رسائی کے لنکس

سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارت خانا جلد کولڻ تي اتفاق


ايران ۽ سعودي عرب جي اخبارن ۾ ٻنهين مخالف ملڪن جي وچ ۾ ناتا بحال ٿيڻ جون خبرون نمايان طور تي شائع ٿيون
ايران ۽ سعودي عرب جي اخبارن ۾ ٻنهين مخالف ملڪن جي وچ ۾ ناتا بحال ٿيڻ جون خبرون نمايان طور تي شائع ٿيون

سعودي عرب جي سرڪاري خبرن جي اداري، سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) خميص ڏينهن ٻڌايو آهي ته سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود ۽ سندس برابريءَ واري ايراني عهديدار حسن امير عبدالهيان ستت ملاقات ڪرڻ ۽ ناتا بحال ڪرڻ جي معاهدي تحت سفارت خانا ٻيهر کولهڻ جي راه هموار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

هلندڙ مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ايران ۽ سعودي عرب سالن جي مخالفت کان پوءِ ناتا بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.

ان کان اڳ سندن پاڻ ۾ دوري۽ جي ڪري خليج جي علائقي ۾ استحڪام ۽ سلامتيءَ جي لاءِ خطرو پيدا ٿي پيو هو ۽ جنهن جي ڪري وچ اوڀر ۾ يمن کان شام تائين تنازعن کي هوا ڏيڻ ۾ مدد ملي هئي.

سعودي پريس ايجنسيءَ چيو آهي ته ٻنهين وزيرن مسلمانن جي ڀلاري مهيني جي آغاز جي موقعي تي ٽيليفون جي ذريعي ڳالهائيو.

ايران جي سرڪاري خبرن جي ايجنسي (آئي آر اين اي) وڌيڪ چيو ته ٻنهين ملڪن جا پرڏيهي وزير جلد از جلد هڪ ٻئي سان ملاقات ڪرڻ ۽ سفارت خانا ۽ قونصل خانا ٻيهر کولهڻ جي تياري شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ٻنهين علائقائي طاقتن، سني مسلمان سعودي عرب ۽ شيعا مسلمان ايران جي وچ ۾ چين ٽياڪڙ بڻجي معاهدو ڪرايو، جنهن جو اعلان ٻنهين ملڪن جي اعليٰ سيڪيورٽي اختياريءَ وارن بيجنگ ۾ مذاڪرات کان پوءِ ڪيو هو، جنهن جي باري ۾ اڳواٽ ڪجهه نه ٻڌايو ويو هو.

چين جي پاران ٽياڪڙ جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ تي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ چين ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جي ڏيک. 11 مارچ 2023.
چين جي پاران ٽياڪڙ جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ تي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ چين ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جي ڏيک. 11 مارچ 2023.

تجزيه ڪارن چيو آهي ته ڪشيدگيءَ ۾ گهٽتائيءَ جو ٻئي ملڪ فائدو وٺڻ گهرن ٿا، ڇو ته ايران خطي ۾ پاڻ کي اڪيلي ڪرڻ جي آمريڪي ڪوششن سان نبرڻ گهري ٿو، جڏهن ته سعودي عرب اقتصادي ترقيءَ تي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سعودي عرب 2016 ۾ ايران سان ناتا ان وقت منقطع ڪيا جڏهن رياض جي پاران هڪ شيعه عالم کي ڦاسي ڏيڻ تي ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيڻ واري تنازعي دوران تهران ۾ ان جي سفارت خاني تي حملو ڪيو ويو هو.

سعودي عرب جي مملڪت 2019 ۾ پنهنجي تيل جي تنصيبن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملن سان گڏ خليج جي آبي وسيلن تي ٽينڪرن سان حملي جو الزام به ايران تي لڳايو هو. ليڪن ايران انهن الزامن جي ترديد ڪئي هئي.

يمن جي ايراني اتحادي، حوثي تحريڪ به سعودي عرب تي، جيڪو حوثين جي خلاف وڙهڻ واري اتحاد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، سرحد پار ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا ۽ 2022 ۾ هن حملن کي متحده عرب امارات تائين وڌائي ڇڏيو.

(هن خبر جو مواد خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG