رسائی کے لنکس

ايران ۽ سعودي عرب جو سفارتي ناتا بحال ڪرڻ جو اعلان


ستن ورهن تائين سفارتي ناتا ٽٽل رهڻ کان پوءِ، ايران ۽ سعودي عرب تعلقات بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق هن پيش رفت جو اعلان ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ بيجنگ ۾ چئين ڏينهن کان جاري سيڪيورٽي عهديدارن جي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ڪيو ويو. انهن مذاڪرات ۾ چين ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو.

ان سلسلي ۾ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ معاهدو به طئي ٿيو جنهن کان پوءِ هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو.

معاهدي تي ايران جي پاران سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي شامخاني جڏهن ته سعودي عرب جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار مساعد بن محمد العبيان صحيون ڪيون.

مذاڪرات کان پوءِ جاري ٿيڻ واري اعلان ۾ چيو ويو آهي ته تهران ۽ رياض سفارتي ناتن بحال ڪرڻ تي مففق ٿي ويا آهن ۽ ٻن مهينن اندر سفارت خانا کولهڻ سميت ٻيا معامله پڻ طئي ٿي ويندا.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي داخلي سلامتيءَ، خودمختياريءَ ۽ اندروني معاملن ۾ دخل اندازيءَ کان پاسو ڪن.

ٻنهي ملڪن 2001 ۾ طئي ٿيڻ واري سيڪيورٽي سهڪار جي معاهدي کي بحال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته تازي پيش رفت کان پوءِ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سرمايه ڪاريءَ متعلق ٻه طرفا معاهدا به بحال تصور ڪيا ويندا.

سعودي عرب ۽ ايران ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ تي چين جو ٿورو مڃيو، جڏهن ته ان کان اڳ 2021 ۽ 2022 ۾ مذاڪرات جي لاءِ سهولت ڪاري ڪرڻ وارن ملڪن عمان ۽ عراق جي ڪوششن کي به ساراهيو.

رائيٽرز مطابق، چين جي پرڏيهي ناتن جي وزارت ان باري ۾ هينئر تائين ڪو باضابطه رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي.

وائيٽ هائوس ۾ نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيڻ واري معاهدي کان آگاه آهي ۽ يمن ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ساراهي ٿو.

شيعه عالم دين، النمر کي سزا ڏيڻ جي معاملي تي ايران ۾ شديد احتجاج ٿيو هو
شيعه عالم دين، النمر کي سزا ڏيڻ جي معاملي تي ايران ۾ شديد احتجاج ٿيو هو

خيال رهي ته ويجهن سالن دوران ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ يمن جي معاملي تي ٿيندڙ ويڙهه مشرق وسطيٰ ۾ ڇڪتاڻ جو محور رهي. سعودي عرب جو موقف هو ته ايران يمن ۾ حوثي باغين کي سعودي عرب جي خلاف استعمال ڪري رهيو آهي.

ٻئي طرف، ايران پنهنجي سفارتي اڪيلائپ جي لاءِ رياض پاران اولهندي ملڪن ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان ملي ڪيل ڪوششن کي ذمي دار قرار ڏئي رهيو هو.

ماهرن جي مطابق، ٻئي ملڪ شام سميت مشرق وسطيٰ جي ٻين ملڪن ۾ به هڪ ٻئي جي خلاف ’پراڪسي’ جنگ جو حصو رهيا آهن.

سعودي عرب 2016 ۾ ايران سان ان وقت سفارتي ناتا ختم ڪيا جڏهن سعودي عرب ۾ هڪ شيعه عالم دين کي موت جي سزا ڏيڻ تي تهران ۾ سعودي سفارت خاني تي حملو ٿيو هو.

جنوري 2016 ۾ سعودي عرب ۾ بغاوت ۽ دهشت گرديءَ ۾ مرتڪب قرار ڏنل شيعه عالم نمر النمر جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ان تي ايران ۾ شديد رد عمل سامهون آيو ۽ مڇريل انبوه تهران ۾ سعودي سفارت خاني ۽ مشهد ۾ سعودي قونصل خاني تي چڙهائي ڪئي هئي.

هڪ سينئر ايراني عمل دار رائيٽرز کي ٻڌايو ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي هن معاهدي جي توثيق ڪئي آهي.

عمل دار ٻڌايو ته اهو ئي سبب آهي ته شامخاني سپريم ليڊر جي هدايت تي چين ويو ۽ معاهدي تي صحي ڪئي.

(هن خبر جي لاءِ معلومات خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG