آمريڪي فوج چيو آهي ته هڪ روسي ويڙهاڪ جهاز اڱاري ڏينهن ڪاري سمونڊ جي مٿان فضائي حدن ۾ اڏام ڀرڻ واري انٽيلي جينس ۽ نگرانيءَ متعلق هڪ آمريڪي ڊرون سان ٽڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرون ڪري تباه ٿي ويو.
هڪ آمريڪي فوجي اهل ڪار وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته بنان پائليٽ جي ڊرون يو ايس ايم ڪيو-9 جو اڃان تائين ڪو پتو نه لڳو آهي.
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائيس چيو آهي ته آمريڪا ان واقعي تي روسي سفير کي سڏائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ’’اسان هن غير محفوظ، غير پيشه ورانه مداخلت تي، جنهن جي ڪري بغير پائليٽ جي آمريڪي ڊرون کي ڪيرايو ويو، پنهنجو سخت اعتراض پهچائڻ جي لاءِ، هڪ ڀيرو وري اعليٰ سطح تي، روسين سان گڏ براه راست ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون’’.
هن وڌيڪ چيو ته روس ۾ آمريڪي سفير لين ٽريسي روسي پرڏيهي وزارت کي سخت پيغام پهچايو آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربيءَ مطابق، آمريڪي صدر جو بائيڊن کي ان واقعي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي آهي.
ڪربي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ’’جيڪڏهن (روس جي طرفان) پيغام اهو آهي ته هو اسان کي بحيره اسود جي مٿان بين الاقوامي فضائي حدن ۾ اڏام ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ گهري ٿو ته اهو پيغام ناڪام ٿي ويندو ڇو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي’’.
سندس بقول، ’’اسان بين الاقوامي پاڻيءَ مٿان بين الاقوامي فضائي حدن ۾ پرواز ۽ ڪم جاري رکنداسين. ڪارو سمونڊ ڪنهن هڪ ملڪ جو ناهي ۽ اسان دنيا جي ان حصي ۾ پنهنجي قومي سلامتيءَ جي مفادن جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي اهو ڪنداسين’’.
يو ايس يورپي ڪمان، جيڪا يورپ ۾ آمريڪي فوجي ڪاروائين جي نگراني ڪندي آهي، ٻه روسي ايس يو 27 جهازن ’ايم ڪيو-9 جي سامهون تيل اڇلايو ۽ غير ذمي دارانه انداز ۾، ماحول سان مناسبت نه رکڻ واري، غير پيشه وارانه انداز ۾ پرواز ڪئي’’.
’’روسي ايس يو 27 جهازن منجهان هڪ ايم ڪيو-9 جي پکي سان ٽڪرايو، جنهن جي ڪري آمريڪي فوج کي ايم ڪيو-9 کي بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ هيٺ آڻڻو پيو’’.
يورپي ڪمان وڌيڪ چيو ته اهو واقعو غير محفوظ ۽ غير پيشه ورانه کان علاوه اهليت جي ڪميءَ کي به ظاهر ڪري ڪري ٿو.
آمريڪي فضائيه جي جنرل، جيمز بي بيڪر، ڪمانڊر ’يو ايس ايئر فورس يورپ ۽ ايئر فورس آفريقه هڪ پريس رليز ۾ چيو آهي ته ان تصادم جي ڪري ٻئي جهاز ڪرڻ وارا هيا.
يورپي ڪمان روسي فوج کان مطالبو ڪيو آهي ته هو’’پيشه ورانه ۽ محفوظ طريقي سان’’ ڪم ڪري ۽ چتاءُ ڏنو ته ان قسم جون ڪاروائيون ’’خطرناڪ آهن ۽ اندازن جي غلطي ۽ غير ارادي تصادم جو باعث بڻجي سگهن ٿا’’.
(وي او اي نيوز)