رسائی کے لنکس

سعودي عرب ۾ خواتين آٽو ورڪشاپس تي ڪم ڪرڻ لڳيون


SAUDI-WOMEN-AUTO-ECONOMY
SAUDI-WOMEN-AUTO-ECONOMY

چار سال اڳ تائين سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ موٽرگاڏي هلائڻ هڪ خواب کان گهٽ نه هو. اتي هاڻي خواتين نه صرف پاڻ گاڏيون هلائي رهيون آهن بلڪه گاڏين جي مرمت به ڪري رهيون آهن. سعودي عرب ۾ ڪئين آٽو ورڪشاپس نئين خواتين ڪارمڪينڪس جي لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي رهيا آهن.

خواتين کي بااختيار بنائڻ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي 2030 جي نصب العين جو مرڪزي عنصرآهي، جنهن جو مقصد تيل تي انحصار ڪرڻ واريءَ معيشت کي مزيد وسعت ڏيڻ آهي.

ملڪ جي ساحلي شهر جده ۾ پيٽرومن ايڪسپريس نالي سان هڪ گيراج ۾ نئين ڀرتي ٿيندڙ خواتين مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هي خواتين نه صرف موٽر گاڏيءَ جو آيل چيڪ ڪنديون آهن بلڪه ان جا ٽائر به تبديل ڪري وينديون آهن. البته قدامت پسند خيال ڪيل هن مسلمان رياست ۾ هڪ اهڙي شعبي ۾ جتي دنيا جي مردن جي بالادستي هجي، خواتين جي اچڻ تي کين گهڻن ئي رڪاوٽون درپيش آهن.

ڪيترين ئي ڪاريگرخواتين خبر رسان اداري، اي ايف پي کي ٻڌايو ته ملازمت جي ابتدائي مهينن ۾ کين خوداعتمادي، مٽن مائٽن جي پاران شڪ ۽ شبها ۽ ڪجه صارفين جي طرفان سخت رويو ڀوڳڻو پوندو هو.

سعودي خواتين جي لاءِ ڪار مڪينڪ جي نئين ملازمت
سعودي خواتين جي لاءِ ڪار مڪينڪ جي نئين ملازمت

نئين ڀرتي ٿيل غامده احمد ماضيءَ کي ياد ڪندي چيو ته هڪ ڪراڙو گيراج ۾ آيو ۽ حڪم ڏنائين ته سموريون عورتون گيراج مان ٻاهر نڪري وڃن. هن چيو ته هو نه ٿو چاهي ته ڪا عورت هن جي گاڏيءَ جي ويجهو وڃي.

غامده کي ڊگهو اوورڪوٽ ۽ هٿن تي سفيد رنگ جا دستانه پاتل هيا، جن تي گريس جا نشان هيا. شروع شروي ۾ اسان تي ڀروسو نه ڪرڻ عام ڳالهه هئي، ڇو ته مان هڪ عورت آهيان ۽ ڪيترا ئي مرد منهنجي ڪم تي ڀروسو نه ڪندا آهن. سندن چوڻ مطابق سالن کان هو مردن کي ئي اهو هم ڪندي ڏسندا آيا آهن تنهن جي ڪري عورتن کي هي ڪم ڪندي ڏسڻ کين لاءِ مشڪل آهي. پر هاڻي هن شعبي ۾ خواتين اچي چڪيون آهن.

ماضيءَ کي ياد ڪندي غامده ٻڌايو ته گيراج تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ گهر واپس ويندي اڪثر منهنجا هٿ سجيل هوندا هيا. مان رئندي ڇوندي هيس ته هيءَ نوڪري منهنجي لاءِ ناهي. ائين لڳندو هيو ڄڻ ان باري ۾ مردن جي ڳالهه درست آهي.

ليڪن جيئن جيئن صلاحيتن ۾ بهتري آئي ته اسان جو اعتماد وڌيو. ان ۾ حوصلا افزائي ڪرڻ وارن ڪسٽمرن به پنهنجو حصو وڌو.

عورتون ڪم سکڻ ۾ دير نه ٿيون لڳائن
عورتون ڪم سکڻ ۾ دير نه ٿيون لڳائن

ڪجه وقت اڳ هڪ شخص آيو ۽ چيائين ته مون کي توهان تي فخر آهي. توهان اسان جي لاءِ اعزاز آهيو. توهان اسان جي سرن جا تاج آهيو.

مڙسن جي رضامندي

جده ۾ خواتين مڪينڪس أي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته هو پنهنجن مڙسن جي رجھامنديءَ کان سواءِ ڪڏهن هي ڪم شروي نه ڪري سگهن هان.

چار ٻارن جي ماءُ ۽ چاليه ورهن جي اولا فلمبان ٻڌايو ته کيس هن ملازمت بابت سوشل ميڊيا تان پتو پيو، جنهن کان پوءِ هن فوري طور تي مڙس رفعت کان پڇيو نه مان ان لاءِ ايپلائي ڪري سگهان ٿي. رفعت نه صرف ان جي اجازت ڏني بلڪه هن مون کي انٽرويوءَ جي تياري ڪرائي ۽ موٽر گاڏيءَ جي اسپيئر پارٽس جا نالا ياد ڪرايا.

رفعت بڌايو ته هاڻي سندس زال کي مختلف ڪارن جو تجربو آهي ته انهن جو تيل ڪينئن تبديل ڪبو ۽ ڪنهن طرح سان گاڏين جي جانچ ڪبي، ايسيتائين جو هوءَ منهنجيءَ گاڏيءَ کي به چيڪ ڪندي آهي.

ٽائر ۾ هوا ڀريندي
ٽائر ۾ هوا ڀريندي

أولا جو چوڻ آهي ته صارفين ڇوڪرين کي هن شعبي ۾ ڪم ڪندي ڏسي حيران ٿيندا آهن ۽ اسان کان پڇندا آهن ته توهان هن شعبي ۾ ڪيئن محنت ڪرڻ لڳيون آهيو. سندس بقول، اهو ئي سڀ کان وڌيڪ پڇيو ويندڙ سوال آهي.

پيٽرومن جي ناعب صدر طارق جاويد چيو آهي ته سندس ڪمپنيءَ کي يقين آهي ته هن قدم جي نتيجي ۾ هاڻي خواتين جي حوصله افزائي ٿيندي ته هو به آٽو انڊسٽريءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ شامل ٿينديون.

ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي تن سندس فراهم ڪيل تربيت آئل، بيٽري، ٽائر، اي سي ۽ آٽو پارٽس سميت سمورين ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪارائتي آهي. سندس چوڻ موجب اسان ڇوڪرين کي سڪون جو احساس ڏياريندا آهيون.

(هن ۾ شامل مواد أي ايف پي تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG