتن جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس هيو، جنهن ۾ تمام وڏين سياسي جماعتن اميدوار بيهاريا هيا.

مڪاني صحافي ۽ مصنف ملڪ سراج احمد جي مطابق، هي نتيجو غير متوقع نه هيو ڇو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ الڳ الڳ اميدوار ميدان ۾ لاٿا هيا جنهن جي ڪري علائقي ۾ اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي ته پي ٽي آئي هيءَ سيٽ سولائيءَ سان کٽي ويندي.

سندن چوڻ موجب، خيال ڪيو پئي ويو ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ جا الڳ الڳ اميدوار نه هجن ها ته ان سيٽ تي پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آئي جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿئي ها.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، ملڪ سراج احمد چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۽ راجن پور جي تازي ضمني انتخاب هڪ ’ٽرننگ پوائنٽ’ هيو جنهن ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏين سياسي پارٽين جي اميدوارن حصو ورتو.

ملڪ سراج مطابق، هن علائقي ۾ مزاري، دريشڪ، گورچاڻي، لغاري، کوسا، لونڊ، بوزدار، کيتراڻي ۽ کيتران سردار رهندا آهن.

XS
SM
MD
LG