سعودي عرب سومر ڏينهن چيو آهي ته هن پنج ارب ڊالر ترڪيه جي مرڪزي بينڪ ۾ جمع ڪرايا آهن، جنهن جي مدد سان امڪان آهي ته انقره کي پنهنجي ڪمزور ڪرنسي، ليرا کي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي.
گزريل مهيني ترڪيه جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ زلزلو آيو هو، جنهن کان پوءِ ترڪيه جي سڪي جي قدر ۾ تمام گهڻي ڪمي آئي.
سعودي عرب پاران ’ڊپازٽ’ ان ڳالهه جي علامت آهي ته ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ناتا ورهن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ بهتريءَ جي طرف وڌي رهيا آهن. ياد رهي ته استنبول ۾ سعودي قونصل خاني ۾ ’واشنگٽن پوسٽ’ جي ڪالم نويس جمال خشوگيءَ جي 2018 ۾ قتل جي معاملي کان پوءِ تعلقات ۾ ڪافي بهتري آئي هئي.
بعد ۾ ترڪيءَ سعودي عرب، بحرين، مصر ۽ متحده عرب امارات جي طرفان ڪافي سالن کان جاري بائيڪاٽ ۾ قطر جي حمايت ڪئي هئي.
سعودي عرب پاران ’ڊپازٽ’ ممڪنه طور تي هن سال ٿيڻ وارين عام چونڊن کان اڳ ترڪ صدر رجب طيب ايردوان جي شهرت ۾ واڌ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
اهو اعلان سرڪاري سعودي پريس ايجنسيءَ جي هڪ بيان ۾ ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ قدم سعودي عرب ۽ جمهوريه ترڪيه ۽ ان جي ڀائپيءَ واري عوام جي وچ ۾ موجود ويجهي سهڪار ۽ تاريخي تعلقات جو ثبوت پيش ڪري ٿو.
سعودي مملڪت چيو آهي ته اها رقم ترقيءَ جي لاءِ سعودي فنڊ جي مد مان موڪلي وئي آهي.
اهڙي قسم جا ذخيرا بين الاقوامي سطح تي ٻين ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ملڪ جي ڪرنسيءَ جي لاءِ تبادلي جي شرح کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
ترڪيه جي خبرن جي سرڪاري اداري، انادولو ان قدم کي سارهيندي چيو آهي ته هي قدم سعودي عرب جي پاران ترڪ عوام جي لاءِ ٺوس حمايت ۽ ترڪ معيشت جي مستقبل تي ان جي ڀروسي جي عڪاسي ڪري ٿو.
انادولو چيو ته هيءُ معاهدو ترڪيه جي اقتصادي، سماجي ۽ جٽادار ترقيءَ جي حمايت ڪري ٿو. ان ڊپازٽ جو مقصد مختلف شعبن جي معاشي ڏکيائين جي حل ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي برابر آهي.
ترڪيه جي معيشت 6 فيبروريءَ جي زلزلي ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي شديد ’آفٽر شاڪس’ کان اڳ ۾ مهانگائي ۽ ڪمزور ٿيندڙ ليرا جي ڪري اڃان مشڪل ۾ ڦاسي وئي هئي. هڪ سال اڳ هڪ ڊالر 14.26 ليرا ۾ وڪامندو هو جڏهن ته اڄ هڪ ڊالر جي قيمت 18.90 ليرا آهي.
شام ۽ ترڪيه ۾ اچڻ واري زلزلي جي ڪري لڳ ڀڳ 50،000 ماڻهو مري ويا آهن جن ۾ اڪثريت ترڪيه جي ماڻهن جي هئي. ترڪيه ۾ تقريبا 204،000 عمارتون يا ته ڊهي پيون آهن يا انهن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي گهر ٿيا.
ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت گهٽ ٿي جڏهن خليجي عرب رياستن ۾ اهي انديشا پيدا ٿيا ته آمريڪي حمايت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ٻئي پاسي ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ به خطي ۾عدم توازن پيدا ڪري رهي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ متحده عرب امارات خاص طور تي ترڪيءَ کي ويجهو ٿيو آهي، جنهن پوئين ڪجهه سالن دوران ترڪيءَ ۾ تقريبا پنج ارب ڊالر جمع ڪرائڻ ۽ 10 ارب ڊالر جي سيڙپ ڪاري ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي.
ايردوان 2022 ۾ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. سعودي عرب جو تازو اعلان ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار تعلقات جي خوش خبري ٻڌائي رهيو آهي.
(خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)