روس جي صدر ولاديمير پوٽن اڱاري جي ڏينھن يوڪرين ۾ قبضو ڪيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ فوجي ڪمانڊرن کان جنگ جي تازي صورتحال تي بريفنگ ورتي.
خبرن جي اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس موجب روس جي صدارتي آفيس صدر پوٽن جي دوري جي هڪ وڊيو جاري ڪئي جيڪا سرڪاري ٽي وي چينل تي نشر ڪئي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صدر پوٽن ڏکڻ خرسون واري علائقي ۾ قائم ڪيل روسي فوج جي ھڪ ڪمانڊ پوسٽ جو دورو ڪري رهيو آهيهن وڊيو موجب صدر پوٽن هيلي ڪاپٽر ذريعي فوجي هيڊڪوارٽر پهتو، جتي هن اعليٰ فوجي قيادت کان جنگ جي تازي صورتحال بابت بريفنگ ورتي، جنھن کان پوءِ ھو هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ چڙھي اوڀرندي علائقي لوهانسڪ پھتو ۽ نيشنل گارڊ جي ڪمانڊرن سان ملاقات ڪيائين.
پوٽن پاران يوڪرين ۾ قبضو ڪيل علائقن جو ٻن مھينن اندر ھي ٻيو دورو آهي، جيتوڻيڪ سندس دوري بابت جاري ٿيل وڊيو جي آزاد ذريعن سان تصديق نه ٿي سگهي آھي.
روس گذريل سال سيپٽمبر ۾ يوڪرين جي علائقن خرسون، لوھانسڪ، ڊونيٽسڪ ۽ زاپورزيا تي قبضو ڪيو ھو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ قبضي کي رد ڪندي ان کي غير قانوني قرار ڏئي چڪا آهن.
پوٽن اھو دورو اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن يوڪرين پنهنجن علائقن تان روسي قبضو ڇڏائڻ لاءِ جوابي ڪاروائي جي تياري ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته يوڪرين جي اوڀرندن علائقن خاص ڪري باخموت ۾ يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ تيز ٿي وئي آهي.
يوڪرين جي قومي سلامتي واري سيڪريٽري اوليڪسو ڊينيلو، ايسوسي ايٽڊ پريس سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته روسي فوج تي حملي لاءِ اتحادي ضروري سامان ۽ گولا بارود ذريعي مدد فراهم ڪري رهيا آهن.
هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته يوڪرين پنهنجن علائقي تان روس جو قبضو ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
ياد رهي ته روس جي يوڪرين تي حملي کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. ان جنگ دوران ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کي وڏو جاني توڙي مالي نقصان پھچائڻ جا دعويٰ ڪنديون پيون اچن.
(هن خبر ۾ شامل ڪجھ معلومات خبرن جي اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)